تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

پنهنجن جي چٺي

وفاقي حڪومت اين ايس ايڇ ڊي ۽ “بيڪس” کي بند ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي!
پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل A-25 تحت “تعليم سڀني لاءِ لازمي آھي، رياست جي ذميواري آھي تہ 4 کان چوڏھن سالن جي ٻارن کي قانون موجب تعليم جو حق ڏي”، جنھن تحت وفاق سمورن شھرين کي برابري جو حق ۽ مفت تعليم ڏيڻ لاءِ 1995ع ۾ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول “بيڪس” ۽ 2002ع ۾ نيشنل ڪميشن فار ھيومن ڊيولپمينٽ “اين سي ايڇ ڊي” جو بنياد رکيو، جن کي اھو مينڊيٽ ڏنو ويو ته ملڪ ۾ جيڪي به ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن، انهن جي داخلا کي يقيني بڻايو وڃي. ان ڏس ۾ ٻنھي ادارن سڄي ملڪ اندر پنھنجا سينٽر قائم ڪري ھيستائين لکين ٻارڙن کي اسڪولن تائين پھچايو، اهو عمل جاري آھي. 2011ع ۾ پ پ دور ۾ ٻنھي ادارن کي بند ڪيو ويو. ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. ڪورٽ ٻنهي ادارن کي بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، ان دوران 2013ع ۾ پ پ جي دور حڪومت جي آخري ڏينھن ۾ ٻنھي ادارن جي نان ٽيچنگ اسٽاف کي پڪو ڪيو ويو. هاڻ وري وفاقي حڪومت ٻنھي ادارن جا فنڊز بند ڪري ڇڏيا آھن، جنھن  ڪري ھن وقت ٻنھي ادارن م ڪم ڪندڙ 18 هزار جي لڳ ڀڳ استادن جو پگھار پنجن مھينن کان بند آھي، جيڪي 7,89,675 ٻارڙن کي تعليم ڏيئي رھيا آھن، وفاق جو موقف آھي ته تعليم صوبائي سبجيڪٽ آھي، ان ڪري وفاق ھاڻي اھو خرچ برداشت نٿو ڪري سگھي يا ته اداري جي اسڪولن ۽ استادن کي صوبن جي حوالي ڪيو وڃي يا بند ڪيو وڃي، جنھن جي جواب ۾ صوبن معذرت ڪري ڇڏي آھي. اگر 18هين ترميم جي ڳالهه آهي ته پوءِ وفاق ۾ تعليم جي وزارت ڇا ڪري رهي آهي؟ اها به غير آئيني آهي. وفاق جي اھڙي فيصلي بعد اٺ لک ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي ان سان گڏ 18 ھزار استاد بي روزگار ٿيندي نظر اچي رھيا آھن. وفاقي حڪومت کي گھرجي ته اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جي سالن کان گھٽ اجرت تي ڪم ڪندڙ استادن کي بنيادي حق ڏيئي کين ريگيولر ڪري ملڪ جي اسڪولن ۾ لکين ٻارڙن جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.
شاهد علي راهمون/ ڪڍڻ
قمبر جي شهرين کي ڦرجڻ کان بچايو!
مهانگائي يقينن ٻين شهرن ۾ به هوندي پر قمبر ۾ روزاني واهپي جي شين جا اگهه صفا چوٽ چڙهيل آهن. ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته دڪاندارن پاران هٿرادو مهانگائي به ڪئي وئي آهي، هنن پنهنجا من پسند ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جن کان ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونهي. ٻئي پاسي دستاويز وارو فارم وٺڻ جڏهن ڪو ماڻهو قمبر ضلعي جي مختيارڪار آفيس ۾ وڃي ٿو ته ته 50 رپين واري فارم مٿان هٿرادو رقم لڳائي 250 رپيا ورتا پيا وڃن. هاڻ ٻڌايو ته غريب عوام کي ڪير ڦري رهيو آهي، حڪومت جيڪا ڪري پئي سا ته پنهنجي جاءِ تي پر دڪاندار توڙي سرڪاري آفيسن وارا به ٻنهي هٿن سان عوام کي ڦري رهيا آهن. اسان هتي مطالبو ٿا ڪريون ته حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي ته عوام سان روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ انهي زيادتي ۽ ناانصافي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ کلي عام ماڻهن کي ڦرڻ لٽڻ کان بچايو وڃي.
حليم الله ڇٽو/وارهه
رڳو عام ماڻهو ڇو، شاهوڪار به قرباني ڏين!
پاڪستان هن وقت ڪمزور معيشت، بدانتظامي ۽ ماضي ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ لٽ مار جي ڪري مهانگائي جي عذاب مان گذري رهيو آهي. مهانگائي هڪ ته اضافي ٽيڪس لڳڻ سان ٿي آهي ٻي بار بار تيل جي قيمتن وڌڻ سان ٿي آهي، ٽئين مهانگائي وري واپارين هٿ سان حڪومت وقت کي بدنام ڪرڻ لاءِ 10 رپئي واري شئي 20، 20 واري 50 ۾ ۽ 50 واري 100 ۾ ڪري ڇڏي آهي. سبزين، ٽماٽن، مرچن ۽ ڌاڻن جي مهانگي ٿيڻ جو سبب برساتون به هيون، جنهن سان بيٺل فصل تباهه ٿي ويا ته مارڪيٽ ۾ کوٽ ٿي پر اصل شئي ڪجهه بدانتظامي به آهي، حڪومت جيڪڏهن قدم کڻي ته عوام کي رليف ملي سگهي ٿو، کنڊ 70 رپيا ڪلو، اٽو 50 رپيا، گيهه 200 رپيا، دال 100 رپيا، چانور 150 رپيا، وڏو گوشت 400 رپيا ۽ ٻيون شيون به مهانگيون وڪرو ٿي رهيون آهن. پاڪستان جي تاريخ ۾ هر ايندڙ حڪومت عوام کان قرباني گهري آهي ته عوام ٿورو صبر ڪري، ٿوري قرباني ڏي، هتي اسان گهر ڪنداسين ته سياستدانن، واپارين، صنتڪارن کي به قربانيون ڏيڻ گهرجن ته پاڪستان به اڳتي سڌريل ملڪن ۾ صف ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
محمد ساجن گهمراڻي/ ماتلي
چيلهار شهر کي گندگي کان بچايو وڃي!
سنڌ جي ٻين شهرن جيان چيلهار شهر جي حالت به تمام خراب آهي. جيڏانهن نظر ڪجي اوڏانهن گندگي جا ڍير نظر اچن ٿا. صفائي جو ڪو بندوبست ئي ڪونهي. صفائي وارو عملو غائب لڳو پيو آهي، سندن چوڻ آهي ته جڏهن اسان کي پگهارون ئي نٿيون ملن ته پوءِ ڪم ڇو ڪريون؟ چيلهار ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين هجي يا ڪلارڪ، اهي موجن ۾ لڳا پيا آهن پر هيٺئين عملي کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. شهري مجبور ٿي پاڻ ٻهارو هٿ ۾ کڻي صفائي ڪرڻ تي مجبور آهن. اسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي چيلهار شهر کي گندگي کان بچايو وڃي، صفائي واري عملي کي پگهارون ڏيئي کين ڊيوٽي ڪرڻ جو پابند بنايو وڃي.
سرون مالهي / چيلهار
ڳهڻو لغاري اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر مقرر ڪريو!
1995ع ۾ ڳوٺ ڳهڻو لغاري ۽ آسپاس جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ 20 بسترن تي ٻڌل 2 وارڊن يعني ليڊيز جو الڳ وارڊ ۽ مردن جو الڳ وارڊ اسپتال ٺهرائي عام ماڻهن لاءِ کولي وئي. ان کانپوءِ باقاعده مرد ڊاڪٽر ۽ ليڊي ڊاڪٽر هفتي ۾ 5 ڏينهن اسپتال ۾ ڊيوٽي تي ايندا هئا، روزانو 150 مرد مريضن، 200 عورت مريضن کي ڊاڪٽر ڏسي علاج ڪندا هئا، پر آهستي آهستي وقت گذرندو رهيو، ڊاڪٽر بدلي ٿيندا هئا ته وري ٻيا ڊاڪٽر ايندا هئا، ايئن عورتن واري وارڊ ۾ به ليڊي ڊاڪٽرز بدلي ٿينديون هيون ته ٻيون ليڊي ڊاڪٽرز اينديون هيون، پر هاڻ ڪافي عرصي کان ڳوٺ ڳهڻو لغاري اسپتال ۾ ليڊيز وارڊ ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي بدلي ڪرائي وئي آهي، ان کانپوءِ ٻي ليڊي ڊاڪٽر مقرر نه ٿي سگهي آهي، مطلب ته عورتن واري وارڊ کي ئي تالو لڳل آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ صحت واري صوبائي وزير به پاڻ عورت آهي، هوءَ پاڻ وڏا وڏا بيان ڏيندي آهي ته سنڌ ۾ عورتن لاءِ صحت جون سهولتون موجود آهن، وري پاڻ چوي ٿي ته سنڌ ۾ ٻهراڙي ۾ 70 سيڪڙو صحت جون سهولتون ڪونهن، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر، ڳوٺ ڳهڻو لغاري ۾ اڃان تائين عورت ڊاڪٽر مقرر ناهي ٿي سگهي. آئون پنهنجي اخبار وسيلي صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو کان مطالبو ڪيان ٿو ته ڳوٺ ڳهڻو لغاري گورنمينٽ اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر مقرر ڪئي وڃي.
عبدالغفار لغاري/ماتلي
نمرتا جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ انصاف جي گهر!
نمرتا ڪيس ۾ گذريل ڏينهن ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر امرتا حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ حيرت انگيز انڪشاف سامهون آيا آهن. نمرتا جي ڪپڙن ۽ جسم مان مليل ڊي اين ايز گرفتار ٿيل سندس ٻنهي ڪلاس فيلوز جي ڊي اين اي سان ميچ نه ٿيا پر اهي ڪنهن اڻڄاتل ماڻهو جا آهن جنهن سان اها دعويٰ دم ٽوڙي وئي ته ڪو نمرتا جا انهن شاگردن سان ڪي لاڳاپا هئا. ان سان گڏ فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نمرتا سان جنسي عمل جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ لکيو آهي ته سندس موت ساهه گهٽجڻ سبب ٿيو آهي، گڏوگڏ سندس ڳلي تي نشان موجود آهن. هن قتل جا پيرا ڪٿي به دنگ ڪن پر هي واقعو هڪ هاءِ پروفائل واقعو آهي ۽ ان ۾ ملوث جيڪو به ڏوهاري آهي اهو به ايترو ئي هاءِ پروفائل آهي ڇو ته ڇوڪرين جي هاسٽل تائين ايئن رسائي ڪنهن عام شاگرد کي به نٿي هجي. هينئر انهن ڌرين کي به تحقيقات جي دائري ۾ آندو وڃي جن نمرتا جا ڪاليج ۾ وڊيوز سوشل ڪري سندس ڪردار کي مشڪوڪ بڻائي قاتل جي سهولتڪاري ڪئي. گڏوگڏ وي سي سميت تمام اسٽاف جيڪو به هاسٽل سميت انتظامي عهدن تي موجود آهي، انهن کي تحقيقات جي زمري ۾ آندو وڃي. هن رپورٽ بعد پوليس جي سڄي تحقيقات تي سواليا نشان لڳي ويا آهن جيڪي رڳو ان معاملي کي عالي شان ميمڻ ۽ مهراڻ ابڙو تائين فوڪس ڪيو بيٺا هئا. گڏوگڏ هن معاملي جي ايف آءِ آر به ٻيهر داخل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ دهشتگردي، زنا ۽ قتل جا قلم لڳائي قاتل تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
فدا حسين ملڪ / گهوٽڪي
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ حيدرآباد ۾ مسجد شريف ٺهرائي وڃي!
سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ لاڙڪاڻو ۽ ھاءِڪورٽ بينچ سکر ۾ مسجد شريف ٺهيل آهي، جتي جج صاحبان، وڪيل، ڪورٽ اسٽاف ۽ ٻين ماڻهن لاءِ نماز پڙهڻ جي سهولت آهي. ھاءِڪورٽ سرڪٽ حيدرآباد واحد ڪورٽ آهي جتي نماز پڙهڻ جي سهولت نه آهي. هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ اٽڪل 3 هزار وڪيل رجسٽرڊ آهن، جج صاحبان ۽ ڪافي ڪورٽ اسٽاف آهي پر افسوس سان چئجي ٿو ته انهن لاءِ مسجد شريف ٺهيل نه آهي جتي نماز ادا ڪري سگهجي. هاءِڪورٽ بار حيدرآباد طرفان هونئن ته ڪافي پروگرام ۽ وڪيلن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيا وڃن ٿا پر ان طرف ڌيان ئي نه ڏنو ويو آهي. منهنجي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ هاءِڪورٽ بار جي مينيجنگ ڪاميٽي کي اپيل آهي ته هاءِڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ ۾ هڪ عدد مسجد شريف ٺهرائي وڃي ته جيئن مذهبي فرض جي ادائگي ڪري سگهجي.
ايڊووڪيٽ عبدالسلام سومرو /هاءِ ڪورٽ حيدرآباد
هي نئون آ يا پراڻو، آخر ڪهڙو پاڪستان آهي؟
اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي احتجاج جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سان هن ملڪ جي عام ماڻهن جي مسئلن جو ڪيترو تعلق آهي، ان تي ڪوبه نٿو ڳالهائي. وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو، نيون چونڊون ڪرائڻ وغيره سان عوام جي زندگي تي ڪهڙو اثر پوڻو آهي؟ تازو سنڌ اندر خودڪشين جو رجحان وڌي رهيو آهي، هڪ ڏينهن ۾ 9 جانيون ضايع ٿين ٿيون، ڪنهن غريب جو لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس به پيسن کانسواءِ نٿي ملي. اسپتالن ۾ نه ڊاڪٽر آهن، نه دوائون نه ئي علاج. منشيات جو واهپو عام جام آهي، هر کاڌي واري شئي ۾ ملاوٽ آهي، ايستائين جو کير به ملاوٽ وارو ملي ٿو. تعليم تباهه لڳي پئي آهي، روڊ رستا ٽٽل، ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت به ميسر ناهي. روزگار آهي ڪونه مٿان ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي. ڇا توهان مولانا فضل الرحمان جي احتجاج ۾ ان حوالي سان ڪا ڳالهه ٻڌي آهي؟ بس رڳو وزير اعظم جي استعيفيٰ تي زور آهي، اهو مطالبو ڪندڙن ۾ اهي پارٽيون به شامل آهن، جن کي ٽي ٽي ڀيرا حڪومتون مليون پر اهي عوام کي اهي بنيادي سهولتون فراهم نه ڪري سگهيا. ٻيو ته ٺهيو پر پوري ملڪ ۾ ڪا هڪڙي به اهڙي اسپتال ٺهرائي نه سگهيا جنهن جي هوندي حڪمرانن کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي، هي نئون آهي، پراڻو آهي، خبر ناهي ڪهڙو پاڪستان آهي، ڪير ٻڌائيندو؟
معروف احمداڻي / بدين

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *