تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

پائليٽس کي جعلي لائسنس ڏيندڙ به پڪڙ ۾ ايندا؟

دنيا جي پهرين هوائي جهاز ڪمپني 25 آگسٽ 1919ع تي پنهنجو جهاز لنڊن کان پئرس تائين اڪيلي مسافر سان اڏايو انهي بعد هوائي جهاز راني جو سفر شروع ٿيو ۽ مختلف هوائي جهازن جون ڪمپنيون وجود ۾ اچڻ شروع ٿي ويون1919.ع ۾ ئي هالينڊ جي ڪي ايل ايم، رائل ڊچ ايئرلائين جو بنياد پيو جنهن پنهنجي ڪمرشل اڏام جو سفر ايمسٽرڊيم کان لنڊن ڏانهن شروع ڪيو، پر اڳتي هلي انهي هوائي جهاز ڪمپني هالينڊ جي شهر ايمسٽرڊيم کان انڊونيشيا جي شهر جڪارتا تائين پروازون هلائڻ شروع ڪيون. برطانيا جي امپيريل ايئرويز لنڊن کان وچ اوڀر جي ملڪن ۽ آفريڪا توڙي ڏکڻ آفريڪا جي ملڪن ۾ هوائي جهاز جون اڏامون شروع ڪيون انهي امپيريل ايئر ويز جي پهرين هوائي جهاز جي اڏام مارچ 1929ع تي ڪراچي ۾ لٿي ۽ انهي سان ڪراچي جي هوائي اڏي جو آغاز ٿي ويو. يعني هوائي سفر جي دنيا جي شروع ٿيڻ کان صرف 10 سالن بعد ڪراچي ۾ هوائي سفر جي شروعات ٿي وئي. جهانگير رتنجي داداڀائي ٽاٽا برطانيا دور واري هندستان جو اهو پهريون فرد هو جنهن جوهو بمبئي کان ڪراچي تائين هوائي جهاز جو افتتاحي سفر ڪيو. ايئن ڏسندي ڏسندي ڪراچي جي هوائي اڏي جي اهميت وڌندي وئي. 1920 کان 1930ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي هوائي جهازن جي مرمت جي ڪم جو تمام وڏو هينگر ٺاهيو ويو جنهن سان انهي دور ۾ ڪراچي دنيا جي ڪل ٽن وڏن هوائي جهازن جي مرمت ڪندڙ هينگرس ۾ شامل ٿي ويو نه رڳو اهو پر ڪراچي جو ايئرپورٽ اولهه ۽ اوڀر جي ملڪن جي هوائي اڏامن لاءِ وچ واري ساهي جو مرڪز بڻجي ويو. ڪي ايل ايم ايئر لائين ڪراچي کي هالينڊ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ هلندڙ پروازن جو اسٽاپ اوور بڻايو جنهن ڪري ڪراچي ۾ ايئرپورٽ سان لڳو لڳ مڊ وي هوٽل جو بنياد پڻ وڌيو ويو. اهو هوٽل رمدا جي نالي سان اڄ به اتي موجود آهي. انهي زماني ۾ ڪراچي دنيا جي مصروف ترين هوائي اڏن ۾ شمار ٿيڻ لڳو هو ڇاڪاڻ جو دنيا جي تقريبن هر هوائي جهاز جي ڪمپني ڪراچي ۾ پنهنجي اڏام هڪ رات جي ساهي لاءِ، تيل ڀرائڻ لاءِ ۽ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ضرور لاهيندي هئي.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد، مرزا احمد اصفهاني جي اورينٽ ايئرلائينز، جنهن جو بنياد آڪٽوبر 1946ع ۾ ڪلڪتي ۾ وڌو ويو هو، ڪراچي جي هوائي اڏي تان مختلف ملڪن ۽ شهرن ڏانهن هوائي اڏامون شروع ڪيون. هڪ آرڊيننس وسيلي 10 جنوري 1955ع ۾ اورينٽ ايئرلائينز سان گڏائي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ڪمپني جي نالي سان قومي هوائي جهاز راني جو بنياد وڌو ويو. جيڪو اڄ تائين ڌڪن ٿاٻن سان جاري آهي. گريٽ پيپل فلاءِ وڌ پي آءِ اي جي سلوگن واري ايئر لائين دنيا جي مصروف ترين هوائي اڏي تان شروعات ڪئي پر افسوس جو ڏسندي ئي ڏسندي 1980ع بعد ڪراچي جي هوائي اڏي جي اهميت گهٽجڻ شروع ٿي وئي، هڪ هڪ ڪري دنيا جي هوائي جهازن جي ڪمپنين پنهنجا جهاز ڪراچي لاهڻ بند ڪرڻ شروع ڪيا. انهي جي سبب تي ڪنهن ٻئي واري لکبو، پر اڄ گريٽ پيپلز جي ايئر لائين جنهن جي پائيليٽس تي هڪ الزام لڳي ويو آهي ته اهي جعلي لائيسنز رکندڙ آهن انهي جو ڪجهه جائزو وٺجي ته اصل ماجرا ڇا آهي ۽ انهي جو ذميوار ڪير آهي.
اسان وٽ هميشه اهو جواز ڏنو ويندو آهي ته “سسٽم خراب آهي انهي ڪري اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي” مون انهي سسٽم جي خرابي تي سوچيندي ڳولڻ شروع ڪيو ته انهن پائليٽس کي لائسنز جاري ڪير ٿو ڪري؟ معلومات وٺڻ بعد پتو پيو ته اهو ته سول ايويئيشن اٿارٽي وٽ اختيار آهي ته ڪنهن پائليٽ کي لائسنس جاري ڪري. سول ايويئيشن اٿارٽي 1982ع تائين هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو هو، پر 1982ع ۾ هڪ آرڊينسس وسيلي انهي کي منسٽري آف ڊفينس جي حوالي ڪيو ويو. انهي بعد پي آءِ اي جي اداري جون مڪمل واڳون پڻ دفاعي وزارت جي هٿ اچي ويون. وري 1983ع ۾ ايويئيشن ڊويزن ٺاهي وفاقي ڪئبينيٽ ۾ انهي جي وزارت ٺاهي سول ايويئيشن ۽ پي آءِ اي کي انهي جي حوالي ڪيو ويو، پر انهي جي باوجود به عملن پي آءِ اي توڙي سول ايويئيشن تي اثر رسوخ وزارت دفاع جو ئي رهيو ۽ انهي وزارت دفاع جي ايئر فورس جو انهي ۾ عمل دخل وڌيڪ رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اداري جي مکيه عهدن تي هر دور ۾ پڻ ايئر فورس جا رٽائرڊ فرد ئي لڳندا رهيا. پي آءِ اي جي هڪ رٽائر پائليٽ ٻڌايو ته اڄ به لائسنس اشو ڪرڻ ۽ انهن جي ٽيسٽ وٺڻ ۾ اڪثر ايئر فورس جا ئي فرد هجن ٿا. سندس اهو به چوڻ هو ته عام شهري کي پائليٽ جي لائسنس وٺڻ لاءِ 12 پيپر ڏيڻا پوندا آهن، پر جيڪڏهن ايئر فورس جو ڪو پائليٽ اهو امتحان ڏئي ته انهي لاءِ صرف هڪ پيپر هوندو آهي. جڏهن ته ڪمرشل فلائيٽ ۽ فائيٽر پائليٽ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هڪ پائليٽ کي نه رڳو اهو امتحان پاس ڪرڻو هوندو آهي، پر انهي بعد سميوليٽر تي ٽريننگ ۽ ريئل فلائيٽ ٽريننگ جو امتحان پڻ ورتو ويندو آهي. انهن سڀني امتحانن لاءِ هن جو چوڻ هو ته نه رڳو اهي انتهائي ڏکيا هوندا آهن، پر اهي 40 سالن کان گهٽ عمر وارن کي هر سال ۽ 40 سالن کان مٿي ڄمار رکندڙن کي اهو امتحان هر ڇهين مهيني ميڊيڪل فٽنيس ٽيسٽ سان گڏ ڏيڻو پوندو آهي. مون کانئس پڇيو ته پوءِ هي جيڪو خود وفاقي وزير پڌرو ڪيو آهي ته پي آءِ اي جا 260 پائليٽ جعلي لائسنز رکندڙ آهن ته انهي مان ڇا مراد آهي؟ هن کلي جواب ڏنو ته لائسنس جاري ڪندڙ اداري جو خانو خراب ٿي ويو آهي اهي جيڪي رفريشر ۽ رينيوئل جا لائيسنز جاري ڪيا ويندا آهن سي سفارش ۽ پئسن تي بنا ڪنهن گهربل امتحانن جي پاس ڪرڻ جي جاري ڪيا وڃن ٿا اهو سچ آهي.
جناب سرور خان صاحب اوهان ته اعلان ڪري ڇڏيو انهن جعلي لائيسنز رکندڙ پائليٽس جو پر انهن کي جن فردن ۽ جنهن اداري اهو لائسنس جاري ڪيو ڇا اهي وڌيڪ ڏوهي آهن يا اهو پائليٽ جنهن اهو لائسنس حاصل ڪيو؟ ۽ وري انهي لائسنس جاري ڪرڻ بعد جيڪو ادارو انهي لائسنس جي بنا تصديق جي انهي فرد کي، لائسنس جاري ٿيڻ واري ڏينهن کان اڄ تائين اهو جهاز اڏارڻ جي ذميواري ڏيندو رهيو؟ منهنجي نظر ۾ هن سسٽم جي خرابي ۾ سڀ کان وڏو ڏوهي اهو آهي جيڪو انهي سرشتي ۾ سوراخ ڪري ٿو ۽ اهڙي ڪا سهولت پئدا ڪري ٿو جنهن سان جعلسازي کي هٿي ملندي هجي. اهو ادارو جيڪو اهي لائيسنس جاري ڪري ٿو ۽ اهي فرد جيڪي اتي ويٺا اهي ڪم سفارشن تي ۽ پئسن تي ڪندا رهن ٿا سي وڌيڪ ڏوهاري آهن. انهي کان وڌيڪ ڪي معاملا پاڪستان جي ايويئيشن جي اداري ۾ آهن نه رڳو ڪو جعلي لائيسنز جاري ڪرڻ وارو معاملو، پر جيڪي انجنيئرس، ٽيڪنيڪل اسٽاف ۽ ٻيو ڪنٽرول ٽاور ۽ سسٽم تي ڪم ڪندڙ جيڪو عملو هوندو آهي انهن کي پڻ لائيسنز سول ايويئيشن جو ادارو جاري ڪندو آهي. نه صرف پي آءِ اي جي اڏامن کي ٻين ملڪن ۾ پرواز آڻڻ کان روڪيو ويندو، پر پاڪستان جي ايئر پورٽس تي ڪنٽرول ٽاور ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ عملي تي به اعتبار ڪونه ڪيو ويندو ته انهن جي صلاحيت سندن جهاز کي هدايتن ڏيڻ جي قابل هوندي يا نه؟! انهي سسٽم کي سڌارڻ لاءِ ڪنهن وڏي طاقت جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته سول ايويئيشن جي انهن ڪرسين تي ويٺل عملدار ايترا ته طاقتور آهن جو انهن کي ڪنهن به سرڪار يا انهن جي وزير مشير جو ڪو خوف ڪونهي. اڄ به نالو پائليٽس جو ته ورتو وڃي ٿو پر ڪنهن به اهو ڪونه چيو آهي ته اهي جعلي لائيسنس جاري ڪندڙ ادارو ۽ فرد ڪهڙا آهن ۽ ڪيترا ڏوهي آهن ڇا انهن خلاف به ڪو قدم کنيو ويندو يا نه؟

Bookmark the permalink.

One Response to پائليٽس کي جعلي لائسنس ڏيندڙ به پڪڙ ۾ ايندا؟

  1. Awais faiz says:

    ھي ڪتاب پروفيسر طفيل ڌانا لکيل آھي، جيڪو شڪي معلومات جي سان پنجاب جي ڪنھن يونيورسٽيء ۾ ھڪ پروفيسر جي طور ڪم ڪري رھيو آھي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وسيع موضوعن تي جاکوڙي ۽ تنقيدي خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي. پروفيسر طفيل جي شڪي زندگيءَ جي حوالي باتب انٽرنيٽ ۽ دوست کان معلومات وٺي پوء ھن جي ڪيل پورھي کي بيان ڪجي ھا. پر ان بابت بختي ۽ سھي معلومات اوھان انٽرنيٽ ڪنھن معلوماتي وسيلي وٺي ڄاٺي سگھوٿا ڇو مونکي ھن بابت سھي معلومات ڪنھن بہ وسيلي نہ پئي ملي. جنھن بہ دوست يا ساٿي کي ملي تہ اھي شير ڪري سگھن ٿا.
    مابعد جديد ايمريليزم جيتوڻيڪ ھڪ وسيع موضوع آھي، جنھن کي سمجھڻ لاءِ ھي ڪتاب لوڻ ۾ اٽي برابر آھي پر پوءِ بہ پروفيسر طفيل ڌانا پنھنجي ڪيل سائنسي کوجنا ۽ ليڪچرن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيورٽر معيشت، بايو انڊسٽري جي منفي استعمال تي لکيو آھي پر انسان گڏوگڏ مثبتي استعمال کي بہ لکيو ۽ پرکيو آھي. تہ ڪئين جديد ٽيڪنالاجيڪل دؤر ۾ سائنس، انڊسٽريز، ڪارخانا، ڪميوٽرائيز سسٽم سرمائيداري جي ور چڙھيل آھي، ۽ ڪئين سرمائيدار فردن جي ذھنن کي سرمائي جي ذريعي خريد ڪري، وڪرو ڪري رھيو آھي. ھن ڪتاب ۾ پھريون ليڪچر ”زراعت ۽ ڪلوننگ“ تي آھي.، جيڪو زراعت ۾ جينيٽيڪل واڌارو ڪندڙ ۽ زراعت جي نوان نسلن پيدا ڪندڙ سرشت تي آھي. ھن ليڪچر ھي ٻڌائي ٿو تہ دنيا ڪجھ ملڪن جھڙوڪ امريڪا، چين، يورپ جي. ايم. ايف (جينٽڪل موڊيفائيڊ فوڊ) جي طريقي سان نون زرعي نسلن ۾ واڌرو آندو وڃي ٿو،۽ شين جي زرعي پيداوار کي يعني ھڪ چانور جي نسل مان ٻيو نسل، ھڪ ٻج مان ٻيو ٻج، يا جينٽيڪل طور مختلف فصلن جي ٻج کي نئين شڪل ڏئي مارڪٽننگ ڪري سرمائيو ڪمائيو پيو وڃي. جنھن ”ڪلونننگ“ چئجي ٿو. انسان گڏوگڏ اڳيئن ليڪچر ۾ طب ڪلوننگ کي لکي ٿو تہ حضرت انسان سميت دنيا جي جيوت ڪيئي ھزار سال ھن زمين تي جيودان ٿيا آھن، جيڪي ھر دؤر ۾ ارتقا ڪري نين شڪلن ۾ مٽبا رھيا آھن. جن تي موسمياتي طور مختلف قسمن جو ھٿرادو ۽ فطري وبائن جا اثر رھيا آھن، جن کان بچڻ ۽ تحفظ لاءِ انسان پنھنجو علاج طبي طور ۽ دوائن زريعي ئي ڳوليا جيڪي پڻ سرمائدار جي ور چڙھي ويا.
    مثال طور جيڪڏھن اسين ڪنھن ڊاڪٽر وڃون ٿا تہ اوھان کي پنھنجي زندگيءَ تحفظ جي فيس ادا ڪرڻي پوي ٿي. دواعن ٽيڪس ڏيڻو پوي ٿو، جو پاڪستان جھڙن غيرقانوني رياستن ۾ مرڪ، سامي، قرش جھڙيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون ھر خطي مان لاکون ڪمائين ٿيون جيڪي پڻ سرمائيدار جي ھٿ ۾ آھي تہ ھاڻي ڪھڙي دوا کي مارڪيٽنگ ڪري وڌ ۾ وڌ سرمائيو ڪمائي سگھي. ھڪ مثال سائنسي ايجادن تہ آھي، جڏھن گليلمو ٽيلي اسڪوپ ايجاد ڪئي تہ ھن جو مقصد ھو تہ ماڻھو فطرت جي نظارن کي پرکي ۽ ڄاڻ حاصل ڪري سگھي پر اھا بہ سرمائي جي آڙ ۾ اچي وئي جو ھڪ ٽيلي اسڪوپ جي قيمت لکن آھي. ائين جڏھن ليبارٽري لاءِ سائسي اوزار وٺون ٿا تہ انھن جي فيس ڏيڻي پوي ٿي. ائين سائنس، ٽيڪنالاجي، ھيومينيزم سسٽم پوسٽ اسٽرڪچلزم شڪل وٺي رھيو آھي، جنھن ۾ انساني ضرورت ۽ احساسن کي نئين شڪل ڏئي ڦريو ۽ لٽيو ويندو.
    اويس فيض
    وڌيڪ ھي ڪتاب ضرور پڙھو
    ھن ڪتاب ۾ 25 ڪتابن جي ريفرينس آھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *