تازا ترين
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

پاڪستان بابت هڪ اسرائيلي عورت عملدار جا ويچار

وزيراعظم عمران خان پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ سندس ضمير ڪڏهن نه مڃيندو. هن جو چوڻ هو ته قائداعظم چيو هو ته اسرائيل پهريان فلسطين جي حقن کي تسليم ڪري. گڏيل عرب امارتن جي اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ تي عرب ملڪن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ به اسرائيل سان لاڳاپن جي باري ۾ هڪ بحث شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ هڪ محدود طبقو اسرائيل سان لاڳاپا رکڻ جو حامي آهي پر تمام وڏو طبقو اسرائيل کي مڃڻ جي خلاف آهي. پاڪستان جو هڪ اڳوڻو پوليس آفيسر حاجي حبيب الرحمان مختلف عهدن سان گڏوگڏ آءِ جي پوليس جي عهدن تي به رهي چڪو آهي. پنهنجي عهدي جي ڪري هڪ ڀيرو کيس گڏيل قومن جي انتظام هيٺ ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت جو موقعو مليو هو. هي 1994ع جي ڳالهه آهي. ڪانفرنس دوران لابي ۾ هن جي ملاقات ڪانفرنس ۾ شريڪ هڪ آمريڪي ۽ اسرائيلي نمائندن سان ٿي، هن منير احمد کي 1993ع ۽ 2003ع جي وچ ۾ هڪ ڊگھو انٽرويو ڏنو جنهن کي “ڇا نه ڏٺو” جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ تازو ئي شايع ڪيو ويو آهي. هن آمريڪي ۽ اسرائيلي نمائندن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي بيان ڪيو آهي. اها ڳالهه ٻولهه دلچسپ آهي جنهن کي مختصر انداز ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. هو چوي ٿو ته اسرائيل جي نمائندگي ڪندڙ هڪ عورت هئي جيڪا گھرو وزارت ۾ ڪم ڪري رهي هئي. حاجي حبيب الرحمان موجب هو ڪجھه وقت ٿيندو ته ٻاهر ويو، يونائيٽيڊ نيشنز جو فورم هو، اتي اسان کي Crime Prevention (ڏوهن جي روڪٿام) تي ايجنڊا تيار ڪرڻي هئي. ٻه ٽي ويهڪون ٿيون، اتي مون پيپر پڙهيو “انٽروڊڪش آف اسلامڪ لاز ان پاڪستان”
جڏهن مان قرآن جي آيتن جو ريفرس ڏئي ويٺس ته هڪ عورت جنهن بابت مون کي پوءِ خبر پئي ته يهودي آهي تنهن مون کي ٻڌايو هو ته هو اسرائيل طرفان آئي آهي، ان چيو ته توهان پنهنجي ملڪ جا نمائندا نٿا لڳو. توهان جو پيپر ڏاڍو دلچسپ هو. هن سان گڏ جيڪو ٻيو ماڻهو ويٺو هو اهو ڏوهن جي روڪٿام تي آمريڪي صدر جو ايڊوائيزر هو. هن مون کي چيو ته جيڪڏهن توهان رات جي ماني اسان سان کائو ته اسان کي خوشي ٿيندي. مانيءَ دوران هن چيو ته توهان سان هڪ ڏاڍي اهم ڳالهه ڪرڻي آهي، ڇو ته جيئن توهان هيءَ ڳالهه ڪئي آهي جنهن سرڪل ۾ توهان گھمندا آهيو ان ۾ اسان جي اها ڳالهه اڄ نه ته سڀاڻي پهچي ويندي ۽ اهڙو وقت به ايندو جو توهان کي فيصلو ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته اسان پاڪستان جي ڏاڍي عزت ڪندا آهيون ۽ پاڪستان کي وڏي اهميت ڏيندا آهيون ان جي لاءِ توهان جو جيڪو پاڙيسري انڊيا آهي اهو توهان کان پنج ڀيرا وڏو آهي ۽ اسان کي خبر آهي ته اهو توهان کان ڪيترو ڊڄندو آهي. 65ع جي جنگ ۾ توهان ان سان ڇا ڪيو. اسان کي اها به خبر آهي ته پاڪستاني فوج ڪيئن وڙهي ۽ ڪيئن ڀارتي فوج بيخبريءَ ۾ رهي ۽ بي آر بي ڍنڍ به پار ڪري نه سگھي هئي. جھڙيءَ ريت هٿيارن جي ريل پيل ٿي رهي آهي جيڪڏهن پاڪستان پنج ڀيرا وڏو هجي ها ۽ هو ننڍو هجي ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها. ان جي لاءِ اسان توهان جي عزت ڪندا آهيون جيڪو 65ع جي جنگ ۾ توهان ڪيو. اسان 67ع جي جنگ ۾ عربن سان جيڪو ڪيو اهو به اهوئي آهي ته اسان جو ته هيترو ننڍڙو ملڪ آهي ۽ عرب ملڪ جيڪي آهن اهي ڦهليا پيا آهن، انهن وٽ دولت به بي پناهه آهي.
هن چيو ته اسان جي دل ۾ پاڪستان جي ان لاءِ عزت آهي جو 47ع ۾ توهان وٽ لکين مهاجر آيا پر توهان هيڏانهن ڏٺو نه هوڏانهن، ڪنهن ملڪ طرف نه، نه عرب ملڪن ڏانهن، توهان فوري طور ايتري وڏي نفري کي ڌڙا ڌڙ سيٽل ڪري ڇڏيو جو جيڪو جتي ويٺل آهي اهو اتي ويهي رهي. ڏسو جيڪي فلسطيني آهن. عربن وٽ ايتري دولت اچي وئي آهي جو هو جيڪڏهن چاهين ته انهن کي سون جا گھر ٺاهي ڏئي سگھن ٿا، انهن کي فيڪٽريون ٺاهي به ڏئي سگھن ٿا. علائقا به انهن وٽ آهن، صحرا به تمام وڏو آهي. هن چيو ته مون قرآن مجيد پڙهيو آهي. منهنجي ته مادري زبان عربي آهي. ڇو ته جارڊن (اردن) ۾ پيدا ٿي هيس، هن چيو ته قرآن جي پهرين آيت لٿي هئي، اقراءَ، پڙهه ۽ هي ٻار جي هٿ ۾ قلم ڏيڻ بجاءِ تلوار ڏئي ڇڏيندا آهن، بندوق ڏئي ڇڏيندا آهن، هنن جو چوٿون نسل ٽينٽن ۾ پيدا ٿي رهيو آهي، هنن جي قوم تباهه ٿي رهي آهي، پهريان علم ته حاصل ڪريو.
هن چيو ته پاڪستان هڪ نظرئي جي بنياد تي وجود ۾ آيو، توهان جي هڪ آئيڊيالاجي هئي، ٻه قومي نظريو، دنيا ان سان سهمت هجي يا نه هجي توهان هڪ آئيڊيالاجي کي مڃرايو ۽ دنيا جي نقشي تي آيا. اسان جي به هڪ آئيڊيالاجي آهي ته يهودي رياست هجڻ گھرجي، الله تعاليٰ اسان سان واعدو ڪيو آهي ته اسان جي ڏاڏاڻي زمين اسان کي واپس ڏيندو. اسان ان جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪنداسين. اها ڳالهه به آهي ته اسان جو جھيڙو، اسان جي ويڙهه انهن عربن سان آهي، جارڊن سان آهي، ان جي چوڌاري جيڪي آهن، توهان سان نه اسان جي سرحد آهي نه ڪو جھيڙو آهي. توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي، جڏهن ڳالهه اسرائيل جي ٿيندي آهي ته توهان جي مسجدن ۾ تقريرون ٿينديون آهن، جلسا ٿي رهياآهن، اسان کي گاريون ڏنيون پيون وڃن، جيڪي ماڻهو اهي ڳالهيون ڪندا آهن انهن کي نه اسٽريٽجي جي خبر هوندي آهي نه پرڏيهي پاليسيءَ جي خبر آهي ته انڊر ڪرانٽس (اندروني ڪارروايون) ڇا آهن. پاڪستان هڪ فنڊامينٽل اسٽيٽ(بنياد پرست رياست) آهي.حبيب الرحمان ٻڌايو ته مان کيس اتي روڪي چيو ته مان اوان جي موضوع۾ مداخلت نه ڪندس پر هڪ ڳالهه سمجهي ڇڏيو ته پاڪستان تي جيڪو آمريڪا ۽ ٻيا بنيادپرست هجڻ جو الزام لڳائين پيا غلط آهي.هي بلڪل به فنڊامينٽل اسٽيٽ ناهي. ٻه، چار، پنج ڏهه ملا تقريرون ڪندا وتندا آهن، پنجاهه سال گذري ويا آهن جڏهن اليڪشن جو وقت ايندو آهي ته پاڪستان جي عوام انهن کي ڪڏهن ووٽ ناهي ڏنو، هو انهن کي ان جي اهل نٿا سمجھن. هن عورت چيو ته توهان ڏاڍي سٺي پوائنٽ اسان کي ڏني آهي. جيڪي سمجهندا آهيون ته ته پاڪستان فنڊامينٽل اسٽيٽ آهي ۽ هو هي ڪندو ته پاڪستان فنڊامينٽل اسٽيٽ نه آهي، جتي مذهب جو هولڊ آهي عوام تي اهو ايران آهي. انهن جو جيڪو شيعه عزم آهي اهو هيءُ ناهي ته ڪارو پٽڪو ٻڌي امام بڻجي وڃون. اهي هڪ عمل مان گذرندا آهن، هو علم حاصل ڪندا آهن ڊگريون وٺندا آهن تڏهن وڃي هو آيت الله وغيره بڻجندا آهن. انهن جو هڪ عمل آهي. (حصو پهريون)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *