تازا ترين
  • *ميهڙ ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي ٿي پيا *ڳوٺ جوڙو لاکير ۾ لاکير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو *ظفر،مظھر، حسين، عبدالله، وسيم، سعيد ۽ اظھر لاکير کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *پنگريو ڀرسان زمين جي تڪرار تان ترڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 8ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻاررن ۽ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

پنهنجن جي چٺي

ڪراچي يونيورسٽي کي مڪمل تباهيءَ کان بچايو وڃي! 
ڪراچي يونيورسٽي پاڪستان سميت عالمي سطح جي تعليمي ادارن ۾ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿي. ھي يونيورسٽي 72 کان مٿي شعبن ۽ تحقيقي مرڪزن تي مشتمل آھي، جنھن ۾ هڪ ئي وقت 50 هزار جي لڳ ڀڳ شاگرد ۽ شاگردياڻيون علم پرائين ٿا ۽ استادن جو تعداد اڍائي هزارن کان مٿي آهي، جنهن ۾ ڪانٽريڪٽ وارا استاد به شامل آهن. گذريل ڪجھ عرصي دؤران انتظاميه هن يونيورسٽي جو ٻيڙو غرق ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي جو بنياد P.S.K تي آهي. پي معني پاڪستان، ايس معنيٰ سنڌ ۽ ڪي معنيٰ ڪراچي. پهرين مرحلي ۾ ٽيسٽ بيسڊ ڊپارٽمينٽس جي داخلائن جو اعلان ڪيو ويندو آھي، جيڪو ڪجھ ڊپارٽمينٽس تي مشتمل هوندو آھي. ٻئي مرحلي ۾ اوپن ميرٽ فارم جو اعلان ڪيو ويندو آھي ۽ ميرٽ جي نالي تي ميرٽ جي بخيا اڊيڙيا ويندا آھن، جنهن تحت صرف “K” ڪيٽيگري وارن کي نوازڻ لاءِ ڍونگ رچايل هوندو آھي. ٽئين مرحلي ۾ مخصوص ڪوٽا فارم جاري ڪيو ويندو آھي، جنهن تحت S ڪيٽيگري کي 90 سيٽون مليل آھن پر سنڌ صوبي جي شاگردن جي تعليمي حقن تي ڌاڙو هڻي فاٽا، گلگت بلتستان، ايمپلاءِ ڪوٽا، ايڊووڪيٽ ڪوٽا، اسپورٽس ڪوٽا ۽ آرمڊ فورسز ڪوٽا جي اميدوارن کي داخلائن سان نوازيو ويندو آهي. هڪڙي طرف هن وقت تائين داخلائن جو مسئلو حل ٿيڻ بجاءِ ڳنڀير بڻيل آھي ته ٻئي طرف مختلف ڊرپاٽمينٽس بنيادي سهولتن کان محروم آھن، جن ۾ ڪرسين جو انگ اڻپورو، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي نه هجڻ،  ڊرينيج سسٽم خراب، ڪلاس روم ۾ صفائي جي اڻ هوند. وس وارن ادارن کي اپيل آھي ته ان عمل جو نوٽيس وٺي داخلا پاليسي کي رد ڪيو وڃي ۽ بنيادي سهولتن بابت انتظاميه کان سخت پڇاڻو ڪري انصاف ۽ ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪراچي يونيورسٽي کي مڪمل تباهي کان بچايو وڃي.
زائر مهيسر /ڪراچي يونيورسٽي 
ٺاروشاھ – نوشهروفيروز لنڪ روڊ آخر ڪڏهن ٺھندو؟
هند ۽ سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي باني دادا گوبند مالهي جي جنم ڀومي وارو تاريخي شهر ٺاروشاھ هونئن ته ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، پر هن شهر جو هڪ اهم مسئلو ٺاروشاھ – نوشهروفيروز لنڪ روڊ آهي، جيڪو گذريل ڏهن سالن کان تباھه ٿيل آهي. چونڊيل نمائندا ته پنهنجي لينڊ ڪروزر جي وڏن ٽائرن وارين گاڏين ۾ هتان آساني سان گذرن ٿا پر هتان جو غريب ۽ لاوارث عوام هنڌان هنڌان اکڙيل روڊ تان گذرندي ڪيترين ئي مشڪلاتن جو شڪار ٿئي ٿو. روڊ ٽٽل هئڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. پر هتان جي وس وارن جي ڪن تي ڪا جونءَ ئي نه ٿي چري .ٺاروشاھ کان نوشهروفيروز هونئن ته 12 ڪلوميٽر تي آهي جيڪو ويهن منٽن جو سفر آهي پر روڊ جي خراب صورتحال سبب ويهن منٽن بجاءِ ڪلاڪ جو سفر طئه ڪرڻو پوي ٿو. سنڌ حڪومت ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي نماڻي التجا ٿا ڪيون ته خدارا هڪ نظر ٺاروشاھ کان نوشهروفيروز لنڪ روڊ ڏانهن وجهي نئين سر روڊ کي تعمير ڪرائي شهرين کي جاني نقصان کان بچايو وڃي.
بشارت سومرو / ٺاروشاھه 
معذورن کي نوڪرين ۾ ڪوٽا وارو حق ته ڏيو!
2018ع جي عام چونڊن کان اڳ سنڌ حڪومت هزارين نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر اليڪشن ڪميشن چونڊون ٿيڻ تائين نوڪريون ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. اليڪشن کي به هڪ سال گذري ويو آهي، ان باوجود به نوڪرين جو نالو نشان ڪونهي. سنڌ جي معذورن جو تعداد به هزارن ۾ آهي، جن لاءِ حڪومت سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، هاڻي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي 5 سيڪڙو نوڪريون ڪٿي ۽ ڪنهن کي ٿيون ملن؟ سوين معذور پني پيٽ پيا پالين، ڪي سخت تڪليفن ۾ ريڙها پيا هلائن، ڪي ڪيبن پيا هلائن ته ڪي وري نوڪرين ۾ اپلاءِ ڪري ڪري سنگت ساٿ کان ورتل مدد جا پيسا پيا کپائن، رڳو ان آسري سان ته اسان معذور آهيون ۽ اسان کي پنهنجو حق ملندو پر حقيقت اها آهي ته سواءِ ڌِڪن جي انهن کي ڪجهه نصيب نٿو ٿئي. معذورن پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ ڪوٽا تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو، جن تي سنڌ پوليس سنڌ حڪومت جي حڪم سان ڏمرجي پئي ۽ هٿن، پيرن کان معذورن نوجوانن، نياڻين تي وحشياڻو تشدد ڪيو. اهو سڀ ڪجهه جمهوري حڪومت ۾ ٿيو، هن وقت سنڌ جا معذور انتهائي تڪليف مان گذرن پيا، سنڌ جو وڏو وزير اعلانيل معذور ڪوٽا تي جلد عمل ڪري، فرض ۽ انسانيت ناتي معذورن کي پنهنجا حق ڏئي.
درياءُ خان جهتيال/ دادو
ڳوٺ ميوو خان بوزدار کي بنيادي سهولتون فراهم ڪريو!
گهوٽڪي ضلعي جو ڳوٺ ميوو خان بوزدار قديم ڳوٺ آهي پر هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي.نه هتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت آهي، نه اسپتال، نه اسڪول، نه روڊ رستا- گندگي ايتري آهي جيڪا انيڪ بيمارين جو سبب بڻيل آهي. اسڪول نه ھجڻ ڪري ٻارن جو مستقبل تباھي طرف وڌي رھيو آھي. اسين سدائين گهوٽڪي جي مهر سردارن کي ووٽ ڏيندا آيا آهيون پر هنن لڙي به اسان جي ڳوٺ جي سار ناهي لڌي. اسان سنڌ حڪومت کي گذارش ٿا ڪريون ته اسان به سنڌ جو حصو آهيون، مهرباني ڪري ڳوٺ کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
مدثر بوزدار/ڳوٺ ميوو خان بوزدار
ڳوٺ غلام محمد شر جي اسڪول جي مالڪي ڪڏھن ٿيندي؟
ڳوٺ غلام محمد شر جيڪو ضلعي خيرپور تعلقي ميرواھ ۾ اچي ٿو، تنهن جي آبادي اٽڪل 50 گھرن تي مشتمل آھي ۽ ھن ڳوٺ جا ٻارڙا به تمام گهڻا ذھين ۽ ھوشيار آھن. ھن ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول پڻ  2005  ۾ منظور ٿيو ھو جنھن بعد صرف ھڪ استاد مقرر ڪيو ويو. ڪجهه سال پڙهائڻ بعد 2010 ۾ ان استاد کي بدلي ڪيو ويو. ان کان پوءِ وري نه ڪنھن استاد ھن اسڪول جو منهن ڏٺو. استاد جي انتظار ۾ 9 سال گذري چڪا آھن. پھرين به شاگرد وڻ جي ڇانو ۾ پڙھندا ھئا هاڻ به عمارت ڪونهي. اسان سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪيون ته مهرباني ڪري ھن ڳوٺ کي ھڪ بھترين اسڪول بلڊنگ ۽ استاد ڏنا وڃن ته جيئن ھن ڳوٺ جا ٻار پنهنجو مستقبل اجاري سگهن.
محمد حسن شر/ ميرواھ 
صلاح الدين جي خون سان انصاف ڪيو وڃي!
پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام مٿان اڃا ڪيترا پهاڙ ڪيرائيندي، اڃا ڪيترا صلاح الدين نئين پاڪستان جي انڌي قانون جو شڪار ٿيندا؟ صلاح الدين جو موت نه پر حڪومتي قتل سمجهون ٿا. اهڙو ورتاءُ ته خوني سان به ناهي ٿيندو جهڙو صلاح الدين سان ڪيو ويو. ڇا عمران خان جنهن تبديلي جا عوام کي خواب ڏيکاري وزير اعظم جي سيٽ تي ويٺو آهي، ته اها آهي تبديلي ته بي گناهن کي ماريو وڃي؟ هڪ ته مهانگائي ڪري غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪيو اٿوَ، هاڻي وري عوام مٿان تشدد ڪري آخر ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاهيو؟ نئون پاڪستان ايڏو بي رحم هوندو اها خبر نه هئي. صلاح الدين سان انصاف ڪيو وڃي ۽ عوام کي پنهنجا پورا حق ڏنا وڃن.
سهيل احمد صديقي /مهندا پالاري

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *