تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

پنجند جي ڌرتي تان انقلاب جي صدا!

سرفروشي ڪي تمنا اب هماري دل مين هئي
ديکنا هئي زور ڪتنا بازوئي قاتل مين هئي
ڇا ته ڪمال جو سُر هيو، تاڙين جي ڇنڪار هئي ۽ پرجوش آواز جي گونج ۾ ڳڀرو چهرن تي آيل سرخ اڀرندڙ سج جهڙي لالاڻ! اهو منظر هيو لاهور الحمرا آرٽس ڪائونسل جي گرائونڊ ۾ فيض ميلي ۾ آيل پنجاب جي يونيورسٽين جي شاگردن جي انهي وڊيو جو جيڪا ڪجهه ڏينهن پهرين سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي. وڊيو ڏسڻ سان پنهنجي جواني واري شاگردي دور جون يادون دماغ تي تري آيون. ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ انهيءَ عمر ۾ ڪٽيل هر ڪنهن جو سفر انقلاب جي راهن تان گذرندو زماني جي گدلاڻ ۾ ڌنڌلو ٿي روايتي زندگي جي ڍنڍ ۾ وهي ويو هجي.اڄ سنڌ جي سٺ، ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي جي سياست جي مختلف مڪتبهءِ فڪر جي اسڪولن مان تيار ٿيل وڏو نانءُ ڪمائيندڙ، اهل علم ۽ دانش رکندڙ، ڪي اين جي اوز جي ڪاروبار سان لڳي ويا ته ڪن کي ميڊيا جا ادارا ڳڙڪائي ويا، ڪي سرڪاري کاتن ۾ کپي ويا ته ڪن کي عملي سياست جا رانديگر رهڙي ويا! جي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ميدان ۾ آهي به ته ماحول جي سردي سندس جذبن کي ماٺو ڪري زندگي گذر ڪرڻ جي گاڏي ۾ گهليندي نظر ايندي هوندي.
ڪافي وقت کان ڏسي رهيو آهيان ته قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جا شاگرد هجن يا پنجاب جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد، انهن ۾ رياست جي اسٽيٽسڪو کي للڪارڻ جي روش ۽ همت وڌندي پئي وڃي. جنهن پنجاب حاڪم وقت جي مروج رسم و رواج خلاف بابا بلي شاھ ۽ ماڌو لال شاھ حسين جي پيغام کي ڪا خاطر خواه موٽ ڪانه ڏني، اڄ انهي پنجاب ۾ فيض احمد فيض ۽ حبيب جالب جو ڪلام ۽ فڪر گرمي پئدا ڪري رهيو آهي. جنهن پنجاب کي مرد مومن بڻجڻ جو فڪر سالن کان سيکاريو پئي ويو، اڄ انهيءَ پنجاب جو نوجوان انقلاب جا گيت پيو ڳائي. جنهن پنجاب کي انگريزن جي دور حڪمراني کان وٺي پاڪستان جي ٺهڻ بعد هر آمريت جي اقتدار جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ سيکاريو ويو، اڄ انهيءَ پنجاب جي نوجوان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اسٽيٽسڪو کي چئلينج ڪرڻ جي جرئت پئدا ٿي رهي آهي.عجب حالِ وقت آهي جو سنڌ جي مزاحمتي جدوجهد کي ڪا منزل نه ملي سگهي ۽ اڄ انهي جو ٻيو جنم “ري برٿ” پنجاب جي ڌرتيءَ تان ٿي رهيو آهي. خبر ناهي ڇو مونکي لڳي ٿو ته هينئر مزاحمتي دور جي نئين لاٽ ۽ جهنڊو پنجن درياهن جي ديس مان بابا بلي شاھ، گُرو گوبند ۽ فيض احمد فيض جي فڪر جي روشني ۾ پنجاب مان نڪرندو. اڄ تائين وفاق ۾ شامل تاريخي قومي تشخُص رکندڙ وحدتن؛ سنڌ، بلوچستان ۽ پشتونستان مان پنجاب جي بالادستي، وفاق جي ناانصافين توڙي آمريت خلاف اٿندڙ آواز کي هر دور ۾ دٻايو ويو. ايترو ته انهن کي هيسايو ويو جو نيٺ اهو آوازِ حق ماٺو ٿي ماضي جو مزار بڻجي ويو! پر هاڻي لڳي ٿو جڏهن فرعون جي گهر ۾ موسيٰ جنم وٺندو آهي ته غلامي جا ڳٽ ٽٽندا آهن، سڀ تخت ڪيرايا ويندا آهن ۽ تاج اڇلايا ويندا آهن.
هن ملڪ جي سياسي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته حاڪم ۽ محڪوم لاءِ اقتداري آقائن جا فيصلا مختلف هوندا آهن. انهي جو تازو ثبوت هي آهي جو جڏهن سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد هاسٽلن جي مسئلن تي ڪو احتجاج ڪن ته انهن تي ملڪ دشمني جو قلم لڳائي غداري جو ڪيس چالان ڪيو وڃي ٿو، پر ساڳئي وقت جڏهن لاهور جي الحمرا آرٽس ڪائونسل جي ميدان تي پنجاب جي يونيورسٽين جا شاگرد انقلاب جا نعرا هڻن ۽ پر جوش رقص تي اهو گيت ڳائن ته
فيض تيرا مشن اڌورا سب مل ڪر ڪرين گي پورا
فيض تيري سپنون ڪو منزل تڪ پهچائين گي
يا
جب لال لال لهرائي گا تب هوش ٺڪاني آئيگا
ته انهي کي ميڊيا جي چينلز تي ۽ سوشل ميديا تي ڌام ڌوم سان ڏيکاري سرهائي محسوس ڪئي وڃي ٿي. سڀني کان اهو وسري وڃي ٿو ته انهيءَ فيض احمد فيض کي به بغاوت جي ڪيس ۾ قيد ڪيو ويو هو جنهن جي مشن کي پوري ڪرڻ جو نعرو اڄ اهي نوجوان هڻي رهيا آهن! پر شايد ڪالهوڪو دور جنهن ۾ لال سلام ۽ سرخ پرچم تي پابندي هئي تڏهن هن ملڪ جي ڀائپي آمريڪا سان هئي جڏهن ته اڄ شايد سيپيڪ جي ڪري چين ۽ روس سان ويجهڙائپ سبب ڪجهه حالتون مختلف آهن. ٿي سگهي ٿو ته اڄ اهو لال لال لهرائيندڙ انقلاب هاڻي ڪنهن جي اقتدار لاءِ ڪو خطرو نه هجي؟! پر اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته لفظ انقلاب ڪنهن به آقا کي قبول پوي ۽ هو پنهنجي ڪمزور ٿيندڙ گرفت کي اکئين ڏسندي خاموش ويهي رهي!؟ اهو آخر ڪنهن کي ڇو سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي ته ڪنهن به ملڪ ۾ جڏهن ڪو پنهنجي حق جي گهر ڪندو آهي يا اظهار جي آزادي لاءِ آواز اٿاريندو آهي ته انهيءَ سان ڪڏهن به ان ملڪ کي ڪو خطرو ڪونه هوندو آهي. ملڪ ته پنهنجي ماڻهن جي بنيادي حقن، ضرورتن ۽ اظهار راءِ جي احترام سان مضبوط ٿيندا آهن. خطرو هر دور ۾ ڪجهه مستقل مفادي ٽولن کي هوندو آهي يا ناجائز ڏاڍ، جبر ۽ بندوق جي زور تي پنهنجي ئي ماڻهن کي فتح ڪري انهن کي محڪوم بڻائي مٿن حڪمراني ڪندڙن کي هوندو آهي.
ماضي ۾ به ڪنهن حد تائين پنجاب جو اهل علم ۽ دانشمند لڏو ظلم ۽ جبر خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو رهيو آهي، پر هن ملڪ جي اندر حق ۽ سچ تي هلڻ وارن جي اڳواڻي پنجاب ڪڏهن به ڪونه ڪئي آهي. اڄ جڏهن پنجاب جي يونيورسٽين جو نوجوان جنهن جوش ۽ جذبي سان به بانگ دهل بلند آواز اهو چئي رهيو آهي ته
جب جب ظلمي ظلم ڪري گا ستيا ڪي هٿيارون سي
چپا چپا گونج اٺي گا انقلاب ڪي نعرون سي
تڏهن لڳي ٿو ته انهي ماٺار واري سرد دور ۾ انهيءَ انقلاب جي اڳواڻي به انهن کي ڪرڻي پوندي. سنڌي، بلوچ ۽ پشتون غداري جا لقب حاصل ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن. اُهو دور ويو جڏهن سنڌ جي مزاحمتي شاعرن غداري تي نظم لکيا ۽ جيل ڪوڙا برداشت ڪيا. ڪالھ ابراهيم منشي چيو هو ته
مان غدار آهيان مان غدار آهيان، چيم سچ سوري سزاوار آهيان
حقيقت ۾ ڦاسي جو حقدار آهيان، مان غدارآهيان مان غدار آهيان.
اڄ اهو بار پنجاب جي ڪلهن تي آهي ۽ انهيءَ بار کي نڀائيندي عاطف توقير هڪ طويل نظم لکيو آهي “غدار.”
لفظ غدار هين، بوک غدار هي
بوک مين پيٽ په هاٿ رکنا گناه
پياس غدار هي، پياس مين آسمانون ڪو تڪنا گناه
لفظ غدار هين
سچ مين لپٽي هوئي جستجو ڪي نئي راستي کولتي لفظ غدار هين
سچ ڀي غدار هي
فهم و ادراڪ ديتا هوا سچ ڪسي دوسري ملڪ ڪا جاسوس هي
خواب غدار هئي…
هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو الميو ئي اهو آهي ته هر دور ۾ حق ۽ سچ جي راهگيرن کي غدار سمجهيو ويو آهي، جڏهن ته لٽيرن کي تخت نشين ڪري “فوج ظفر موج” هٿان ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي. حقيقت ۾ ملڪ جا خيرخواه اهي هيا جن جبر ڏاڍ ۽ نانصافي سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ڪرپٽ نااهل حڪمرانن جي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو. وقت ثابت ڪيو آهي ته ماضي ۾ اهو ڪجهه غلط ٿيو جنهن سان حقيقي محب وطن سياسي اڪابرين کي پابند سلاسل ڪري بندوق جي حڪمراني روا رکي وئي. اڄ جڏهن پنجاب جو نوجوان جبر، ناانصافي، اڻ برابري ۽ ڏاڍ خلاف يا اظهار جي آزادي لاءِ انقلاب جو نعرو هڻي رهيا آهن ته انهي جو قطعي اهو مطلب ڪونهي ته هو غدار آهن! اهي هن ملڪ جو مستقبل، محب وطن ۽ هڪ خوبصورت خواب ڏسندڙ نوجوان آهن جن کي اهو نظر اچي رهيو آهي ته ڪجهه نه ڪجه غلط آهي جنهن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. جي اڄ به ڪي ڌريون اهو چاهين ٿيون ته هي ملڪ هميشه آپريشن ٿيٽر ۾ هجي يا آءِ سي يو ۾ ته پوءِ اهو کين وسارڻ نه گهرجي ته هنن نوجوانن جو خواب ته ساڳيو آهي جيڪو فيض جو هو
هم ديکين گي لازم هي ڪه هم ڀي ديکين گي
وه دن ڪي جس ڪا وعده هي جو لوح ازل پي لکا هي
جب ظلم و ستم ڪي ڪوه گران روئي ڪي طرح اڙ جائين گي
هم محڪومون ڪي پائون تلي يه ڌرتي ڌڙڌڙ ڌڙڪي گي
اور اهل حڪم ڪي سر اوپر يه بجلي ڪڙڪڙ ڪڙڪي گي
هم ديکين گي…

Bookmark the permalink.

One Response to پنجند جي ڌرتي تان انقلاب جي صدا!

  1. Abdul shakoor bhatti says:

    تمام بھترين سر

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *