تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

پاڪستاني سياست ۽ شب خون  جون گهڙيون

ڪتابن ۾ اچي ٿو ته ورهاڱي جي وڍ جي ڀئو کان برصغير جي ڪيترن ئي نامور سياستدانن  ورهاڱي جي مخالفت ڪئي هئي شايد انهن کي اڳ ئي اهي پاٽ پيا هئا ته  اقتدار تي وري به سگهاريون ڌريون ئي قابض رهنديون ،  قومي جذبي سان سرشارسياستدان ۽ عوام وري به ويل ۾ ھوندا.برصغير تي انگريزن جي ڊگهي عرصي تائين رهندڙ راڄ مسلمانن کي ان ڪري چيڙائي وڌو هو، جو هنن کي سماجي برابري نه هئي گڏوگڏ مذھبي آزادي به وٽن نالي ماتر هئي جنهن ڪري مسلمانن مجبور ٿي ورهاڱي جو دڳ ورتو ۽ ھڪ ڊگهي جدوجهد سبب آخر انگريزن کي برصغير مان نڪرڻو پيو.
ورهاڱي کانپوءِ قائد اعظم محمد علي جناح کي گورنر جنرل جو عهدو مليو جڏھن ته لياقت علي خان کي وزير اعظم پاڪستان بڻايو ويو ، ان وقت ملڪ جون حالتون ان ڪري به ڳنڀير هيون ڇاڪاڻ ته انڊيا مان لڏي ايندڙ ماڻھن جي  رهائش جي معاملن کان ويندي ، سرحدي معاملا، نئين آئين جي جوڙ جڪ، زراعت جي بهتري لاءِ  واهن جي کوٽائي، نوڪرين جي گنجائش پيدا ڪرڻ ، ملڪي ترقي لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ ، خزاني جي کوٽ جا مسئلا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رڪاوٽون هيون  جن کي حل ڪرڻ لاءِ ڊوڙ لڳل هئي ۽ انهن اهم ذميوارين کي پوري ڪرڻ جي جدوجهد ۾ قائد اعظم محمد علي جناح  جي طبيعت ناساز ٿي پئي. 1948ع ۾ قائد اعظم جي لاڏاڻي پڄاڻان ، ڍاڪا جي نواب خواجا ناظم الدين کي گورنر جنرل  جو عهدو سونپيو ويو، ٿوري ئي عرصي 1951ع ۾  وزير اعظم لياقت علي خان جي قتل بعد کيس وزير اعظم جو عهدو ڏنو ويو جڏھن ته لاهور ڄائو ملڪ غلام محمد گورنر جنرل پاڪستان بڻيو ،جنهن 1953ع ۾ خواجا ناظم الدين جي حڪومت بر طرف ڪري محمد علي بوگرا کي وزير اعظم مقرر ڪيو.ملڪ غلام محمد جي دور کان بيوروڪريسي سياست ۾ ڪاهي پيئي هئي، جنهن ڪري  پاڪستان جي اقتداري ايوانن ۾ وقت جي حڪومتن خلاف  هر دور ۾ سازشن جي شروعات ٿي چڪي هئي سياسي تاريخ جا ڪتاب لکن ٿا ته اڪثر جنرلن ۽ ڪامورن  جمهوري نظام کي هلڻ ئي نه ٿي ڏنو .
1956ع ۾ اسڪندر مرزا  پاڪستان جو پهريون صدر بڻيو، ان کان اڳ  ڪجھه عرصو گورنر جنرل به ٿي رهيو ھو. اسڪندر مرزا   اقتدار ۾ اچڻ سان جمهوري سياست بدران پنهنجي آمريت قائم ڪئي.  هن 1956ع کان 1958ع تائين ٻن سالن ۾ وزارتن ۾گهڻي ردوبدل ڪئي. مرڪز ۾  محمد علي جي وزارت جي جاءِ تي سهروردي وزارت ٺھي، جنهن کي ڪجهه مهينن بعد  ڪڍي چندريگر کي رکيو ويو، جنهن بعد فيروز خان نون جي وزارت آئي جنهن کي به ڪجهه مهينن بعد مارشلا وسيلي ختم ڪيائين، يعني پاڪستان جي مرڪز ۾ ٻن سالن اندر چار وزارتون آيون ويون. 1958ع ۾ اسڪندر مرزا مارشل لا هئي ۽ جنرل محمد ايوب کي چيف مارشل لاايڊ منسٽريٽر مقرر ڪيائين جنهن جي ٿوري ئي عرصي بعد جنرل ايوب خان کيس فارغ ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. چيو وڃي ٿو ته هڪ رات جنرل برڪي، جنرل ڪي ايم شيخ ، جنرل اعظم خان  ڪجھه فوجي جٿن سان گڏ صدارتي هائوس ۾ داخل ٿيا هٿيارن جي زور تي ننڊ مان اٿاري کانئس استعيفي ورتائون، جنهن بعد کيس جهاز ۾ چاڙھي برطانيا روانو ڪيائونس مرڻ کان بعد سندس لاش به تهران ۾ دفن ڪيو ويو اقتدار وڃڻ کان پوءِ اسڪندر مرزا کي وطن جا وڻ به ڏسڻ نصيب نه ٿي.
 آڪٽوبر 1958ع ۾ جنرل ايوب خان اقتدار تي قابض ٿي ملڪ جو صدر بڻجي ويو ،هن 1961 ۾ عبوري آئين وسيلي صدارتي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو هن جي آمريت ۾ عوام گهڻو تنگ ٿي چڪو هو. آخر ۾ بيماري سبب سندس صحت ڪري پيئي سندس ڪابينا مان ذوالفقار علي ڀٽي جو ڌار ٿيڻ ۽ عوامي هلچل ڪري سندس اقتدار جاٿنڀ ٿوڻيون ڪرڻ لڳا. پاڻ مارچ 1969 تي اقتدار آغا يحيٰ خان حوالي ڪري هليو  ويو،سندس اقتدار سونپڻ کان ٽي ڏينهن اڳ يحيٰ خان ايوب خان جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ تياري به  شروع  ڪري ڏني هئي ،ليڪن بنا ڪنهن تڪليف ڪرڻ جي اقتدار يحييٰ خان جي جهولي ۾ اچي ڪريو. يحييٰ خان مارشل لا لڳائي پاڻ ملڪ جو صدر ٿي ويو. هن  مارچ 1970ع ۾  بلوچستان کي  صوبي جو درجو ڏيڻ سان گڏ ڪيترن ئي آزاد رياستن کي صوبن ۾ شامل ڪيو،هن سيپٽمبر 1970ع ۾ چونڊون ڪرايون پر ملڪ ۾ سخت سياسي ڇڪتاڻ سبب هڪ سال تائين اسيمبلين جا نه اجلاس گهرايا ويا ۽ نه ئي اقتدار اڪثريتي چونڊيل پارٽي کي منتقل ڪيو ويو. اوڀر پاڪستان ۾ عليحدگي جي تحريڪ روز بروز زور وٺندي ويئي، تان جو اوڀر پاڪستان جي عليحدگي جي آواز کي دٻائڻ لاءِ فوج موڪلي ويئي. ڊسمبر1971ع ۾ ھندستاني فوج ملڪ جي اوڀر واري حصي تي ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ اهڙي طرح سان اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو.پاڪستان ٽٽڻ بعد يحييٰ خان ملڪ جون واڳون ذوالفقار علي ڀٽي   حوالي ڪري پاڻ اقتدار کان الڳ ٿي ويو، ذوالفقار علي ڀٽي ٽٽل ملڪ کي جوڙڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڪم شروع ڪري ڇڏيو. هن نه فقط ملڪ کي مڪمل آئين ڏنو گڏوگڏ ائٽمي طاقت به ڏني پر  5 جولاءِ جي رات پاڻ ڪوهه مري ۾ ترسيل هو، ان دوران جنرل ضيا سندس تختو اونڌو ڪري ملڪ تي مارشلا مڙهي ڇڏي۽ 90 ڏينهن اندر نيون چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪري يارنهن سال اقتدار سان چنبڙيو رهيو جيستائين سندس پساهه هوائي حادثي ۾ پورو نه ٿيو. ان دوران هن نه فقط دنيا جي مڃيل ليڊر ۽ پاڪستان جي چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي تي چاڙھيو گڏوگڏ ملڪ جي آزاد  ماحول کي ئي نپوڙي ڇڏيو. اهڙي طرح ھڪ ٻي جنرل پرويز شرف 1999ع تي ميان نواز شريف جو تختو اونڌو ڪري پاڻ ملڪ جو چيف ايگزيڪٽو بڻجي ويو جيڪو نو سال پاڪستان جي اقتدار کي چنبڙيو رهيو. 2008ع ۾ ان وقت جي پ پ جي حڪومت مواخذي جي رٿ آندي جنهن کان اڳ ئي هن صدارت تان استيفيٰ ڏئي ڇڏي.پاڪستان جي سياست جي سمنڊ ۾ ايترا ته گهرا طوفان آيا آھن جو عوام کي هر وقت ڪجھه نه ڪجھه ٿيڻ جو خوف  سوار رهي ٿو.هن ملڪ تي  ڪنگ ميڪرن سدائين پسند جا ماڻھو آڻي مڙھيا آھن پوءِ اهو معين الدين قريشي جي روپ ۾ ھجي يا وري شوڪت عزيز جي روپ ۾. ھن وقت اسان جي ملڪ تي وزير اعظم عمران خان جي ڪڪر ڇانو آھي جيڪو پاڪستان جو اڳوڻو مشھور ڪرڪيٽر به آھي. حڪومت جي پاليسين جي ڪري ماڻھن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آھي، عمران خان جيڪو  نئين پاڪستان جي نعري  سان آيو يا آندو ويو سو تصور ته زبردست هو پر نئون پاڪستان ته عوام کي نه مليو رهندو پراڻي پاڪستان جو اڳوڻو سوجهرو به چٽ ٿي ويو. هن حڪومت  جو سارو زور مخالف ڌر کي هيسائڻ ۾  لڳل نظر ٿو اچي ، ٻڌايو اهو پيو وڃي ته چورن کي پڪڙي انهن کان ڦريل مال واپس ڪرائڻو آھي ڳالھه ته پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آھي پر موجوده حڪومت ۾ کنڊ جي بحران جا ذميوار ۽ تيل جي کوٽ پيدا ڪندڙ ڪٿي پڪڙيا ويا آھن ،احتساب سڀني جو هئڻ گهرجي. حڪومت جي ان دعويٰ ۾  ڪنهن قدر ڀل سچائي به هجي ته اڳوڻن حڪمرانن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو، وري عجيب اتفاق اهو به آھي هن حڪومت ۾ گهڻائي ۾ اهي ماڻھو آھن جيڪي اڳوڻن حڪومتن ۾ به موجود هئا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪو هن حڪومتي پارٽي ۾ شامل ٿيو يا ان جو حمايتي ٿيو ان تي  پڇاڻو معاف ٿي ويو، باقي ٻين کي حقي يا نا حقي نه ڇڏبو . عمران  حڪومت کي جڏھن ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو اقتدار ۾ ٿي چڪو آھي ته پاڻ ايوان ۾ اچي اهو بيان ڏنائين ته جيڪڏھن مون کي مائنس ڪيو ويو ته منهنجا ميمبر  مخالفن جو پيڇو ڪندا رهندا. وزيراعظم جو ان قسم جي بيان مان لڳي ٿو ت  ڪٿي رڌڻي ۾ ڪو رولو ته ناهي. جيڪڏھن ايئن آھي ته اهو تاريخ جو ورجاءَ ئي هوندو ڇاڪاڻ ته پاڪستاني سياست جي ڪارين راتين ۾ ڪڏھن ڪڏھن سياسي اونايون ته ٿينديون رهيون آھن ان ڪري هن وقت جيڪڏھن ڪا سياسي چيخ پڪار ٻڌجي ٿي ته اها اسان جي عوام لاء ڪا نئين ڳالھه نه هوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *