تازا ترين
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

پوليس ۾ سڌارا صرف ڪراچي تائين محدود ڇو؟

ڪنهن به رياست توڙي صوبي ۾ ڪرپشن جي خاتمي سميت مجموعي حالتون ان وقت تائين بهتر نه ٿي سگھنديون، جيستائين اختيارن جي منتقلي هيٺيئن سطح تائين نه ٿي ڪئي وڃي، اختيار هيٺين سطح تائين منتقل نه ٿيندا ته ڀلي ڪهڙو به ادارو هجي ان جي ڪارڪردگي هميشه مايوس ڪندڙ ئي رهندي پر انهن ادارن مان به جيڪڏهن هڪ اهڙي ادارو هجي، جنهن جو ڪم امن امان قائم ڪرڻ ۽ آفتن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ توڙي عوام جي خدمت ڪرڻ هجي ۽ ان اداري ۾ هيٺين سطح تائين اختيار مليل ئي نه هجن ته پوءِ اداري ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ ايمانداري سان فرضن جي ادائيگي ڪنهن ديواني جو خواب ئي ٿي سگھي ٿو. اهڙي توقع پاڻ سنڌ پوليس کان به ڪري سگھون ٿا. هونئن ته ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ اقرباپروري توڙي پئسن عيوض مقرريون ۽ بدليون هر اداري ۾ ٿينديون آهن پر پوليس ۾ اهو ڪم ٿورو سوايو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي نه رڳو پئسن عيوض ٿاڻو حاصل ڪرڻ مشڪل مرحلو هجي ٿو پر ٿاڻو حاصل ڪرڻ بعد به پين، پني، تيل، فوٽو ڪاپي، پنچ مشين ۽ پرنٽنگ جا پئسا به عوام مان ڪڍڻا پون ٿا ۽ گڏوگڏ عوام جي ڊيوٽي بدران ڀوتارن جي ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي
هاڻي جڏهن سنڌ پوليس جي ڪراچي ريجن ۾ ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ جي ڪوششن سان ٿاڻن، سب ڊويزنن ۽ ٽريفڪ سيڪشنن کي ٿوري گھڻي مالي خودمختياري ڏني وئي آهي ته ان عمل جي آجيان ڪرڻ گھرجي، نئين پاليسي تحت شهر جي 86 ٿاڻن، سب ڊويزنن ۽ ٽريفڪ سيڪشنن کي پين، پني، تيل، فوٽو ڪاپي، پنچ مشين ۽ پرنٽنگ سميت ٻين خرچن لاءِ سالياني بجيٽ ڏني وئي آهي، هر ٿاڻي کي ان جي حد جي سائيز تحت بجيٽ جاري ڪئي وئي، ماڊل ٿاڻن کي ٻيڻي بجيٽ جاري ڪئي وئي ۽ ان سان گڏوگڏ ٿاڻن، سب ڊويزنن ۽ ٽريفڪ سيڪشنن تي اڪائونٽنٽ به مقرر ڪيا ويا آهن، ايس ايڇ اوز ۽ ايس اوز کي ڊي ڊي اوز جا پاور ڏنا ويا آهن، ڪراچي ۾ هاڻي ڪنهن به ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي پين، پني، پرنٽنگ ۽ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙي سميت ٻين خرچن لاءِ ايس ايس پي کي منٿون نه ڪرڻيون پونديون، ٿاڻن جا اڪائونٽ ٺهي ويا، انهن اڪائونٽن ۾ سڄي سال جي بجيٽ موجود آهي، ايس ايڇ اوز، ايس اوز ۽ ايس ڊي پي اوز ضرورت پوڻ تي رقم ڪڍرائي سگھن ٿا، چيڪ اينڊ بيلينس لاءِ ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي مانيٽرنگ جا اختيار ڏنا ويا آهن. يقينن هن عمل سان پوليس کاتي ۾ ٿوري گھڻي بهتري ايندي، ايس ايڇ اوز ۽ منشين کي پين ۽ پني سميت ٻين خرچن لاءِ فريادي جي کيسي تي نظر نه رکڻي پوندي ۽ نه ئي موبائيل جو ٽائر تبديل ڪرڻ لاءِ ڪنهن شهري ڀوتار ۽ واپاري کي ڪال ڪرڻي پوندي ۽ پوءِ اهي احسان سندس مرضي تي ڪنهن غريب ۽ مسڪين تي ڪوڙي ايف آءِ آر يا کيس غيرقانوني لاڪ اپ ڪرڻ جي ضرورت پوندي. بجيٽ ته اڳي به ڪراچي جي ٿاڻن لاءِ الڳ هوندي هئي پر انهن جا ڊي ڊي اوز پاور ايس ايس پيز وٽ هوندا هئا ۽ ايس ايس پيز گهڻو ڪري اهي پئسا ڪوڙن بلن ذريعي پاڻ ڦٻائي ويندا هئا. پوليس کاتي ۾ ننڍي پئماني تي ئي سهي، اختيارن جي ٿاڻي سطح تائين منتقلي سان ڪرپشن گھٽجڻ ۽ پوليس ڪارڪردگي ۾ به بهتري اچڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي ، پر هتي سوال اهو آهي ته اهي فيصلا صرف صوبي جي هڪڙي ريجن لاءِ ڇو ٿا ڪيا وڃن، ڇا ٻين ريجنن ۾ سڀ ڪجهه صحيح آهي يا وري سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي ٻين ريجنن ۾ بهتري نٿي چاهي؟
ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ جاچ شعبو به الڳ آهي، ايس آءِ اوز ۽ ايس ايس پي جاچ الڳ هوندا آهن، ان کان علاوه مختلف يونٽس ۽ سيل پڻ ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته ٻين ريجنن ۾ صرف هڪ ئي ايس ايس پي هوندو آهي، جيڪو جاچ سميت سمورا معاملا ڏسندو آهي ۽ اهڙي ريت جيڪو آفيسر ڪيس داخل ڪندو آهي، جاچ به اهو ئي ڪندو آهي. هاڻي جڏهن ڪراچي ريجن جي ٿاڻن کي مالي طور اختيار ڏنا ويا آهن ته انهن اختيارن کان ٻيا ريجن به محروم آهن، جتي اڄ به تيل ڀرائڻ لاءِ ايس ايڇ او ڀوتار کي منٿون ڪندو آهي، وڏو منشي رپورٽ داخل ڪرڻ لاءِ پين پني جو خرچ به فريادي کان ڀرائي وٺندو آهي ۽ جاچ آفيسر وري عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ لاءِ فريادي ۽ جوابدار ٻنهي کان خرچ پکو وٺندو آهي، فيول ڪارڊ ايس ايس پيز آفيسن ۾ پيل هجن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايس ايڇ اوز کي باقائدگي سان منٿلي به ڏيڻي پوندي آهي. ان صورتحال ۾ پوليس جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندو؟
مون کي خبر ناهي ته آءِ جي سنڌ صوبائي حڪومت کي ڪراچي ريجن جهڙيون ساڳيون سفارشون ٻين ريجنن لاءِ موڪليون آهن يا نه پر هي خود سنڌ حڪومت کي سوچڻ گھرجي ته سڄي پوليس کاتي جو ستياناس ٿيل آهي، ان لاءِ سڄي کاتي ۾ سمورين ريجنن ۾ هڪجهڙا سڌارا آندا وڃن، اسان کي خبر آهي ته ڪراچي جو امن ڪنهن چئلنيج کان گھٽ ناهي پر ٻين شهرن ۾ به هاءِ وي تي سفر محفوظ ناهي، ماڻهو اتي به اغوا ٿين ٿا، ٿاڻن ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي، ڪوڙن ڪيسن جي ڀرمار لڳي پئي آهي. اسان اهو نٿا چئون ته صرف پيپلزپارٽي پوليس کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو آهي، هتي ته هر ايندڙ حڪومت پوليس کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو آهي، ڄام صادق جي دور ۾ پهريون ڀيرو ماڻهن کي خبر پئي هئي ته سنڌ جا سياستدان صرف ڪرپشن نه پر ٻڪريون به چورائيندا آهن، رات جو ڪوڏر ۽ ڏاٽا کڻي آلو ۽ بصر به ٻنين تان چورائي ايندا آهن، اهڙا کل جوڳا ڪيس سياستدانن مٿان داخل ڪيا ويا هئا ۽ ارباب رحيم جي دور ۾ ٿوري گهڻي فرق سان ساڳي ڪار رهي آهي ۽ هاڻي هن حڪومت ۾ به پوليس جو ڪاروهنوار ايئن پيو هلي، اهي سڀ ڪارناما اسان جي پوليس سرانجام ڏنا هئا، هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليس جي نطام ۾ بنا ڪنهن فرق جي سڌارا آندا وڃن. آئون هتي اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام سرور جمالي جي ڳالهه ورجائيندس ته پوليس ۾ آپريشنل بجيٽ ايس ايڇ اوز کي ڏنا وڃن ته جيئن ٿاڻا مالي طور خودمختيار هجن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *