تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • احتساب عدالت آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو اڄ ٻڌائيندي*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

پوليس بااثرن جو خانگي فورس

ننڍڙا ٻار پنهنجين عادتن موجب کيڏندي کيڏندي جھنگ ۾ گھڙي ويا، اتي انهن ڪاٺيون ڪرڻ شروع ڪيون، ٿورڙي دير ۾ ڪجھه ماڻهن انهن کي پڪڙي رسين سان ٻڌي ڇڏيو ۽ هڪ جاءِ تي ٽي چار ڪلاڪ رسين سان ٻڌل ٻارن جا منهن ڪارا ڪيا ويا ۽ انهن کي روانو ڪيو ويو. هي واقعو سنڌ صوبي جي ضلعي سانگھر جي علائقي کپرو جي ويجھو پيش آيو. ٻارن جي والدين ٻارن جو قصو ٻڌڻ کان پوءِ شڪايت ڪئي ته انهن کي ڀڄايو ويو. ان عرصي ۾ پوليس ٻارن جي والدين کي ڳوليندي رهي. ايس ايس پي جڏهن سوشل ميڊيا تي وڊيو ڏٺي ته لاڳاپيل ٿاڻي کي هدايت ڪئي ته جوابدارن خلاف پرچو ڪٽيو وڃي. پوليس ٻارن جي والدين طرفان پرچو ڪٽي ڇڏيو ۽ هڪ جوابدار کي گرفتار به ڪري ورتو. سانگھڙ اهو شهر آهي جتي انگريزن جي دور ۾ آزاديءَ لاءِ بغاوت جو علم بلند ڪيو ويو هو ان وقت جو پير پاڳاري انگريزن کان سنڌ خالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو هو. بغاوت جو علم بلند ڪندڙ ان وقت جي پير پاڳاري جي مريد حرن قربانين جا نوان داستان لکيا. انگريز حڪومت سوين ماڻهن کي عورتن ۽ ٻارن سميت گرفتار ڪري ورتو ۽ وڏي پير صاحب کي به گرفتار ڪري ورتو. انگريز سندس ڪاررواين کي دهشتگردي قرار ڏيندو هو. پير پاڳاري خلاف ان جي مريدن سان گڏ ڪيس هلايو ويو. سوين مريدن کي سزائو ڏنيون ويون ۽ وڏي پير صاحب کي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي. مطلب سانگھڙ جي سرزمين قربانين جي لازوال داستانن جي ڪري مشهور آهي.
ان ئي سانگھڙ ۾ جتي تاريخي مزاحمت ڪئي وئي، هي واقعو پيش آيو، ٻارڙن جي ان حد تائين تذليل ان جي ڪري ڪئي وئي جو انهن کي ڪاٺيون ڪرڻ جي سزا ڏني وئي. اهو اصل ۾ مائينڊ سيٽ آهي جنهن ۾ بااثر ماڻهو بي اثر خلاف پاڻ ئي فيصلو ڪندا آهن. ڪيترائي واقعا ته اهڙا به پيش ايندا آهن جو انتقام خاطر عورتن جي اجتمائي لڄالٽ ڪئي ويندي آهي. مصيبت جو شڪار عورت ۽ ان جا وارث در در جون ٺوڪرون کائيندا وتندا آهن ۽ ڪو نتيجو به نه نڪرندو آهي. علائقي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن تائين انهن جي پهچ ناهي هوندي. ٻين ماڻهن سان جيڪڏهن ملاقات ٿي به وڃي ته هو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ بي سبب ڪا دلچسپي ناهن وٺندا. جيڪي ماڻهو حيثيت رکندا آهن ۽ داد رسيءَ جي سلسلي ۾ ڪا مدد ڪري سگھن ٿا، هو مختلف سببن جي ڪري مصلحتن جو شڪار ٿي ويندا آهن. بنيادي ذميواري ته پوليس جي بڻجندي آهي پر عام ماڻهو جي پوليس تائين پهچ ئي ناهي هوندي. پوليس آفيسرن جي اڪثريت پنهنجي پنهنجي علائقن جي بااثر ماڻهن جي فرمانبردار هوندي آهي هاڻي ته اها عام ڳالهه آهي ته بااثر ماڻهو پنهنجي پسند جي آفيسرن جي مقرري ڪرائيندا آهن. آفيسر اڪثر ماڻهن جي رپورٽ داخل ڪرڻ کان اڳ علائقي جي بااثر ماڻهن کان مشورو ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪو قدم کڻندا آهن. آفيسرن جي ان مقرريءَ ۾ پوليس جي صوبائي سربراهه جي ڪجھه ناهي ٻڌي ويندي. ايس ايس پي جي مقرريءَ کان پوءِ علائقي جي ٿاڻن ۾ ٿاڻيدار به پنهنجي پسند جا مقرر ڪرايا ويندا آهن. سبب ظاهر آهي ته ٿاڻيدار ڪنهن رپورٽ جي داخلا پنهنجي سرپرست جي مرضي سان ئي ڪندا آهن. اهڙيءَ ريت سوين واقعا ظاهر ٿيندا آهن جن ۾ بااثر ماڻهو، ان جو اولاد، مائٽ مختلف نوعيت جي واقعن ۾ ملوث هوندا آهن. اهڙا واقعا جيڪي پوليس جي نظر ۾ پڪڙ جوڳا هوندا آهن.
انگريز پنهنجي دور ۾ پنهنجي حڪمراني ۽ امن امان جي قيام جي لاءِ اهليت ۽ قابليت جي بنياد تي آفيسرن جي مقرري ڪندا هئا. ڪنهن سفارش ۽ اثر کي لکيندا ئي نه هئا. آفيسرن کي ڄاڻ هوندي هئي ته جيڪڏهن هنن سفارش يا اثر کي قبول ڪيو ته نتيجو انهن جي خلاف ئي نڪرندو. انگريز جي ٺاهيل قانون ۽ ضابطن کي پراڻو قرار ڏئي بار بار تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر ڪاميابي ناهي ٿيندي.
بنيادي سبب اهو آهي ته آفيسرن جي اهليت، قابليت ۽ ايمانداري ۾ دخل هوندو آهي. تمام گھٽ اهل ۽ قابل آفيسر ئي ڪنهن بي ايمانيءَ جو شڪار ٿيندا آهن. خاص طور ڪيس داخل ڪرڻ ۽ انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪري ڪاميابي حاصل ڪرڻ ئي مقصود هوندو آهي ڇو ته ضلعي آفيسر ايس ايس پي هر ٿاڻي جي باري ۾ آگاهه رهندو آهي ته اتي ڇا ٿي رهيو آهي. پر ضلعي سطح تي به ڪنهن سفارش کان سواءِ مقرر آفيسر ئي پڇاڳاڇا جو خوف رکندا آهن. سفارش ۽ اثر جي بنياد تي مقرر آفيسرن کي جوابدهي جو خوف ئي ناهي هوندو ڇو ته انهن کي خبر هوندي آهي ته ڪنهن به صورت ۾سندن سفارش ڪندڙ شخص ئي پنهنجي اثر سان کين بچائي وٺندو. هاڻي ته سفارش ۽ اثر جي ڪري صورتحال ئي بدلجي وئي آهي. ايئن ٿو لڳي ته پوليس بااثر ماڻهن جي ذاتي فورس بڻجي وئي آهي. اهڙي صورت ۾ عام ماڻهوءَ کي ڪير ٻڌندو؟ آمريڪي دانشور نوم چومسڪي بي سبب ناهي چوندو ته “جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جو سڀ کان اثرائتو طريقو اهو آهي ته فيصلائتي طاقت اهڙي ادارن حوالي ڪئي وڃي جيڪي احتساب کان مٿانهان هجن، جھڙوڪ بادشاهه، شهزادا، مذهبي اڳواڻ، فوجي حڪمران ۽ جديد ڪارپوريشنز يعنيٰ صنعتي ادارا.”
ڪنهن به رياست ۾ پوليس جو ڪردار بنيادي اهميت وارو هوندو آهي. جيڪڏهن پوليس پنهنجا فرض ذميواريءَ سان انجام ڏئي ته ڪو سبب ناهي ته ڪنهن به علائقي ۾ ڪنهن به انسان جي ڪنهن به انداز ۾ تذليل ٿي سگھي يا امن امان جو مسئلو پيدا ٿئي، ڇا ڪجي! هتي ٿاڻا ئي ڏوهارين جي سهڪار سان هلندا آهن. سڄي سنڌ ۾ جنهن وڏي پئماني تي مين پڙي، گٽڪا، شراب جو وڪرو جاري آهي ان مان ته محسوس ٿو ٿئي ته ڪنهن قسم جي ڪا رنڊ روڪ ناهي. مين پڙي ۽ گٽڪي جي ڪري وات جي ڪينسر جي مريضن جي انگ ۾ انتهائي واڌ ٿي رهي آهي. ڪينسر جو علاج ڪندڙ وفاقي اداري نمره جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ وات جي ڪينسر جي مريضن جو وڏو انگ اچي رهيو آهي. ان جو سبب ڊاڪٽر مين پڙيءَ جي استعمال کي قرار ٿا ڏين. پوليس ڪنهن قسم جي قابل ذڪر ڪارروائي نٿي ڪري.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *