تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

پنهنجن جي چٺي

احتساب جي نالي تي انتقامي سياست آخر ڪيستائين جاري رهندي؟
جنرل پرويز مشرف جي قائم ڪيل قومي احتساب بيورو کي 21 سال مڪمل ٿي چڪا آهن پر هن وقت تائين ملڪ مان بدعنواني ۽ ڪرپشن ختم نه ٿي سگھڻ ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته احتساب جو فقط نعرو لڳائي اندروني طور جمهوريت کي ڪمزور بڻائي ڳجھا مقصد حاصل ڪرڻ کان علاوه هن اداري جو ٻيو ڪو به ڪم نه آهي. اقتداري ڌرين جي ڪيسن بابت هي ادارو ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار نه آهي ۽ مخالف ڌر جي سياسي ڪارڪنن، تاجر برادري ۽ سرڪاري ملازمن جي ساک خراب ڪرڻ کان علاوه هن اداري جي ڪابه ڪارڪردگي نظر نه ٿي اچي. ان صورتحال ۾اهڙي اداري جي موجودگي صرف ملڪ کي نقصان ئي پهچائي سگھي ٿي. موجوده حڪمران جماعت اقتدار ۾ اچڻ شرط سمورا سياسي جماعتن جا اڳواڻ احتساب جي نالي تي ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن. نيب پاران سندن مٿان جيڪي ڪيس ٺاهيا ويا آهن انهن تي سپريم ڪورٽ پاران پڻ اعتراض اٿاريا ويا آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسو ته واضع ريمارڪس ڏنا ته قومي احتساب بيورو پاران ٺاهيل ڪيسن مان سياسي انتقام جي بوء اچي رهي آهي، جيڪو احتساب جي نالي تي ٿيندڙ انتقام مٿان سواليه نشان آهي. قومي احتساب بيورو پاران نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، شاهد خاقان عباسي، خواجه سعد رفيق، سلمان رفيق، خواجه آصف، احسن اقبال، يوسف رضاگيلاني، راجه پرويز اشرف ۽ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن، واپارين ۽ سرڪاري ملازمن مٿان بدعنواني سميت اختيارن جي ناجائز استعمال جا ڪيس ٺاهيا ويا آهن پر هن وقت تائين ڪو به ڪيس پنهنجي منطقي انجام تائين نه پهچي سگھيو آهي. بيوروڪريسي ڪم ڪرڻ لاء تيار نه آهي ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن مٿان اهو خوف طاري آهي ته ڪو به ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺڻ کان بعد نيب ۽ عدالتي ڪاررواين کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ سندن ساک متاثر ٿيندي. ان سڄي عمل ۾ نقصان صرف ملڪي معيشت جو ٿي رهيو آهي ۽ جيڪا ڏينهون ڏينهن بهتر ٿيڻ بدران خرابيء جي طرف وڌي رهي آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاران جاري ڪيل ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس Transparency Perception Index 2018 موجب دنيا ۾ اهڙن اڳواڻن کان خطرو آهي جيڪي ڪرپشن ۽ بدعنوانيءَ جي خاتمي جو نعرو استعمال ڪندي اقتدار حاصل ڪن ٿا. ان صورتحال ۾ڇا صرف انتقامي سياست ڪرڻ ئي هر سياسي جماعت جو ڪم آهي؟ جن ملڪن ۾ حقيقي جمهوريت آهي اتي احتساب جو عمل غير جانبدار هجي ٿو ۽ ڪنهن کي به ان احتساب جي عمل تي اعتراض وارڻ جو جواز ناهي ملندو. ڊينمارڪ، فنلينڊ، سوئيڊن، سوئٽزرلينڊ، ناروي، نيدرلينڊ، ڪينيڊا جهڙن ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني، ميڊيا جي آزادي، بهترين عدالتي نظام ۽ شهرين کي معلومات تائين رسائي جا مضبوط قانون موجود آهن، جيڪي سندن معاشي استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪستان ۾ جيتري تائين پارليامينٽ، عدالتي نظام، ميڊيا جي آزادي ۽ شهرين کي معلومات تائين جو حق فراهم نه ڪيو ويندو ايتري تائين تمام مسئلا پنهنجي جاءِ تي برقرار رهندا ۽ ملڪ ترقي ڪرڻ بدران بدحاليءِ جو شڪار ٿيندي نظر ايندو.
توفيق وساڻ/ ڪراچي
بلڊ بئنڪ جو انتظام ريجنل بلڊ سينٽر نوابشاهه حوالي ڪيو!
سول اسپتال نوشهروفيروز ضلعي جي واحد سرڪاري اسپتال آهي، جنهن کي رجسٽرڊ پيٿالاجي جو درجو مليل آهي. پر افسوس جو انهيءَ پيٿالاجي ليباريٽري ۾ ڪم مورڳو اونڌو لڳو پيو آهي. پهرين ته هن پيٿالاجي ليباريٽري کي ڏهن سالن کان وٺي ڪو پيٿالاجسٽ ناهي ملي سگهيو، ٻيو هن اسپتال جي پيٿالاجي ليباريٽري ۾ “بلڊ بئنڪ” جو ڪم بنھ بند آهي، جيڪا انتهائي بدديانتي ۽ ڏک جهڙي ڳالھ آهي. هن پيٿالاجي ليباريٽري ۾ موجود ٽي عدد رکيل رت جا فريزر پراڻا، بيڪار ۽ هڪ ان اسٽال هئڻ سان گڏ هڪ 2016ع کان ڪٻٽ وانگر پيل قيمتي “هيماٽولوجي اينالائيزر” اسان نااهلن جي نااهليءَ تي شرمنده آهي. سنڌ ۾ ايڊز کان بچاءَ خاطر صاف خون جي منتقلي انتهائي اهم حيثيت رکي ٿي، پر هن شهر يا اسپتال ۾ صاف خون جي منتقلي سئو سيڪڙو اعتماد جوڳي ناهي. يقينن هي صورتحال ڊسٽرڪٽ هيلٿ ۽ ايم ايس سول اسپتال نوشهروفيروز جي “ڪارڪردگي” سبب آهي، باقي صحت کاتو، وزير صحت فوٽو سيشن ۽ سال جي بجيٽ کي تين وال ڪرڻ جي انتهائي ايمانداري سان ڪوشش ڪري رهيا آهن. آئون وزيراعليٰ سنڌ آڏو گذارش عرض رکندس ته سول اسپتال نوشهروفيروز جي هن بيحال بلڊ بئنڪ جي سار سنڀال جي اضافي چارج ايڊمنسٽريٽر “ريجنل بلڊ سينٽر ( آربي سي)  شهيد بينظير آباد” کي ڏني وڃي، جيڪو نواب شاهه کان نوشهروفيروز هفتي ۾ ڪجھ ڪلاڪ اچي هن سول اسپتال نوشهروفيروز جي بلڊ بئنڪ کي بهتر طريقي سان آرگنائيز ڪري ته جيئن هتي جي عوام کي صاف خون جي منتقلي کي يقيني بڻائي سگهجي.
ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ/ نوشهروفيروز
پرائمري اسڪول سامارو ۾ اسٽاف مقرر ڪريو!
سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي ھوندي به ڪٿي اسڪول ۾ استاد ئي ناھي ته ڪٿي وري استاد آھن شاگرد ناھن ۽ استاد گھر ويٺي پگھارون کڻڻ ۾ مصروف آھن. اھڙو ئي حال سامارو موري واري گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جو به آھي جتي 450 ٻارڙن تي صرف 3 استاد مقرر آھن. نان ٽيچنگ اسٽاف مقرر ئي ناھي. استاد ۽ شاگرد گڏجي اسڪول جي صفائي ڪندا آھن. بائيوميٽرڪ جي مطابق ڪل 12 استاد مقرر آھن پر انھن استادن جو ڪوبه اتو پتو ناھي. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سامارو موري تعلقي سنڌڙي جو مڃيل اسڪول آھي جنھن جي پڙھائي ٻين جي نسبت ڪافي بھترين آھي پر سوچڻ
جي ڳالھ اھا آھي ته جيڪڏھن 450 ٻارڙن
تي 3 استاد مقرر ھوندا ته پوءِ تعليم جو معيار
ڪيئن ھلندو، ھڪ ٻيو وڏو سبب اھو آھي ته علائقي جا ٻيا اسڪول استادن جي رٽائرمينٽ سبب بند پيل آھن انڪري به ٻارڙن جو انگ وڌي رھيو آھي. اسين اعليٰ اختيارين کان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سامارو ۾ وڌيڪ استاد ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف مقرر ڪرڻ جي اپيل ٿا ڪريون.
سميع اللہ شر / ساماروشاخ
تيز گام سانحو: پنج لک بدران پنجاهه هزار کڻي تڏي تي پهتل وفاقي حڪومت!
ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان خطرناڪ ۽ جيءُ جهوريندڙ واقعو لياقت پور ويجهو پيش آيو، جڏهن تيزگام ايڪسپريس کي باهه لڳڻ ڪري ٽي کان چار بوگيون متاثر ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا. اڃان به لڳ ڀڳ اٺ ماڻهو لاپتا آهن. واقعي کان پوءِ جلد ئي وفاقي حڪومت سهائتا لاءِ هر شهيد جي وارثن کي پندرهن لک ۽ هر زخمي لاءِ پنجن لکن جو اعلان ڪيو ۽ صوبائي حڪومت به اعلان ڪيو ته هر زخمي لاءِ ٻه لک ۽ شهيد لاءِ پنج لک ڪل ملائي شهادت ماڻڻ واري جا ويهه لک ۽ زخمي جا ست لک ٿين ٿا. گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت جا ڪجهه نمائندا هن اشو کي جهڪو ڪرڻ لاءِ زخمي وارثن وٽ ميرپورخاص پهتا پر پنج لک بدران پنجاهه هزار کڻي – هاڻي ڪهڙي ميار ڏجي انهن حڪمرانن کي جن ان وقت تازو پنهنجي ڪرسي بچائڻ خاطر صرف کوکلا اعلان ڪيا پر انهن اعلانن کي عملي جامو پهرائڻ بجاءِ ويتر انهن شهيدن ۽ زخمين جي وارثن جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪيو آهي. انهي واقعي ۾ هڪ ئي گهر جا ڪيترائي ڀاتي ڪي شهيد ٿيا ۽ ڪي زخمي ٿيا ۽ اڃان تائين به انهن اذيتن مان گذري رهيا آهن. انهي واقعي ۾ ڪيترن ئي شهيدن ۽ زخمين جو تعلق ميرپورخاص، ڪنري، پٿورو سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن سان آهي. صوبائي حڪومت کي لاڳاپيل مسئلي تي غور ويچار ڪرڻ گهرجي ۽ وفاق اڳيان سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي. وزير اعظم پاڪستان، ريلوي جي وفاقي وزير، ڊويزنل سپرنٽيڊنٽ ڪراچي، چيف جسٽس آف پاڪستان سميت اعليٰ عملدارن کي نماڻي گذارش ٿي ڪجي ته تيز گام سانحي جي وارثن سان ڪيل پنهنجن اعلانن ۽ واعدن کي عملي جامو پارائي متاثرن سان همدردي ڪئي وڃي.  
 عبدالغني “عبد” آريسر / ڍورونارو
ڳڙهي خيرو مان گيس لوڊ شيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو وڃي!
اسان جيڪب آباد ضلعي جي دل سڏجندڙ تعلقي ڳڙھي خيرو جا رھواسي آھيون، جن کي  بنيادي سھولت کان به محروم رکيو ويو آھي. گرمين ۾بجلي، پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏيندڙ شھري ھن سردي ۾ وري گيس پريشر گھٽ ۽ گيس لوڊ شيڊنگ کي منهن ڏئي رهيا آهن. مسئلن جي حل جي حوالي سان شهرين پاران بار بار احتجاج ڪيا ويا آهن، انتظامي عهديدارن کي شڪايتون ڪيون ويون آهن، پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي. اسين سنڌ حڪومت جي اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري ڳڙهي خيرو جا بنيادي مسئلا ۽ گيس لوڊ شيڊنگ جو مسئلو هنگامي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.
عارف حسين / ڳڙهي خيرو

Bookmark the permalink.

One Response to پنهنجن جي چٺي

  1. Mansoor baloch says:

    Pahanji akhbar pahnji akhabr ahy Tamam behtreen lekhaari hin akhbar me likhn piya ai asan shok San parhon tha

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *