تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ٽهڪ ٽٽل ڇير جيان

جيتوڻيڪ دل کي تسليءَ جو سامان مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ ته اهو “English Proverb” وزن رکندڙ آهي ته “He laughs best, who laughs last  ”پر ان آخري ۽ فاتحاڻي ٽهڪ جي انتظار ۾ ماڻهوءَ جو ماندو من غمن جو غبار کڻي کڻي ايترو ته ساڻو ٿي پوي ٿو، جو جڏهن هن جي ٽهڪ ڏيڻ جو ٽائيم اچي ٿو، مرڪڻ جي مهل اچي ٿي، تڏهن سندس مئل ۽ ملول من پنهنجي اندر اها سگهه ئي نه ٿو سمجهي ته هو کلي کلي سگهي. سندس خشڪ چپن تي تبسم جا تحفا آڻيندڙ توانائيون ڏکن جا ڏن ڀريندي ڀريندي اداسين ۽ نراسائين جي نظر ٿي وڃن ٿيون.
پر اهو غم، اهو ڏک آخر آهي ڇا؟ جيڪو جيڪڏهن جيءَ سان جڙيل ناهي ته به بيزارگيءَ ۽ اڪتاهٽ واري ڪيفيت آهي، پر جيڪڏهن ڪو ڏک ساهه سان سلهاڙيل آهي ته پوءِ به من کي وري بيچيني ۽ بيقراري آهي، جڏهن ته بيزارگيءَ کان پوءِ به بهرحال بيقراري ڀلي آهي. اهو غم جيڪو انسان جي سڄي ساري حيات تي حاوي رهي ٿو، جنهن لاءِ ڪنهن دانشور هڪ تمام سهڻي ڳالهه ڪئي آهي ته“Grief is itself a medicine” درد واقعي به هڪ دوا آهي، جڏهن اهو حد کان وڌي ويندو آهي ته پاڻ دوا بڻجي ويندو آهي، ماڻهوءَ جي ان درد، سان ڄڻ دوستي ٿي ويندي آهي، هو ان جو روڳي ٿي پوندو آهي، ان کان سواءِ پاڻ کي اڻپورو محسوس ڪندو آهي، يا جيئن ڪو شاعر دل تي هٿ رکي هي صدا هڻي ويو آهي ته:
درد هو دل مين تو دوا ڪيجيئي
دل هي اگر درد هو تو ڪيا ڪيجيئي
سو جڏهن دل خود سراپا درد بڻجي سگهي ٿي ته درد به خود دوا بڻجي سگهي ٿو ۽ ان امر کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي ته غم زندگيءَ لاءِ ٽانڪ جو ڪم ڪندا آهن، رڳو خوشين سان ڀريل زندگي به بي معنيٰ ڀاسندي آهي، جنهن زندگيءَ ۾ ڪنهن جو انتظار نه هجي، ڪنهن جو ڏنل ڏک نه هجي ته اهڙي ڦڪي زندگيءَ جي ڀلا اوقات به وڃي ڪهڙي رهندي؟
دک سي اگر پهچان نه هو تو ڪيسا سک اور ڪيسي خوشيان
طوفان سي لڙ ڪي هي تو لگتي هين ساحل ڪتني پياري
اکين ۾ طلسماتي ڪشش به ته انهن ڏکن جي شدت جي ڪري آيل آلاڻ جي ڪري ئي ته آهي، پر اهي اکيون جيڪڏهن ڳوڙهن کان خالي هجن، نيڻ جيڪڏهن لڙڪ لاڙڻ کان نابري واري بيهن ته جيڪر ٽهڪن ۾ به اهو مزو نه رهي، ڏک ته اسان جي ڏنگي اولاد جيان هوندا آهن، جيڪي وقتي طور تي اسان لاءِ تڪليف جو باعث ته بڻبا آهن، پر انهن کان سواءِ اسان زندگيءَ جو تصور به ڪونه ڪندا آهيون. اهڙي طرح غمن کان فرار چاهيندي به اختيار ناهي ڪيو ويندو. اهي غم ئي ته هوندا آهن جيڪي لڙڪن کي لائين ڪليئر ڪري ڏيندا آهن ۽ پوءِ اهي لڙڪ اهي ڳوڙها اسان لاءِ ڪنهن به احساس جو هڪ انوکو ذريعو بڻجي پوندا آهن، اهي زبان جو ڪم ڪندا آهن، ڳوڙها ڳالهائڻ لڳندا آهن، جيئن والٽيئر چيو آهي ته“Tears are the silent language of grief.”
جتي لفظ ڪو لڪ لنگهي ڪونه سگهندا آهن، لڙڪ اتان به رستو ٺاهي وٺندا آهن، اهي به غم ئي هوندا آهن، جيڪي ٽهڪن کي وکرجڻ جو ٽوڪن مهيا ڪندا آهن، مون کي ياد آهي ته هن به هڪ دفعي منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي تمام ڌيرج سان ڪنهن جا لکيل هي لفظ ادا ڪيا هئا ته:
Dear, pack up your troubles your old kitbag. And smile… smile… smile…
۽ اڄ جيڪڏهن هوءَ مون کي ڪنهن موڙ تي ملي وڃي ته مان کيس اهو ٻڌائي شايد نه سگهان ته پرين، تنهنجي اها ڳالهه بلڪل درست هئي ته مسڪراهٽون ۽ ٽهڪ غمن جي غبار کي هلڪو ڪري ڇڏيندا آهن، پر مان مصنوعي مرڪ سان تنهنجي ڏنل غمن کي بار سمجهي هلڪو ڪرڻ هرگز نه چاهيندم، ڇو ته ڪنهن ڪنهن جا ڏنل ڏک ساهه سان سانڍڻ جهڙا هوندا آهن .
پر جيڪڏهن دل اهڙو ضد ڪيو به ته کيس اها صلاح ڏئي سگهجي ٿي ته:
هنسو آج اتنا ڪه اس شور مين
صدا سسڪيون ڪي سنائي نه دي
اهي ٽهڪ جڏهن ماڻهوءَ جي اداس اندر مان وڏي واڪ ٻاهر نڪرندا آهن، تڏهن اهي ڄڻ ته غمن جي غبار ۽ درد جي دونهين تي غلبو حاصل ڪرڻ گهرندا آهن ۽ انهن ٽهڪن جي پوندڙ پڙاڏي ۾ اسان جي اندر مان ايندڙ سڏڪن جو آواز خود اسان جي سماعتن تائين به پهچي ڪونه سگهندو آهي ۽ ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ غم هڪ لحظي لاءِ لڏي ويا هجن.
اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائيندڙ اداسين جي عيوض نڙيءَ مان نڪرندڙ سڏڪن جي ڏکايل ساز مٿان ٽهڪن جو ٽٽل ڇير جهڙو آواز جڏهن حاوي ٿي ويندو آهي. زندگيءَ جي رقاصه جي ٽٽل ڇير مان اٿندڙ آواز جهڙي ٽهڪ کي فضا ۾ ڦهلائڻ کان پوءِ ماڻهو شيڪسپيئر جي لفظن ۾ دنيا جي اسٽيج جو هڪ ڪامياب اداڪار لڳندو آهي، جڏهن ته اسان جي حال جي حقيقت هيءَ هوندي آهي ته جيڪڏهن اسان جي اندر ۾ ڪا سانوري ليئو پائي ڏسندي ته سندس ڪنول ڪنن ۾ هي سرگوشي ڪرڻ ۾ هڪ لمحي جي دير به نه ڪبي ته:
ميري دل ڪي حقيقت ميري آنسووُن سي پوڇ
ميرا مجلسي تبسم ميرا ترجمان نهين هي

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *