تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

پيدا ڪيل ھٿرادو ٻوڏ

سنڌ ھونئن ته قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي پر انھي سان گڏو گڏ سنڌ کي 4 موسمون به نصيب ٿين ٿيون   جيڪي دنيا جي گھڻن ملڪن ۾ ناھن، سنڌ ۾ جتي سدابھار فصل ٿين ٿا پر گذريل 3 سالن کان مسلسل برساتن سبب ميرپورخاص ڊويزن انھن برساتن جو مرڪز بڻجي چڪي آھي، ميرپورخاص ڊويزن ڪاٽن بيلٽ طور سڃاتو وڃي ٿو جنھن ڪري ڪپھه جي وڏي کيپ ھتان تيار ٿي عالمي مارڪيٽ تائين پھچي ٿي پر سانوڻ جون برساتون بدقسمتي سان تڏھن زور وٺن ٿيون جڏھن ڪڏھن ڪپھه جو فصل تياري جي مرحلي ۾ ھجي ٿو، ھتان جا آبادگار 2011ع واري برساتي ٻوڏ جا سور نه وساري سگھيا ته مٿان 2020ع ۾ ٻي برساتي ٻوڏ تباھڪاريون آڻي ڇڏيون آھن. 2020ع جي ٻوڏ ۾ جتي ميرپورخاص ضلعي جا 7 ئي تعلقا متاثر ٿيا اتي سانگھڙ جا 3 تعلقا کپرو، سانگھڙ ۽ سنجھورو به ٻڏي ويا، سنڌ سرڪار 20 ضلعن کي آفت سيٽل قرار ڏنو، تنھن باوجود متاثرن جا سور ساڳيا رھيا، 27 آگسٽ تي آيل برساتي ٻوڏ کي ڪافي ھفتا گذري چڪا آھن، متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، ان جو سبب صرف ھٿرادو ٻوڏ آھي. سنڌڙي تعلقي جو ھنڱورنو شھر ٻڏي ويو ۽ ڪنگھل ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 8 فوٽ کي وڃي لڳي آھي مسلسل کپرو تعلقي جي مجاھد واٽر، کاڻي راڄڙ، لوڻ کاڻ، سيال اسٽاپ، سميت سانگھڙ جي پرونمل، 18 ميل سميت ڀرپاسي جو پاڻي سبزل اسٽاپ وٽان کپرو ،ميرپورخاص روڊ اور ٽاپ ڪندي ڪنگھل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري رھيو آھي جنھن بعد اڳيان ڦلھڏيون ، کپرو روڊ تي ھڪ ئي ڇنڊڻ ھجڻ ڪري ان مان پاڻي جي نيڪال جي سست رفتاري سبب ڪنگھل جي پاڻي ۾ مسلسل چاڙھه بعد ان روڊ سميت ملوڪ پھوڙ ڦلھڏيون روڊ، دولت آباد ملوڪ پھوڙ روڊ سميت 3 ھنڌن تي ڪٽ ڏئي پاڻي کي کرڙو جي ميدان ۾ ڇوڙ ڪيو ويو، مگر تيستائين ديھه سراڙي، ڳيچر، ڪنگھل، ڪنڍير، ڀنوسر مڪمل ٻڏي ويون، سوين ڳوٺ ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھه ٿي ويا، جتان ڪٽ ملڻ بعد پاڻي کاھي طرف پاڻي وڌڻ لڳو ته کاھي دولت آباد روڊ کي به ڪٽ ڏئي پاڻي کي ديھه سامڙجو، ٻارلو سميت ٻين ديھن ۾ ڇوڙ ڪرايو ويو جنھن بعد وري کاھي شاخ ۾ مصطفيٰ آباد وٽان آبپاشي ۽ سياسي ماڻھن جي نااھل پاليسي جي ڪري 2 لفٽ مشيون ھڻي کاھي شاخ ۾ پاڻي ڪڍيو پيو وڃي جيڪو پاڻي پٿورو ڏانھن روانو ڪيو ويو، ٻئي پاسي ھنڱورنو شھر ۽ يوسي اسماعيل ڪنڀار جي ديھه پلنگو، ھنجر، لائق پير ۽ کير ترائي جو پاڻي ڦلھڏيون ڀرسان فيڊر واٽر کي ڪٽ ڏئي ڪنگھل ڍنڍ واري پاڻي سان ملايو ويو جتان به ڪنگھل واري پاڻي ۾ اضافو اچي پيو. ٻوڏ کي  ھفتا گذرڻ باوجود پاڻي گهٽجي نه ٿو. ڪنگھل ڍنڍ جو پاڻي کاھي کان ٿيندو گرھوڙ شريف جي ڀرسان پٿورو وٽان پاڪيٽ ڊرين سان ملندو جتان وري ڦلھڏيون ۽ گرھوڙ شريف جو پاڻي گڏجي بچاءَ بند کان بودر فارم وٽان وڃي ھاڪڙو ڍورو سان ملندو جتان نئون ڪوٽ وٽان ھاڪڙو ۽ پراڻ ڍورو ملي وڃي شڪور ڍنڍ ۾ داخل ٿيندا. شڪور ڍنڍ جي به عجب ڪھاڻي آھي جيڪا يو اين اي جي رامسر سائيڊ ڊڪلئير ٿيل ھئي. رامسر معاھدي موجب شڪور ڍنڍ جو 80 سيڪڙو انڊيا ۽ 20 سيڪڙو پاڪستان ۾ آھي جنھن ۾ صرف برساتي پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو پر واپڊا وارن جي سنڌ جي ڪنڌ ۾ ھيل ھچا ايل بي او ڊي ۽ چوٽياريون ڊيم جون بي فيض اسڪيمون فائدي بجاءِ نقصان ڪرايا جنھن ڪري اڄ به ماڻھو اذيتن ۾ آھن نه ته انھن جي واپڊا سار سنڀال لھي ٿي نه وري انھن جي ڪا مالڪي ڪن ٿا. صرف نالي جا کاتا ۽ پگھارون کڻڻ تائين محدود آھن. شڪور ڍنڍ ۾ ايل بي او ڊي جو زھريلي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي انڊيا مان سخت عالمي احتجاج بعد ھنن ايل بي او ڊي تي 8 فوٽ جا دڪا ڏنا ته جيئن زھريلي پاڻي کان مٿي برساتي پاڻي آيو ته دڪا اور ٽاپ ڪري ويندو مگر برساتن ۾ انھن دڪن سبب ايل بي او ڊي ابتو وھي ٿو، اڄ به انڊيا واري پاسي شڪور ڍنڍ کي ڊيم طور استعمال ڪري زرعي شعبي ۾ ڪتب آڻين ٿا، بهرحال اصل مقصد ته سانگھڙ ۽ سنڌڙي جو پاڻي شڪور ڍنڍ تائين ڇو نٿو وڃي ان جو ھڪ سبب ضلعي انتظاميا، آبپاشي عملي، ايل بي او ڊي عملي ۽ واپڊا وارن جي نااھلي ڪري ھر ھنڌ سياسي ماڻھن بند ٻڌي ڇڏيا آھن جنھن ڪري ھر ھنڌ پاڻي رڪجي رڪجي پنھنجا رستا پيو ٺاھي، ٻيو ته جيڪي سياسي بنيادن تي روڊ ٺاھيا ويا انھن ۾ ڇنڊڻون نه رکيون ويون، ٽيون ته پاڪيٽ ڊرين سميت سمورن قدرتي لنگھن تي سياسي ۽ بااثر ڌرين زمينون بچاڻ لاءِ وڏا ڀڏا ۽ بند ڏنا، چوٿون ايل بي او ڊي سميت ھاڪڙي ڍوري جي صفائي نه ٿي الٽو انھن تي قبضا ٿي ويا 1000 ايڪڙن جي وھڪرن واري رستن کي 30 فٽن تائين محدود ڪيو ويو ۽ سانگھڙ، کپرو ۽ سنڌڙي جو پاڻي کاھي شاخ جنھن جي ڊزائين ڊسچارج صرف 42 ڪيوسڪ آھي اھا ھزارين ڪيوسڪ پاڻي 2 لفٽ مشينن ذريعي ڪڏھن ۽ ڪيتري عرصي ۾ نيڪال ڪندي جنھن تي ساڃاهوند حيرت جو اظھار ڪرڻ تي مجبور آھن ته عوام به ھٿرادو ٻوڏ ۾ ڀوڳي رھيو آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *