تازا ترين
  • * واهي پانڌي: پي ايس 86 جوهي: پي ٽي آءِ پاران امداد لغاري کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو *
  • *ٺٽو: ٺٽي ۾ معشوق خاصخيلي جي 4 سالن جي نياڻي مھرالنساءَ جون ڄنگهون ڦري ويون، پوليو جو شڪ ظاهر*
  • *داد لغاري: ريگستان مان عورت جو ڳريل ۽ سڙيل لاش زمين ۾ اڌ پوريل حالت ۾ هٿ*
  • *پنوعاقل: عدالت مان 2 قيدي ڀائر قيدين اياز ۽ صدام حسين ڀڄي ويا: اي ايس آءِ ممتاز بلو سميت 3 اهلڪار گرفتار * پنوعاقل: ناري جي ڪيس ۾ سندس مڙس ۽ ڏير گرفتار هئا، ٻنهي جي ٻيهر گرفتاري لاءِ پوليس ڪچي طرف رواني ٿي وئي *
  • *ڪنڊيارو: ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: 22 ورهين جو نوجوان زنوار صديق ڀٽي حياتي وڃائي ويٺو*
  • *ڏهرڪي ۾ سيپڪو جي ڪارروائي: بجلي چوري جي الزام ۾ ٽائون چيئرمين ۽ سندس ڀائرن جي گهرن جي بجلي ڪاٽا: 10 لک رپيا وصول * ڏهرڪي: ٽائون چيئرمين ڏهرڪي رهتن جي مد ۾ 6 لک رپيا ۽ 4 لک رپيا ڏنڊ ڀريو * ڏهرڪي: بجلي چوري ناهي ڪئي، ناجائز ڏنڊ وڌو ويو آهي: ٽائون چيئرمين منير مهر *
  • * ميرپورماٿيلو:اسان جي نياڻي اقراء کي اغوا ڪري ميرپورماٿيلو ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي: پنجاب واسي جوڙو *
  • *ملير: موٽروي تي ڊرائيورز ۽ ايف ڊبليو او عملي ۾ چڪريون: 3 قتل * ملير: اوور لوڊ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ڊرائيورز احتجاج ڪيو، فائرنگ ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • *سجاول: هاڻي پوليس به جرڳا ڪرڻ لڳي: ايس ايس پي سجاول جي آفيس ۾ جرڳي دوران قيدي جي خون بها 7 لک رُپيا مقرر: جوابدارن اهلڪارن به معافي وٺي ڇڏي * سجاول: سجاول پوليس ڪجهه عرصو اڳ قيدي عبدالله عرف ابو اوٺو کي ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو، ڪيس ۾ 5 اهلڪارن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو * سجاول: جرڳو ناهي ڪيو، متاثر ڌُر اهلڪارن کي معاف ڪيو ته امداد طور 7 لک رُپيا ڏنا آهن، معافي نامو عدالت ۾ پيش ٿيندو: ايس ايس پي جي عجيب منطق *
  • ايس بي سي اي ۽ ڪي ايم سي انتظاميا خلاف جاچ جي منظوري*نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ انور مجيد خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، آءِ اين جي اوز خلاف انڪوائري بند*
  • ڇا هاڻي ڪُتا پڪڙڻ وارو ڪم به رينجرز کان ڪرايون، چونڊيل نمائندن جو ڪهڙو فائدو؟ (سنڌ هاءِ ڪورٽ ) سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي شوڪاز*عدالت سيڪريٽري صحت، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪمشنر ڊي ايم سيز کي به طلب ڪري ورتو، ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ کان پُڇاڻو*چونڊيل نمائندا نه ڪچرو کڻن ٿا، نه رستا ٺاهي سگهن ٿا ۽ نه ئي پاڻي مهيا ڪن ٿا: عدالت جا ائنٽي ريبيز وئڪسين نه هجڻ واري معاملي تي ريمارڪس *
  • خورشيد شاهه جي گهروارين ۽ ٻن پُٽن سوڌو 16 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • فيض گنج ڀرسان پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي گهر تي حملو: نوجوان مرڻينگ: سندس زال اغوا: 4 شڪي گرفتار*نظام الدين ۽ ڪراچي جي رهواسڻ ناري نورجهان خاصخيلي جون مهيني ۾ پسند جي شادي ڪئي، سندن گهر تي رات حملو ٿيو *عالم شير خاصخيلي ساٿين سان گڏجي حملو ڪيو (نوجوان جو ڀاءُ) 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، زخمي نوجوان جي حالت نازڪ*
  • خوراڪ کاتي جا ٽن فلور ملز ڏانهن ساڍا 14 ڪروڙ رهتون هجڻ جو انڪشاف: عدالت طرفان فوري رهتون جمع ڪرائڻ جو حڪم*غريبن جي پئسن مان بنگلا ٺاهيندڙن لاءِ 4-5 ڪروڙ جمع ڪرائڻ مسئلو نه آهي: عدالت*
  • خانپور مهر ڀرسان ناري جو 3 ڏينهن پُراڻو لاش هٿ: پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو*

پنهنجن جي چٺي

گورک ھِل اسٽيشن جي تباهي ۽ ھاءِ ڪورٽ جو حڪم!! 
ميڊيا تي آيل خبرن موجب ڊپٽي ڪمشنر دادو (جيڪو گورک ھلز اٿارٽيءَ جو قائم مقام ڊائريڪٽر جنرل به آھي) اٿارٽي جي  260 ملازمن کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ جي فيصلي تي عمل جو جواز ڄاڻائيندي ملازمتن تان برطرف ڪري ڇڏيو آھي. برطرف ڪيل ملازمن ۾ 2 کان 14 ھين گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ پٽيوالا، بيلدار، ڊرائيور، ڪلارڪ ۽ سپروائيزر شامل آھن. برطرف ٿيندڙ ملازمن جي وڏي اڪثريت بابت اھي خبرون به اچي رهيون آھن ته ھو پنهنجي ڊيوٽين تان غير حاضر رهندا ھيا. گورک ھلز اٿارٽي جي ڊي جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ جي جنهن حڪم جي آڌار تي ملازمن جو وڏو انگ برطرف ڪيو آھي سو ھن سال 25 جولاءِ تي ڏنو ويو ھو. عدالت اڳيان اٿارٽيءَ جي ملازمن بابت پيش ڪيل تفصيل ۾ ٻڌايو ويو ھو ته اٿارٽي وٽ ڪل 111 ملازم آھن، گڏوگڏ اھو به پڌرو ڪيو ويو ھو ته انهن مان 11 ڄڻا به ڊيوٽي نه ڪندا آھن. جيڪڏهن ملازمن جو انگ 111 ھيو ته پوءِ ٻيا 149 ملازم ڪٿان آيا؟ جيستائين 260 ملازمن کي نوڪريءَ تان لاھڻ جو تعلق آھي ته اھڙو وڏو ڪم ھڪ قائم مقام ڊي جي ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ ان سلسلي ۾ خبرون اچي رھيون آھن ته اٿارٽي جي آفيس دادو منتقل ٿيڻ کانپوءِ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ جي حڪم تي ميجسٽريٽ جي نگرانيءَ ۾ ملازمن جي حاضري کي باقاعدگيءَ سان مانيٽر ڪيو ويو ۽ ڊيوٽي تان غير حاضر رھندڙ ملازمن جي لسٽ ٺاهي ھاءِ ڪورٽ ۽ اٿارٽيءَ جي قيادت کي موڪلي وئي. لڳي ٿو ته مٿان کان مليل ڪنهن حڪم جي بنياد تي ئي ڊي جي اھڙو سخت قدم کنيو آھي. نوڪري تان برطرف ڪيل ملازمن جو اڳتي ڇا ٿيندو تنهن بابت ته ڪجھ نٿو چئي سگهجي پر معاملو عدالت ۾ وڃڻ کانپوءِ اٿارٽي جي “احسن” ڪارڪردگي بابت بلڪل پڌرو ٿي چڪو آھي ته گورک ھلز اٿارٽي جي قيام جو مقصد ھل اسٽيشن جي ترقي ۽ بهتري نه پر پارٽيءَ جي ھڪ وڏيري کي خوش ڪرڻ ھو. گورک جي تباهي ۽ برباديءَ جو مان پاڻ اکين ڏٺو شاھد آھيان. واھي پانڌي کان گورک ويندڙ روڊ جي انتهائي خراب حالت، گورک تي بجلي جو نه ھجڻ، صاف پاڻيءَ جي شديد کوٽ، گندگي، انتها درجي جي مھانگائي، رستي تي سهولتن جو فقدان ۽ فرسٽ ايڊ جا ڪي انتظام نه ھجڻ اهڙيون حقيقتون آھن جن کان انڪار ممڪن ئي ناهي. عدالت هينئر تائين گورک جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ جيڪي حڪم ڏنا آھن تن تي ھتان جا ماڻهو ڪافي خوش ته ٿيا آھن، پر سندن سوال آھي ته جيڪڏهن انتطامي نوعيت جا ڪم به عدالتن کي ئي ڪرڻا ۽ سنڀالڻا آھن ته پوءِ سنڌ سرڪار آخر ڪهڙي مرض جي دوا آھي؟ 
خادم رند/ قمبر
مولانا فضل الرحمان اسلام آباد لاڪ ڊائون ڪري سگهندو؟
جيئن جيئن مولانا فضل الرحمان واري اسلام آباد لاڪ ڊائون جا ڏينهن ويجها ايندا پيا وڃن تيئن تيئن ملڪ ۾ غير يقيني جي ماحول ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمان جي اهڙي فيصلي يقينن اهو سوال پيد ڪري ڇڏيو آھي ته ڇا واقعي اسلام آباد لاڪ ڊائون ڪري حڪومت ڪيرائڻ ايترو آسان آھي؟ ڇاڪاڻ ته مولانا هفتي جي اندرحڪومت ڪيرائڻ جي ڳالھ ڪري رهيو آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مولانا سان وڏي انگ ۾ مذهبي ڪارڪن گڏ آهن، جيڪڏهن هو حڪومتي مداخلت کان بغير واقعي لکين ماڻھو اسلام آباد تائين آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ان مان اهو اندازو لڳائبو ته هن سان طاقتور قوتون گڏ آھن ۽ ماضي جو تجربو اهو ئي آهي ته جنهن سان گڏ طاقتور ڌريون گڏ هونديون آهن سو تبديلي آڻي سگهندو آهي. مولانا فضل الرحمان کي مسلم ليگ (ن) پاران  اسلام آباد جي لاڪ ڊائون لاءِ گڏ هلڻ جي خاطري ڪرائي آھي جڏھن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ اخلاقي ۽ سياسي حمايت جو اعلان ڪيو آھي. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان 18 سيپٽمبر تي اسلام آباد لاڪ ڊائون جي تاريخ ڏيندو ۽ ان تاريخ تي ڇا ٿيندو؟ اھو بهرحال اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب هن ملڪ جي سياسي مستقبل جي حوالي سان انتهائي اهم هوندو.
اعجاز احمد ڀيو/ ڪشمور
معصوم ذوالفقار ڀنگو جي وارثن سان انصاف ڪڏهن ٿيندو؟
تازو ئي 4 سيپٽمبر  تي تعلقي فيض گنج  ٿاڻي جي حد شهر ڀنگوبهڻ جي ڳوٺ ميوو ڀنگو مان ڏھن ورھين جو  معصوم ذوالفقار ڀنگو گم ٿي ويو، وارثن پاران ڳولا بعد سندس لاش ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي تلاءَ مان مليو. معصوم ذوالفقار ڀنگو جو پوسٽ مارٽم ٿيو ته رپورٽ ۾ معصوم سان زيادتي ٿيڻ جي ڳالھ سامھون آئي ۽ سندس مڻڪو ٽٽل ھو. ھن واقعي جو نوٽيس ايس ايس پي خيرپور ورتو ۽ روايتي طور جوابدارن جي فوري گرفتاري جو بيان ڏئي ماٺ ڪري ويهي رهيو، پر اڄ تائين هن ڪيس ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، نه جوابدار گرفتار ٿيا آهن. معصوم ذوالفقار ڀنگو جي والد طرفان واقعي جو ڪيس ٽن ماڻهن تي داخل ڪرايو ويو پر افسوس ان ڳالھ جو آھي جو پوليس انهن ٽن جوابدارن کي پناھ پئي ڏئي ۽ کين گرفتار نه پئي ڪري. ھن وقت معصوم ٻار جو لاش حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، انساني حقن جي تنظيم آڏو انصاف جو منتظر آهي، پر شايد هن معصوم کي انصاف غريب هجڻ سبب پلئه نه پيو پوي جيڪڏهن سندس جاءِ تي ڪنهن امير جي ٻار سان اهڙو حادثو پيش اچي ها ته پوليس جي ننڊ ڦٽل هجي ها ۽ قاتل رات وچ ۾ ئي گرفتار ٿي چڪا هجن ها. فيض گنج جي تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي به ياد رکڻ گهرجي ته اڄ اوھان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٿڌي ڇانو ۾ ويٺا آيو ته ان ۾ اُن غريب معصوم ذوالفقار ڀنگو جي وارثن جو ووٽ به ضرور شامل ھوندو، اوھان تي به فرض ٿو بڻجي ته انهن غريبن جي مدد ڪريو.
عامر خان مهيسر / خيرپور ميرس
هڪ نظر خليفو قاسم جي عوام تي به وجهو!
قديمي ڳوٺ خليفو قاسم جيڪو ضلعي بدين جي تعلقي ٽنڊوباگو ۾ اچي ٿو، تنهن جي ڪل آبادي اٽڪل 500 گھرن تي مشتمل آهي. ھي تاريخي ڳوٺ اڄوڪي جديد دور ۾ به ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي. ھتي مين پرائمري اسڪول موجود آهي، جتي 400 شاگرد تعليم پرائين ٿا پر اسڪول ۾ ٻن سالن کان استاد مقرر ناهي. پيئڻ صاف پاڻي جي ڪابه سھولت ناهي، اسپتال پھچڻ لاءِ روڊ ناهي. سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن کي نماڻي التجا ٿا ڪيون ته خدارا ھڪ نظر خليفو قاسم جي عوام تي وجھو ته جيئن ھن ڳوٺ جا مسئلا حل ٿي سگهن.
عبدالرحمان کوسو/ خليفو قاسم
کپرو ۾ ايس ٽي آر پاليسي جو غلط استعمال روڪرايو وڃي!
 کپري تعلقي ۾ تعليم کاتي جي ايس ٽي آر پاليسي جي غلط استعمال، بايو ميٽرڪ، سياسي مت ڀيد ۽ ٻين هٿ سان پيدا ڪيل سببن جي ڪري اڇڙي ٿر سميت کپري تعلقي جي سوين استادن جي رٽائرمنٽ بعد ججهي تعداد ۾ وڏي وقت کان هلندڙ پرائمري اسڪول بند ٿي ويا آهن. ٽي اي او غلام مصطفيٰ لغاري ۽ سندس ڪلارڪ حنيف سميجو سون جي تعداد ۾ عمارتن ۾ ھلندڙ اسڪولن نظر جوکيو، حاجي احمد درس، اسحاق چانهيون، عمرگجو، حاجي خان راڄڙ، ميرمحمد ٿيٻو ۽ ٻين پرائمري اسڪولن کي بند ڄاڻائي پنهنجي منظور نظر ماڻھن جي جهوپڙين ۾ ھلندڙ اسڪولن کي امتحاني سينٽر بڻائي ڇڏيو آهي. ڪيترن ئي سالن کان ٽي اي او فيميل جي پوسٽ خالي هئڻ سبب ڪاروهنوار ٽي اي او کپرو آفيس جي ڪلارڪ حوالي ٿيل آهي، جنهن رشوت عيوض ڪيترين ئي ماسترياڻين کي ڊيوٽين کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سالياني ايس ايم سي جي فنڊ جي پئسن ۾ به خردبرد سبب علائقي جي اسڪولن جي ڪيتري وقت کان مرمت نه ٿي نه ئي فرنيچر جي کوٽ پوري ٿي سگهي. کپري تعلقي جي اسڪولن ۾ اڪثر ڊيوٽي ڪندڙ استادن جي بايو ميٽرڪ ته هڪ هنڌ هجي ٿي پر انهن کان ڊيوٽي ٻئي هنڌ ورتي وڃي ٿي، جنهن ڪري انهن استادن جون پگهارون بند ڪرائي انهن کي سخت پريشان پڻ ڪيو ويندو آھي. اسان جي تعليم کاتي جي اختيارين کي اپيل آهي ته اها کپري ۾ ٿيندڙ هن ناانصافي جو نوٽيس وٺي ۽ ايس ٽي آر پاليسي جو غلط استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ذاڪر شر / کپرو
هڪڙي چٺي سيڪريٽري تعليم قاضي شاهد پرويز جي نالي!
جناب اعليٰ! ڪجهه سال اڳ اڳڙا هاءِ اسڪول کي درجو ڏئي هائير سيڪنڊري بڻايو ويو آهي جنهن ۾ گذريل لڳ ڀڳ ستن اٺن سالن کان عملو مقرر ناهي ٿي سگهيو نه ئي ايس اين ئي ٿي سگهي آهي. عملي جي مقرري نه ٿيڻ ڪري هر سال يارهين ۽ ٻارهين درجي جي داخلا ته اسڪول ۾ ٿي رهي آهي پر انهن ٻارن کي ڪير پڙهائڻ وارو ناهي، رڳو امتحاني ڏينهن ۾ اهي ٻار پيپر ڏيڻ اچن ٿا. هاڻي سوال اهو پيدا ٿي رهيو آهي ته هڪ طرف اوهان ڪاپي کي روڪڻ لاءِ امتحانن جي ڏهاڙن ۾ ٽيمون موڪلي ٻارن کي ڪاپي ڪيس ڪرائي رهيا آهيون ته ٻئي طرف اوهان اسڪولن ۾ عملو مقرر ڪرڻ لاءِ تيار ناهيو ته ان سڄي صورتحال جو ذميوار آخر ڪنهن کي چئون؟ مثال طور تي اسان اوهان جي ان ڳالهه سان متفق به ٿيون ته تعليم کاتي ۾ عملي جي کوٽ آهي ته پوءِ اوهان اسڪولن کي وڌيڪ درجو ڏيڻ جا اعلان ڇو ڪري رهيا آهيو؟ اوهان جي اعلانن سان نه رڳو مٿئين ڪلاسن جي تعليم متاثر ٿئي پئي پر اڳ واري تعليم جو به ٻيڙو ٻڏي رهيو آهي. ان سڄي تعليمي بحران جي ڪري متان جو مستقبل ۾ ڪو وڏو خال پيدا ٿي پوي ان لاءِ بهتر آهي ته اوهان اڳڙا هائير سيڪنڊري اسڪول جي ايس اين اي ڪري عملو مقرر ڪرڻ لا قدم کڻو ته جيئن اڳڙا جو نوجوان نسل تعليم جي زيور سان سينگارجي سگهجي.
حفيظ علي ملاح/ اڳڙا
ڳوٺ  حاجي عبدالغني  شر جي اسڪول جي مالڪي ڪڏھن ٿيندي؟
ضلعي خيرپور تعلقي ميرواهه جو ڳوٺ حاجي عبدالغني شر تقريبن 250 گھرن تي مشتمل آھي ۽ ھن ڳوٺ جا ٻارڙا به تمام گهڻا چُست ۽ ھوشيار آھن. ھن ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول پڻ 1984ع ۾ منظور ٿيو ھو جنھن بعد صرف ھڪ استاد مقرر ڪيو ويو. پھريائين  ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول جا ٻه ڪچا ڪمرا ٺھرايا، اهي به 2010 واري ٻوڏ ۾ ڊهي پٽ ٿي ويا. پر اڄ ڏينهن تائين ڪابه سرڪاري بلڊنگ نه ملي سگهي آهي. اسان جا ابا ڏاڏا چاليھ سالن کان پ پ کي ووٽ ڏيندا آيا آھن پر انهن صرف خالي آسرا ئي ڏنا آھن. اسان سنڌ حڪومت کي اڇيل ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري ھن ڳوٺ جي اسڪول کي ھڪ عمارت ڏيئي اسڪول کي اپ گريڊ ڪري ان کي ايليمينٽري اسڪول جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن ھن ڳوٺ جا گلن جھڙا ٻار مستقبل جا آفيسر ٿي سگھن.
تنوير صادق شر/ ٺري  ميرواھ 
يونين ڪائونسل ڦل آفيس جي عمارت ٺھرائي ڏني وڃي!
يونين ڪائونسل ڦل جي آفيس جيڪا 1962ع ۾ ٺهي هئي اها هاڻي صفا زبون ٿي هنڌان هنڌان ٽٽي وئي آھي، عمارت ڪيڏي مهل به ڌماڪي سان اوچتو ڪري سگهي ٿي ۽ جي ڪري ته وڏو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو. بدقسمتي سان اسان وٽ اڳواٽ ڪنهن ايندڙ حادثي کان بچڻ لاءِ ڪي به اپاءَ وٺڻ جي روايت نه آھي، ڪو حادثو ٿي ويندو آھي ته پوءِ افسوس ڪيو ويندو آھي ۽ پوءِ ئي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون آھن. ان لاءِ اسان ڦل واسين وزير اعليٰ سنڌ، چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ٿا ڪريون ته 57 سال پراڻي يونين ڪائونسل آفيس جي بلڊنگ نئين سر ٺهرائي ڏني وڃي ته جيئن ڪنهن امڪاني حادثي کان بچي سگهجي.
محمد خالد ميمڻ / ڦل شھر  
ڳوٺ پريو جمالي جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن!
ڪاڇي جو ڳوٺ پريو جمالي سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آھي. وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ پريو جمالي ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺهيل واٽر سپلاءِ به ناڪاره بڻيل آھي. ڳوٺ جون عورتون ۽ مرد پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ٽي کان چار ڪلوميٽر پري ويندا آھن،. جڏهن ته چونڊيل نمائندن هن ڳوٺ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي. اسين وس وارين اعليٰ اختيارين ۽ دادو ضلعي جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪيون ٿا ته ڳوٺ پريو جمالي جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن. 
علي رضا جمالي / ڳوٺ پريو جمالي ڪاڇو

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *