تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

پنهنجي ئي دعوائن ۾ ڦاٿل عمران سرڪار

اهو هاڻي سوچڻو پوندو ته ڪهڙي اها پارٽي آهي جنهن “هم ملڪ بچاني نڪلي هين آئو هماري ساٿ چلو” وارو نعرو ناهي هنيو، گذريل ڊي چوڪ وارا ڌرڻا ته ڊاڪٽر طاهر القادري انهيءَ نعري هيٺ لڳايا هئا ته “سياست نهين رياست بچائو”، عمران خان کي ته اسان روز يوٽرن جو طعنو ڏيندا رهون ٿا پر سندس سياسي ڪزن ڊاڪٽر طاهر القادري ڊي چوڪ واري ڌرڻي ۾ ڪفن لهرائيندي چيو هيو ته هاڻي هو ڪڏهن به واپس ڪينيڊا نه ويندو پنهنجوسڄو سامان ايتري قدر جو پنهنجا جوراب به کڻي آيو آهي پر ڊاڪٽر طاهر القادري نه رڳو واپس هليو ويو پر سياست کان ئي پاسيرو ٿي ويو.
خير اهو هڪ الڳ بحث آهي پر اهڙا نعرا گذريل ڏينهن انهيءَ ڪري به ياد آيا جڏهن ملڪ جا واپاري اسلام آباد جي زيرو پوائنٽ کان وزيراعظم هائوس تائين مظاهري جو اعلان ڪري چڪا هئا پر پوليس انهن واپارين کي زيرو پوائنٽ کان اڳتي وڃڻ کان جڏهن روڪيو ته واپاري پنهنجي خطاب ۾ عمران خان کي اهي ڊي چوڪ وارا ڏينهن ياد ڏياريندي چئي رهيا هئا ته خان صاحب پاڻ ته ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيو هيو پر جڏهن اسان جو وقت آيو آهي ته نه رڳو پاڻ عثمان بوزدار کي بچائڻ لاءِ لاهور وڃي پهتا آهيو پر اسان کي زيرو پوائنٽ کان اڳتي به نٿا ڇڏيو. اسان ته توهان جي بيانيي مطلب لاڪ ڊائون نه پر معيشت بچايو وارو نعرو کڻي نڪتا آهيون، ان ڏينهن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ويو ته “هم عثمان بوزدار بچاني نڪلي هين آئو هماري ساٿ چلو”. عمران خان عثمان بوزدار کي وسيم اڪرم پلس قرار ڏئي رهيو آهي ته وري ڪي ڌريون کيس مائنس ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن عمران خان جو لاهور ۾ وڃي ويهڻ جو مقصد اهو هيو ته عثمان بوزدار ڪاڏي نه پيو وڃي. عمران خان هونئن ته ڪيترائي يوٽرن وٺي چڪو آهي پر عثمان بوزداري واري معاملي تي يوٽرن وٺڻ ۽ عثمان بوزدار جو متبادل ڳولڻ بجاءِ اهڙو متبادل طريقو ڳولي رهيو آهي جنهن ۾ عثمان بوزدار به رهي ۽ پنجاب جا مسئلا به حل ٿين. ان ڪري ڪڏهن مضبوط چيف سيڪريٽري ته ڪڏهن سڌو بني گالا کان حڪومت هلائڻ جو تجربو ٿي رهيو آهي پر عثمان بوزدار جي حڪومت هلندي نظر نٿي اچي. ان ڪري جنهن راءِ کي ختم ڪرڻ لاءِ عمران خان پاڻ وڃي عثمان بوزدار سان گڏ ويٺو باوجود ان سڄي صورتحال جي هينئر تائين عثمان بوزدار جي مائنس ٿيڻ واري راءِ ۾ وزن موجود آهي. هڪ طرف عمران خان پنهنجي بيانيي کي وزن ڏيندي چئي رهيو آهي ته عثمان بوزدار غريب شخص آهي بيمار ٿيندو ته ٻاهر علاج لاءِ نه ويندو سندس گهر ۾ بجلي به ڪونه هئي پر ٻئي پاسي عمران خان پنهنجي صلاحڪارن جي ٻٽي شهريت واري معاملي ۾ به اچي ڦاٿو آهي هڪ طرف عثمان بوزدار لاءِ اهو موقف ته غريب آهي سندس گهر ۾ بجلي به نه هئي ته ٻئي طرف ساڳئي عمران خان جي حڪومت جا ترجمان صلاحڪارن جي ٻٽي شهريت واري چڪر ۾ به واهه واهه ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن ته ڏسو عمران خان واعدو ڪيو هيو ته هو پنهنجي ڪابينا ۾ صلاحڪارن جا اثاثا ظاهر ڪندو عمران خان اهو ڪري ڏيکاريو.
هاڻي هڪڙن جو غريب هجڻ سندن ميرٽ آهي ته هڪڙن جو امير هجڻ ميرٽ آهي اهو سڀ ان ڪري جو سندن تعلق عمران سرڪار سان آهي گذريل ڏينهن جي ئي ڳالهه آهي جڏهن هڪ صحافي سردار اختر مينگل کان سوال ڪيو هو ته توهان سردارن وٽ ايترا پئسا ڪٿان ٿا اچن جو اوهان جي پريس ڪانفرنس ۾ آيا آهيون ته ٻاهر بيٺل گاڏيون ايئن محسوس ڪرائين ٿيون جيئن اسان دبئي ۾ آيا هجون. سردار اختر مينگل وراڻيو ته اسان سمورن سردارن جي ملڪيت هڪ پاسي رکو ۽ ٻئي طرف صرف ٽن اڳوڻن ڊڪٽيٽرن ايوب خان، ضيا الحق، پرويز مشرف جي ملڪيت ٻئي پاسي رکي ڏسو ته ڪنهنجي ملڪيت وڌيڪ آهي. جيڪڏهن اهو سوال هينئر ٿئي ها ته اهو به ان ۾ اضافو ٿئي ها ته رڳو چئن صلاحڪارن جي ملڪيت هڪ پاسي رکو ٻئي پاسي اسان جي ملڪيت رکو فرق ظاهر ٿي ويندو.
مسئلو ڪنهن جي امير ۽ غريب هجڻ جو ناهي، قانون به ڪٿي ٻٽي شهريت واري شخص کي صلاحڪار ٿيڻ کان روڪي نه پيو پر عمران خان پنهنجي بيانيي ۾ جيڪو اقامو هولڊر کان ٻاهرين ملڪ پيسا رکڻ تي موقف اختيار ڪندو رهيو آهي اهڙو سندس موقف قانون جهڙي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. عمران ان پنهنجي هر تقرير ۾ چوندو هيو هنن جا پيسا ٻاهر، هنن جا ٻچاٻاهر، هنن کي ڇا هي جنهن وقت ڪجهه ٿيو ته بيگ کڻي ٻاهرين ملڪ هليا ويندا، عمران خان ته ڪاروبار ڪندڙ شخص جو حڪومت ۾ هجڻ کي مفادن جو ٽڪراءُ قرار ڏيندو هيو، پر هينئر سندس ترجمان شام جي وقت نئين بيانيي سان سامهون اچي اهڙن اثاثن جي ظاهر ٿيڻ کي ڪارنامو قرار ڏئي رهيا آهن ته رات جي وقت ميڊيا ٽاڪ شوز ۾ هلندڙ عمران خان جا پراڻا بيان سندن ڪارنامن کي سندن منشور ۽ بيانيي جي خلاف قرار ڏئي رهيا آهن.
ڇا هاڻي اهڙن صلاحڪارن واري ٽيم کي هٽائيندو رڳو اهو تصور ڪريو ته ڇا حفيظ شيخ جي جڳهه تي ڪو ٻيو صلاحڪار آڻي سگهي ٿو يا حفيظ شيخ کان زلفي بخاري تائين کي ٻٽي شهريت ۽ اثاثن تان هٿ کڻو چئي سگهي ٿو
رڳو اهو هڪڙو مسئلو نه آهي جنهن ۾ عمران خان مونجهاري جو شڪار آهي هڪ طرف مخالف ڌر چواڻي ته ايف اي ٽي ايف جي بنياد تي عمران خان اهڙو قانون جوڙڻ پيو وڃي جيڪو نيب جو به ڏاڏو آهي ان قانون هيٺ مخالف ڌر کي وڌيڪ ڪچليو ويندو ته ٻئي طرف خواجا برادران واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ريمارڪس نيب اداري جي قانوني حيثيت کي ئي مشڪوڪ ڪري ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ جي اهڙي ريمارڪس کانپوءِ گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ خواجا سعد رفيق کي سڀ مبارڪون ڏئي ايئن ملي رهيا هئا جيئن جمهوريت پنهنجو بهترين انتقام وٺي چڪي هجي. ان سڄي صورتحال دوران بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر وڃي لاهور ويهي رهيو آهي، جتي اي پي سي ۾ گڏ ڪڏهن ٿا ويهن کان وڌيڪ اهم اها ڳالهه آهي ته پ پ ۽ ن ليگ وارا گڏجي ويهي گڏيل حڪمت عملي وارا تاثر ڏئي انهيءَ سوال کي رد ڪري چڪا آهن ته ٻنهي پارٽين ۾ ڪو اختلاف آهي. مولانا فضل الرحمان ان هائوس تبديلي جي خلاف آهي ته ڪي پارٽيون رڳو مائنس ون جي فارمولا تي ڪم ڪري رهيون آهن پر گذريل ڏينهن جڏهن مون پ پ جي اڳواڻ فرحت الله بابر سان پئي ڳالهايو ته سندس چوڻ هيو ته اي پي سي جو مک نقطو نيون چونڊون هوندو. هاڻي سڄي اپوزيشن ان هڪڙي نقطي تي ڪيئن ٿي اچي گڏ ٿئي پر عمران سرڪار جنهن تيزي سان کنڊ ڪميشن کان ويندي ٻٽي شهريت وارن معاملن ۾ ڦاسي رهي آهي تنهن عوام ۾ تبديلي واري خواب کي به شديد متاثر ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ عمران سرڪار جو ارادو آهي ته ٻن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ به آڻجي ڇا اهڙي رپورٽ آڻڻ سان ماڻهن جا مسئلا حل ٿي ويندا ڇا عمران خان جي تقريرن سان اڳ ڪڏهن مسئلا حل ٿيا آهن.
عمران خان جي ڪابينا جي ميمبر علي محمد جي حالت ته ڏسڻ وٽان هئي جڏهن صحافي مطيع الله جي معاملي تي صحافين جي قومي اسيمبلي جي گئلري مان واڪ آئوٽ کانپوءِ علي محمد انهن کي پرچائڻ لاءِ پهتو تڏهن صحافين کيس چيو توهان جي لاءِ عزت آهي بيشڪ حڪومت ۽ اسان جي وچ تي توهان پل جو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهيو پر توهان اهو اعلان ڪيو ته توهان جي هٿن ۾ ڪجهه به ڪونهي حڪومت ڪٿان ٻيو پيو هلائي اسان هاڻي قومي اسيمبلي جي گئلرين ۾ نه اينداسين، علي محمد جي صحافين کي پرچائڻ واري ناڪام واپسي حقيقت ۾ عمران خان حڪومت جي واپسي جهڙي هئي پر في الحال چيو پيو وڃي ته عمران رهندو بوزدار ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *