تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

پارلياماني بجاءِ صدارتي نظام ڇونه هجي؟

ملڪ ۾ شروع کان نام نھاد جمھوري ۽ غير جمھوري قوتن وچ ۾ دنگل جاري آھي. سياسي پارٽيون ڀل ڪھڙي به نظرئي ۽ پروگرام تحت سياست ڪن ٿيون پر اھي غير جمھوري قوتن جي آشيرواد کان سواءِ ڪجھ به نه آھن. ذوالفقار ڀٽو کان بي نظير ڀٽو، نواز شريف، مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي، بلوچ ۽ پٺاڻ قومپرست پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي ٻاجھ واري ھٿ کانسواءِ نه سياست ڪري سگھن ٿيون ۽ نه وري اقتدار ۾ اچي سگھن ٿيون. جمھوريت جو راڳ ڳائيندڙ اڪثر پارٽين اندر به جمھوريت نه آھي. پارٽين ۾ خانداني آمريت آھي، جنھن ڪري ڪافي پارٽيون اقتدار کان ٻاھر ٿيون ته سڪڙجيو وڃن ۽ وري اسٽيبلشمينٽ سان ساز باز ڪري اقتدار ۾ اچي پاڻ کي سگھارو ڪن ٿيون. ھن ملڪ جي آئين ۽ جاري حڪومتي ڪاروھنوار مان اوھانکي خبر ئي نه پوندي ته ھن ملڪ ۾ پارلياماني جمھوري نظام آھي، اسلامي يا آمريتي نظام آھي.
73ع جي آئين کانپوءِ  قومي اسيمبلي ۽ فوجي حڪومتن مختلف وقتن تي آئيني ترميمن سان اليڪشن سڌارن وارا قانون پئي پاس ڪيا آھن. مختلف وقتن تي پاس ٿيل بلن جي منظوري ۾ مخالف ڌر جون پارٽيون به شامل رھيون آھن. موجوده پي ٽي آءِ حڪومت جيڪا نئين پاڪستان ٺاھڻ جا خواب پئي ڏسي اھا به ماضي وارين اسيمبلين جي پاس ڪيل قانونن ۾ شامل رھي آھي. اليڪشن سڌارن بابت پاس ڪيل قانونن موجب ايندڙ سؤ سالن تائين ڪو ھاري، مزدور، ھيٺئين يا وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھو پارليامينٽ  جو ميمبر ٿي نه سگھندو. مطلب ملڪ جي سرمائيدار، جاگيردار، سردار، خان، پير، مخدوم، گادي نشين ۽ امير طبقي آئيني ترميمون ڪري پنھنجي مستقل بادشاھت کي محفوظ بڻائي ڇڏيو آھي.
ملڪ جي پارلياماني نظام ۾ خرابيون ڪھڙيون آھن؟
(1) قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا تَڪ تمام وڏا آھن، ھر تڪ ۾ لکين ووٽر آھن.
(2) هر تڪ ۾ ووٽرز تائين رسائي، ووٽرز کي ٽرانسپورٽ فراھم ڪرڻ توڙي اليڪشن مھم جي ٻين لوازمات لاءِ ڪروڙين روپيا ۽ ڪٿي ھڪ ارب کان به مٿي خرچ اچي ٿو.
(3) ملڪ جون سموريون پارٽيون جيڪي ملڪ جي غريب عوام، ھاري، مزدور، ھيٺئين ۽ وچولي طبقي لاءِ سياست ڪن ٿيون پر پنھنجو نمائيندو وري به جاگيردار يا امير ماڻھو کي مقرر ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ھاري ۽ مزدور وٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪروڙين روپيا نه آھن.
(4) اليڪشن ۾ حصو وٺندر جاگيردار، ڀوتار، سرمائيدار ۽ امير طبقو پارٽي فنڊ جي نالي ڪروڙين روپيا ڀري پارٽي ٽڪيٽ وٺي ٿو وري ڪروڙين روپيا خرچ ڪري اليڪشن کٽي ٿو.
(5) جيڪو ماڻھو ڪروڙين روپيا خرچ ڪري اليڪشن کٽي قانونساز اداري ۾ پھچي ٿو، ان کي غريب ھاري، مزدور ۽ ٻئي عوام جي بنيادي حقن سان ڪا دلچسپي يا غرض نه هوندو آھي.
(6) غريب عوام جي ووٽ تي چونڊيل قانونساز ميمبر جڏھن ڪروڙين روپيا سيڙپ ڪري ايوان ۾ پھچي ٿو ته ان جي پھرين ترجيح سڻڀي وزارت، بلدياتي ۽ ضلعي جا فنڊز، نوڪرين جو وڪرو، ترقياتي فنڊن تي اک ھوندي يا اھڙا ذريعا جتان آمدن ٿئي.
(7) عوام جو چونڊيل نمائيندو ايوان ۾ عوامي مفادن واري قانونسازي ڪرڻ بجاءِ تپيدارن، مختيارن ڪارن، ڊي سيز ۽ ايس پيز جي بدلين مان پيسا يا ساڻن ماھوار خرچ جو حصو پتي رکي ٿو. کين ھر جائز ناجائز ڪم سندس فون يا چِٺيءَ کانسواءِ نه ڪرڻ لاءِ پابند ڪري ٿو، ان عمل سان ھو رياستي مشينري کي پنھنجو ڪمدار بڻائي ٿو.
(8) ھي جمھوريت جو بھترين انتقام ملڪ جي اشرافيه گذريل 70 سالن کان جمھوري ۽ غير جمھوري دورن ۾ وٺندي پئي اچي.
(9) فوجي يا غير فوجي حڪومت ھجي ڀوتار، جاگيردار، خانداني سياسي پس منظر رکندڙ اڳواڻ ۽ اشرافيه ھر حڪومت ۾ ھوندا.
(10) ملڪ جي عوام کي ھو پنھنجي ملڪيت سمجھن ٿا ۽ قانوني طور ترميمون ڪندا عوام کي جڪڙيندا وڃن ٿا.
(11) توڙي جو سينيٽ ۾ چئني صوبن جي نمائندگي برابريءَ جي بنياد تي آھي پر سينيٽ بي اختيار ۽ قانون سازي ۾ سينيٽ جو ڪو اھم ڪردار نه آھي.
(12) خاص موقعن تي يا سينيٽ جي چونڊن ۾ سينيٽرن جي خريد و فروخت ۽ بليڪ ميلنگ ٿئي ٿي. عام ماڻھو سينيٽر ٿيڻ جو تصور به نٿو ڪري سگھي.
ملڪ جي موجوده پارلياماني نظام کي بدلائڻ توڙي ھن طبقي کي ايوان ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ مشرف جا اليڪشني سڌارا بھتر ھئا، جن ۾ ٽيھر وزيراعظم ٿيڻ تي پابندي، عورتن جي ايوان ۾ نمائندگي، ميمبر جو پڙھيل ھجڻ، ھاري، مزدور ۽ نوجوانن لاءِ سيٽون رکڻ  لازمي قرار ڏنو ويو هو. ھاڻ جڏھن ملڪ ۾ پارلياماني نظام مڪمل طور ناڪام ويو آھي ته پوءِ ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ گھرجي. پوري دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ صدارتي نظام وڌيڪ ڪامياب آھي.

Bookmark the permalink.