تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

پنهنجن جي چٺي

هڪ اڳ ئي غربت مٿان آباديءَ ۾ واڌ!
اسان جي ملڪ جي ھر حصي ۾ ستن کان پندرهن سالن تائين جي عمر جا ٻار مختلف دڪانن تي ڪم ڪندي نظر ايندا آهن. يا اھي ھوٽلن تي بيراگيري ڪندا آهن انهن مان اڪثر ٻارن جو تعداد غربت جي لڪير کان به ھيٺ تعلق رکندڙ خاندانن سان آھي. دنيا جو عيش ۽ آرام ته پنھنجي جاءِ تي آهي پر انھن جي والدين وٽ نه اسڪول، نه مسجد ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو ذريعو ھوندو آھي، جنھن وسيلي اھي پنھنجي ٻار جي تربيت ڪري سماج ۾ ٻين ٻارن وانگر ڪارائتو ٻار بڻائي سگھن. جن خاندانن وٽ کڻي دنيا جون سڀ خوشيون، عيش ۽ آرام ته نه آهي پر انھن جي زندگي پوءِ به آرام ۽ سڪون سان گذري ٿي. جيئن اسان وٽ مڊل ڪلاس جا ماڻهو آھن ته انھن جا ٻار تعليم ۽ تربيت وٺي ھڪ ڏينھن ضرور اعليٰ مقام تي پھچن ٿا، جنھن سان انھن جو بقايا خاندان به سڌري ۽ سنوارجي پوي ٿو. اسان جي سماج ۾ جيڪي مختلف غير انساني پھلو آهن انھن کان بچڻ جو واحد حل ٻار جي اخلاقي ۽ سماجي تربيت آهي. ھر مذهب جو اهو درس آهي ته ٻار جي مڪمل تربيت، کاڌي پيتي ۽ ان جي سڀني ضرورتن کي نظر ۾ رکي پوءِ ٻار کي پيدا ڪرڻ جو خيال ڪيو وڃي. هڪ اسان وٽ اڳ ئي غربت آهي، مٿان آبادي وڌائڻ تي زور آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ گهرجن.
ذيشان بنگلاڻي/ ڀنگوبھڻ
کير پياڪ نينگر جي موت جا ذميوار، جرڳائي ڀوتار!
ڪالهه معمول موجب اخبار پڙهندي هڪ اهڙي خبر تي نظر پئي جنهن لڱ ڪانڊاري ڇڏيا. خبر ڪجھ ھن طرح ھئي ته تعلقي وارھ جي يونين ڪائونسل حمل جي ڳوٺ دڙي ماڇي ۾ نوجوان ٽوھ عرف انب ماڇي  نالي ھمراھ پنھنجي گھرواري ٽن ٻارڙن جي ماءُ ثمينا ماڇي مٿان ڪارنھن جو ڪوڙو بھتان مڙھي گھران ڪڍي ڇڏيو جڏھن ته 3 ٻار به کسي ورتا. اھڙو جرڳو شھدادڪوٽ جي بااثر ڀوتار ڪيو ۽ الزام ھيٺ آيل ڌر تي 5 لک چٽي مقرر ڪري معاملي کي لئه مٽي ڪري ڇڏيو. ٻارڙن مان ٽن ورھين جو معصوم ٻارڙو عبدالمطلب ماءُ لاءِ ٻاڪاريندي ٻاڪاريندي فوت ٿي ويو. اھڙي سُڌ جڏھن عبدالمطلب جي ماءُ کي پئي ته ھوءَ پنھنجي معصوم جگر جو مڙھ وٺڻ بي رحم ساھرن وٽ پھتي ته ھن کي دنيا جون ملامتون ھڻي خالي موٽائي ڇڏيو. آخرڪار ثمينا وارھ شھر جي پوليس ٿاڻي تي پنھنجي درد ڪٿا بيان ڪئي. ٿاڻي وارن به جرڳائي سياسي ڀوتار جي ونگار وھندي دردوندي ماءُ لاءِ قانون جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. ڳالهه رڳو هڪ ثمينا جي ناهي پر ڪيتريون ئي ثمينائون آهن جيڪي ڪارنهن الزامن تحت ڪٺيون ويون. سنڌ جي بدنصيبي اها آهي ته اهڙي رسم گذريل پنجاھ سالن کان جرڳائي وڏيرن جي گذر سفر جو وسيلو ٿي پئي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا ثمينا جي معصوم عبدالمطلب جي فوت ٿيڻ جو ڪيس داخل ٿيندو، ڇا جرڳائي ڀوتار ۽ نينگر جي ڪٺور پيءُ کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو؟ جواب آهي، نه، ڇاڪاڻ ته هي پورو نظام ئي اهڙن ظلمن تي ٻڌل آهي.
پيار علي چانڊيو / گھوگھارو
ايسوسيئيٽ ڊگري ڪرائڻ جي واضع پاليسي ته ٻڌايو!
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مسلسل مسئلن جو شڪار آھي. تازو يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ليٽر جاري ڪيا ويا آھن ته ھاڻي شاگردن کي ڪاليجن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري ڪرايو، جڏھن ته پھريائين B.A گريجـوئيـٽ ريــگيــولــر ٿينــدي ھئـي جـيـڪا ٻه سـال جـي ھونــدي هئــي، ان ڊگـري تـي شاگـردن کـي نـوڪـريـون به ملنديون ھيــون ڪاليجن ۾ B.A ڊگري ڪرائڻ جو مقصد يا سبب اھو ھو ته يونيورسٽي ۾ محدود سيٽون ھونديون آھن. يونيورسٽي ۾ سڀ شاگرد ڪن سبب جيڪري ريگيولر نٿا پڙھي سگھن. اھي شاگرد جيڪي ڪاليجن مان گريجوئيشن ڪري CSS ۽ SPSC جو امتحان ڏيندا آھن ڇا اھي ھن Associate degree تي CSS ۽ SPSC جو امتحان ڏئي سگھندا يا نه؟ ڇا ھن ڊگري تي شاگرد M.A يا M.sc ڪري سگھندا يا نه؟ شاگرد به پريشان آھن ته اسان ھن Associate degree لاءِ في ڪيئن ادا ڪيون، جيڪا في انتظاميا هن سال چئوڻ تي وڌائي ڇڏي آھي. پھريائين بي اي جي في 7500 ھوندي ھئي، ھاڻي اھا 17300 ٿي وئي آھي. جڏھن ته ايم اي جي پھريان في 8300 ھئي ھاڻي اھا وڌائي 19300 ڪري ڇڏي اٿن. جڏھن ته مارڪس شيٽ جي 250 روپيا في ھئي اها 700 روپيا، ڊگري سرٽيفڪٽ جي في 1500 مان وڌائي 3000 رپيا ڪئي وئي آھي. ٻيو ته ڪجھ سال اڳ يونيورسٽي پاران ڊگريون ڪاليجن ڏانهن موڪليون وينديون هيون، هاڻ اهو سلسلو بند آهي ۽ شاگردن کي ڊگري وٺڻ لاءِ يونيورسٽي جا چڪر لڳائڻا پون ٿا. ھاڻي ھن ڊگري ڪرائڻ جي واضع پاليسي نه آھي، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي وي سي ۽ وڏي وزير کي عرض آھي ته شاگردن سان نا انصافي نه ڪيو ۽ ھن ڊگري ڪرائڻ جو مقصد ڇا آھي، ڪا واضع پاليسي ته ٻڌايو.
شفيق حسين وساڻ / ڳوٺ جھنگو وساڻ

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *