تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٻيلن جي تباهي جو ذميوار ڪير ؟

سنڌ ۾ ٻيلا ختم ٿي ويا آهن ان ۾ هاڻي ڪو شڪ ناهي رهيو اهو ئي سبب آهي جو ٻيلن جي صورتحال جاچڻ لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نوٽيس ورتو  ۽ ٻيلي کاتي کان ان بابت پڇا ڪئ . جنهن کانپوءِ ٻيلي کاتي وارا به سرگرم ٿي ويا.  سنڌ ۾ دادو ضلعي ۽ ڄامشورو ضلعي ۾ به سنڌو درياهه وهڻ ڪري ٻيلن جي هڪ وڏي ايراضي پڻ آهي.
فاريسٽ ايفوريسيٽيشن ڊويزن دادو جيڪو هن وقت ٻن ضلعن تي مشتمل آهي پر ٻيلو کاتو صرف دادو ڊويزن تي مشتمل اهي جنهن ۾ کاتي جي حوالي سان ٻئي ضلعا اچي وڃن ٿا. جنهن ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ مانجهند ٻيلو ،انڙ پور ٻيلو ،ٻڍاپور ٻيلو، گدڙجي ٻيلو، آمري ٻيلو، ڀان ڪالوڀوري ٻيلو، ڪنڌاه ٻيلو، شاهه ڳڙهه ٻيلو، ڍنڍڻ ٻيلو، خيرو ديرو ٻيلو، ۽قاسم شاهه ٻيلو آهي ٽوٽل يارهن نالن سان ٻيلا آهن  جڏهن ته دادو ضلعي ۾ ڪيٽي ليلا ٻيلو، باغبان ٻيلو ، ڪيٽي جتوئي ، راڌڻ ڪچو ٻيلو ، سونا ٻنڊي ٻيلو،ڪچو مگسي ٻيلو، ڪمال ديرو ٻيلو،ناري ٻيلو ، ٻڍوديرو ٻيلو، ۽سوئي نالي سان ٽوٽل ڏهه نالن سان ٻيلا آهن. ڊويزن دادو جي ٻيلي کاتي ۾ ٽوٽل 21 ٻيلا آهن  مليل انگ اکرن موجب ان ٻنهي ضلعن ۾ ٻيلي کاتي جي هڪ لک 15 هزار ايڪڙ ٻيلن تي مشتمل ٻيلي کاتي جي ايراضي آهي  ،فاريسٽ ڊويزن دادو ضلعي جي اهم عملدارن موجب ڄامشورو ضلعي ۾ مانجهند ٻيلو  6 چوڪڙين تي مشتمل آهي جيڪو2هزار 227 ايڪڙن تي مشتمل آهي ايئن انڙ پور ٻيلو  23چوڪڙين تي مشتمل آهي جيڪو 1760ايڪڙن تي مشتمل آهي ،ٻڍاپور ٻيلو  8 چوڪڙين تي مشتمل آهي جيڪو 320 ايڪڙن تي مشتمل آهي ،گدڙجي ٻيلو جنهن ۾ 47چوڪڙيون آهن اهو 283 ايڪڙتي مشتمل آهي ،آمري ٻيلو جنهن ۾ 46 چوڪڙيون آهن اهو 685 ايڪڙ ن تي مشتمل آهي ، راڄڙي ٻيلو جنهن ۾ 59 چوڪڙيون آهن اهو 5 هزار 940 ايڪڙ ن تي مشتمل آهي ،ڀان ٻيلو جنهن ۾  31 چوڪڙيون آهن اهو 820 ايڪڙن تي مشتمل آهي  ، ڪالوڀوري ٻيلو جنهن ۾ 7 چوڪوڙيون آهن اهو 525 ايڪڙڻ تي مشتمل آهي،ڪنڌاهه ٻيلو جنهن ۾ 45 چوڪڙيون آهن اهو 4 هزار 99 ايڪڙن تي مشتمل آهي ، خيرو ديرو ٻيلو جنهن ۾ 19 چوڪڙيون آهن اهو1425 ايڪڙن تي مشتمل آهي، ڪيٽي ليلا ٻيلو جنهن ۾ 89 چوڪڙيون آهن اهو 2430 ايڪڙن تي مشتمل آهي، ڪيٽي باغبان ٻيلو جنهن ۾ 21چوڪڙيون آهن اهو 296 ايڪڙن تي مشتمل آهي، دادو ضلعي جي ڪيٽي جتوئي جنهن ۾ 5 چوڪڙيون آهن اهو 700 ايڪڙ ن  ،سونا ٻنڊي ٻيلو جنهن ۾  27 چوڪڙيون آهن اهو 628 ايڪڙن ، ڪچو مگسي ٻيلو جنهن ۾ 5 چوڪڙيون آهن اهو 87 ايڪڙن،قاسم شاهه ٻيلي جنهن ۾ 23 چوڪڙيون آهن اهو 432 ايڪڙن ، ناري ٻيلو جنهن ۾ 22 چوڪڙيون آهن اهو 504 ايڪڙن ، ٻڍو ديرو ٻيلو جنهن ۾  10 چوڪڙيون آهن 166 ايڪڙن ،سئي ٻيلو جنهن ۾ 4 چوڪڙيون آهن اهو 145 ايڪڙن تي مشتمل آهن ان ٻيلن جو غير سرڪاري طور جائزو وٺون ته معلوم اهو ٿو ٿئي ته اهو ڄامشوروضلعي جا ٻيلا هجن يا دادو ضلعي جا ٻيلا هجن انهن تي سياسي توڙي غير سياسي با اثر ڌريون قبصو ڪري ان ٻيلن واري ايراضي  تي بيٺل مختلف قسمن جا ڪروڙين رپين جي ماليت جا وڻ وڍائي ان زمين تي ڪمند ،تر ،ڪڻڪ۽ ٻيا فصل پوکي ڇڏيا آهن ، جنهن ڪري ٻيلي جو وجود ئي ختم ٿي ويو آهي.   جنهن صورتحال کان پوءِ سڃاڻ ڌرين جي دانهن ڪوڪن تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  نوٽيس وٺي ان ٻيلن بابت ٻيلي کاتي وارن کان پڇاڻو ڪيو  جنهن پڇاڻي کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي دادو فاريسٽ ڊويزن ايفوريشن آفيسر پاران 18 آڪٽومبر 2018ع تي هڪ نوٽيس موڪلي2013ع کان مختلف سالن ۾ 2019ع ۽ 2022ع تائين ليز تي ڏنل 5018ايڪڙ ليز تي ڏنل ٻيلي کاتي جي زمين جي الاٽيز کي نوٽيس جاري کانئن 15 ڏينهن ۾ جواب  طلب ڪيو ھو. ڊويزنل فاريسٽ آفيسر،ايفوريسيٽيشن ڊويزن دادو جي آفيسر پاران انڙ پور ٻيلو ، مانجنهد ٻيلو ،راڄڙي ٻيلو گهاگ ٻيلو ،ڪنداهه ٻيلو خيرو ديرو ٻيلو ،ڪت لالي ٻيلو ،ڀان ٻيلو ،ڪنڊي باغبان ٻيلو،سوئي ٻيلو ،بڊهوديرو ٻيلو ، ڪچو سيتا ٻيلو ،ڪمال ديرو ٻيلو ،ڪچو مگسي ٻيلو ، قاسم شاهه ٻيلو ، ناري ٻيلو ، سونا ٻنڊي ٻيلو ، ڪالو ڀوري ٻيلو ۾ 2013ع کان 2014ع ۽ 15 ،16 ،17 ۽ 2018 کان 2019 ع ۽ 2022ع تائين 5018 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي ايراضي مختلف ماڻهن کي ليز تي  ڏنل 10 کان 20 ۽ 40 ايڪڙ ايراضي جي الاٽيز کي سي پي نمبر2018ع_52 سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 2 آڪٽوبر 2018ع جي ڏنل حڪم موجب ايفوريسٽيشن ڊويزن دادو جي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر محمد علي انڙ جي صحيح سان نوٽيس جاري ڪري کانئن وضاحت طلب ڪئي وئي هئي ته توهان ليز جي قانون جي ابتڙ ليز واري ايراضي غير قانوني طريقي سان استعمال ڪري رهيا آهيو ان بابت وضاحت ڪري 15 ڏينهن جي اندر جواب ڏيو نه ته اوهان کي ليز تي ڏنل ايراضي جي ليز رد ڪئي ويندي ان حوالي سان ڊويزنل فاريسٽ آفيسر دادومحمد علي انڙ دادو ضلعي ۽ ڄامشورو ضلعي ۾ جيڪا 5018 ايڪڙ ايراضي ليز تي ڏيڻ ظاهر ڪئي هئي اها انڙ پور ٻيلي ۾ 7 ماڻهن کي 97 ايڪڙ مانجهند ٻيلي ۾ 17 ماڻهن کي 215 ايڪڙ ،راڄڙي ٻيلي ۾ 10 ماڻهن کي 295 ايڪڙ، گهاگ ٻيلو ۾ 3 ماڻهن کي 65 ايڪڙ، ڪنداهه ٻيلو ۾ 30 ماڻهن کي 645ايڪڙ، خيرو ديروٻيلو ۾ 13 ماڻهن کي 330 ايڪڙ، ڪيٽي ليلا ٻيلو م 16 ماڻهن کي 290 ايڪڙ، ڀان ٻيلو ۾ 9 ماڻهن کي 180 ايڪڙ ، ڪنڊي باغبان ٻيلو ۾ 16 ماڻهن کي 290 ايڪڙ ، ڪالو ڀوري ٻيلو ۾ 6 ماڻهن کي 199 ايڪڙ ، سونا ٻنڊي ٻيلو ۾ 48 ماڻهن کي 1207 ايڪڙ، ناري ٻيلو ۾ 12 ماڻهن کي 294 ايڪڙ، قاسم شاه ٻيلو ۾ 5 ماڻهن کي 95 ايڪڙ، ڪچو مگسي ٻيلو۾ 18 ماڻهن کي 375 ايڪڙ، ٻيلو ڪمال ديرو ۾ 5 ماڻهن کي 175 ايڪڙ ، ٻيلو ڪچو سيتا ۾ 7 ماڻهن کي 144 ايڪڙ بڊهو ديرو ٻيلو ۾ 4 ماڻهن کي 40 ايڪڙ ،سوئي ٻيلو ۾ 8 ماڻهن کي 85 ايڪڙ ٽوٽل 5018 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي ايراضي ڪن کي ڏهه ايڪڙ ڪن کي 15 ايڪڙ ڪن کي 20 ايڪڙ تي ڪن کي 40 ايڪڙ ايراضي 2013ع 14، 15، 16، 17 ۽2018ع ۾ 2019ع ۽ 2022ع تائين ليز تي ڏني وئي هئي  هاڻي فاريسٽ ڊويزن دادو جنهن ۾ ڄامشورو ۽دادو ضلعي جا سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپر کان لاڙڪاڻي ضلعي جي حد کان مانجهند ڪوٽڙي جي حدتائين ٻيلا اچي وڃن ٿا جيڪي ٻيلا  هڪ لک15 هزار ايڪڙايراضي  تي مشتمل آهن انهن مان سنڌ حڪومت ۽ ٻيلي کاتي پاران دادو ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ تقريبن 5018ايڪڙ مختلف اسڪيمن تحت ماڻهن کي ليز تي ڏيڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي  ذريعن مان مليل معلومات موجب ليز تي ڏنل ان ايراضي تي به  با اثر ڌرين جو قبضو ٻڌايو ٿو وڃي ٿو. ٻيلي کاتي جي ايراضي تي قبضن جوڪجهه وقت اڳ سپريم ڪورٽ پاران نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ٻيلي کاتي جي عملدارن ٻيلي کاتي جي ايراضي تي قبضو ڪندڙن کان  قبضو خالي ڪرائڻ ۽ قبصو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ سپريم ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ کان  پوءِ رڳو قبضو ڪندڙن جي نالن سان لسٽ جوڙي سپريم ڪورٽ توڙي سنڌ حڪومت جي اختيارين کي ٻيلي کاتي جي 24 هزار 862 ايڪڙن تي بااثر ڌرين جو قبصوهجڻ جي رپورٽ ڏني هئي  پر سنڌ حڪومت ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪري وڻن جي واڍي ڪرائيندڙ ڪنهن به سياسي توڙي غير سياسي ڌر خلاف قدم کڻي ٻيلي کاتي جي قبضي هيٺ آيل ايراضي تان قبضا ختم ڪرائي ٻيلن کي اصل صورتحال ۾ بحال نه ڪرايو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *