تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

پنهنجا ڦٽ پراڻا ها

هر سال 29 جولاءِ ۽ 9 آگسٽ منهنجا ڇٽل ڦٽ کولي ڇڏيندا آهن. اسان ته آدرشي هئاسون. اسان ته هڪ بهتر نظام کي رائج ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا هئاسين جنهن ۾ هر ماڻهوءَ کي پنهنجا حق ڏنا وڃن. ڪنهن جي پورهئي جي ڪو به ڦرلٽ نه ڪري. هر ماڻهو کي جيئڻ جو حق هجي. هر ماڻهو کي پنهنجي مرضي مطابق پنهنجي زندگي جي باري ۾ فيصلا ڪرڻ جو حق حاصل هجي. ٽن وقتن جي ماني ۽ ٻن ڪمرن وارو گهر هر ماڻهوءَ کي ملڻ گهرجي. ڪير به ڪنهن سان ڏاڍ نه ڪري. ڪوئي به ڪنهن کي طاقت جي زور تي پنهنجي مرضي جو ڪٺپتلي غلام نه بڻائي سگهي. زمين کيڙڻ ۽ کائڻ جو حق هر ان هاري کي ملڻ گهرجي جيڪو زمين ۾ هر هلائي ان مان پوک پچائي ٿو. ڪوڙا ڪليم ختم ڪري ورهاڱي دوران لڏي آيلن کان زمينون کسي مقامي هارين ۾ ورهايون وڃن. جيئن پاڙيسري ملڪ ۾ ڪيو ويو هو. هاري ۽ مزدور کي مفت ۾ گهر ٺهرائي ڏنو وڃي. هنن کان بجلي ۽ گيس جابل نه ورتا وڃن. جيئن پاڙيسري ملڪن ۾ آهي جنهن صوبي جا وسيلا آهن. پيٽرول، بجلي، گئس، ٿرمل پاور، ڪوئلو ۽ سون جون کاڻيون ان جو حق آهن. صوبن کي حق خود اراديت ۽ حق خود اختياري ڏني وڃي. ڪشمير ڪشميرين جو آهي . 1940ع واري ٺهراءُ مطابق سڀني صوبن جا حق تسليم ڪيا وڃن. بس اهي هئا اسان جا مطالبا. پوءِ ان تي سرڪار مڇرجي پئي. اسان جو حشر شيخ اياز جي هن شعر وارو ٿيو ته.
سنڌڙي تنهن جو نانءُ ورتو
ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو
پوءِ اهو سلسلو پاڪستان ٺهڻ کان جو شروع ٿيو ته اڄ ڏينهن تائين ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. اسان جو واسطو سدائين اهڙن ته بزدل حڪمرانن سان پيو جيڪي ڏاڍن جا غلام هيڻن جا استاد رهيا آهن. تن سدائين هن ملڪ جي مظلوم ماڻهن لاءِ آواز اٿاريندڙن مٿان ڏاڍ ڪيا. گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس ٺاهيا. ڪوڙيون ڪورٽون ٺاهي، ڪوڙيون سزائون ڏنيون. اسان جي نوجوانن کي ڪڏهن ڪوڙن مقابلن ذريعي ته ڪڏهن اذيت واري حالت ۾ اذيتون ڏئي ماري، نامعلوم قبرستانن ۾ لاش غائب ڪندا رهيا آهن. هو پنهنجي ڪوڙي انا، ڪوڙي ڀرم ۽ ڦرمار واري نظام کي قائم رکڻ لاءِ مسڪينن ۽ مظلومن جي حامين تي هر طرح جانبدراڻا وارا ڪندا ٿا رهن. سنڌ اهو صوبو آهي جنهن 1945ع واري اليڪشن ۾ اڪثريت سان مسلم ليگ کي کٽرايو. پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو جڏهن ته پنجاب مان مسلم ليگ رڳو ٻه سيٽون کڻي سگهي. باقي ڪانگريس ۽ خاڪسار تحريڪ وارن کي مليون هيون. جڏهن سنڌ سورهيه بادشاهه جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن خلاف جنگ ڪري رهي هئي ته پنجاب ريجمينٽ سنڌ تي بمباري ڪري رهي هئي. انگريز جا بوٽ پالش ڪندڙ اڄ اسان جا حاڪم بڻيا آهن ۽ هر وقت نسل پرست سياست ڪندڙ سنڌ تي بڇيندا ٿا رهن ته سنڌ کي ٻه اڌ ڪندا. سنڌ ڄڻ هنن جي جاگير يا فتح ٿيل علائقو هجي. ڌاري فوج اڳيان هٿيار ڦٽا ڪندڙن اسان جي نوجوانن کي طرح طرح جا عذاب ڏنا. اسان جي نوجوان اڳواڻ نظير عباسيءَ کي 30 جولاءِ تي اسان سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ هن کي فرش تي وڇايل ڪاون مٿان ليٽائي ڇاتي تي پير رکي انهن چهنبدار ڪاون مٿان گهليو ويو هو. هن کي اهڙي اذيتناڪ موت مارڻ جو سبب اهو هو ته جيئن سنڌ جي هر ان نوجوان کي دهشتزده ڪري ڊيڄاري هيسايو وڃي ته جيئن ڪڏهن به اهي سنڌ جي حقن گهرڻ جي جرئت نه ڪري سگهن. ڀلي کڻي اها پارٽي نه رهي آهي جنهن جي بينر يا جهنڊي هيٺ اسان انقلابي آدرشي جدوجهد ڪئي هئي.ٽارچر سٺا، جيل ڪاٽيا، اڏول بيٺا رهياسون پر اسان اڄ به ان نظريئي سان بيٺا آهيون ته سنڌ اسان جي مادر وطن آهي ۽ ان تي رهندڙ هر سنڌ واسي پورهيت ۽ هاري سان ٿيندڙ ظلم ۽ مذهبي متڀيد خلاف اسان جي جنگ جاري آهي. جيڪو سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي اهو غدار آهي. جيئي سنڌ هي جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *