تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ٻوڏ متاثر ڪنهن در واجهائين ؟

سڄي سنڌ برسات جي ڪري پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي پر ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ جنهن انداز ۾ قدم کڻڻ گهرجن اهي ٿيندي نظر نه اچي رهيا آهن ۽ ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت انهي ڏکئي وقت مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.سانوڻي جي هيلوڪي مند شروع کان وٺي جيڪا تباهي آندي ان ۾ انتظامي نااهلي ۽ ڪرپشن جو ڪيترو ڪردار هو اهو اڳ ئي ذڪر ڪري چڪا آهيون پر هن وقت جيڪا ضرورت آهي اها ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ جي بندوبست ڪرڻ جي آهي ته ڪيئن انهن ماڻهن جي مدد کي اثرائتو بڻائجي، جيڪي هزارن لکن جي تعداد ۾ هن وقت بنا ڇت جي بي يار مددگار ويٺا آهن جن جا هن برسات ۾ ڪچا گهر ۽ جهوپڙيون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن،پوءِ اهو ڀلي ڪاڇي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺل هجي يا سيراڻي سامهون سمنڊ ڪناري تي ان جي رهائش هجي.سانوڻهن ڀيري هڪ ڀيرو وسي بس نه ڪئي آهي پر اهو مختلف مرحلن ۾وسندو رهيو آهي ۽ اڃان وسي رهيو آهي ۽ ان جي شدت به هر ڀيري کان وڌيڪ رهي آهي جنهن ڪري جيڪي ماڻهو پهرين متاثر ٿيا اهي اڃان پاڻ سنڀالڻ ۾ ئي پورا هيا ته ٻئي وسڪاري کين وڌيڪ مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو جنهن ڪري نه انهن وٽ روزگار بچيو آهي ۽ نه ئي کاڌ خوراڪ لاءِ ڪي گندي ۾ داڻا بچيا آهن،گهڻن ماڻهن جي ته سڄي عمر جي ڪمائي انهي برساتن جي نذر ٿي وئي آهي پر انتظاميا آهي جيڪا انهي انداز ۾ متحرڪ نظر نه اچي رهي آهي جيڪڏهن ڪجهه وزير يا وڏو وزير ڪنهن علائقي ۾ پهچي ٿو ته انتظامي عملدار پنهنجون ڦڙتيون ڏيکارين ٿا انهن جي وڃڻ کانپوءِ ساڳيا ڪاري وارا ڪک هوندا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن سڄي تباهي ۾ برساتن کان وڌيڪ انهي انتظامي نااهلي جو هٿ آهي جيڪا ڪاموراشاهي پنهنجي چالاڪين ذريعي ڪاغذن جا پيٽ ڀري هر هنڌ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي جو سرٽيفيڪيٽ جاري ڪري ڏيکاريندي آهي. هي هڪ غير معمولي صورتحال آهي جيڪا انتظاميا جي انهن افعالن جي ڪري پيدا ٿي آهي ۽ تقريبن سڄي سنڌ پاڻي ۾ لڙهي ۽ ٻڏي رهي آهي،جيڪا ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي ته انهن انتظامي ڪوتاهين تي ڪو قدم کڻي پر هن وقت جنهن ڳالهه جي ضرورت آهي اها اها ته ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. وڏي وزير جيڪا رين ايمرجنسي صوبي ۾ لاڳو ڪئي آهي اها رسمي نه هجي واقعي ايمرجنسي لاڳو ٿيندي نظر اچڻ گهرجي ۽ هر ضلعي انتظاميا ڪامورڪيون چالاڪيون ۽ ڦڙتيون ڇڏي واقعي ئي ماڻهن جي مدد لاءِ نڪري پوي. سنڌ حڪومت جي اولين ذميواري آهي ته اها متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ پهچي،سڄي سنڌ مان چونڊيل نمائندن کي به هن وقت پنهنجي پنهنجي تڪ ۾ هجڻ گهرجي ڇو ته شايد ئي ڪو علائقو هجي جيڪو هن برساتن ۾ متاثر نه ٿيو هجي ڪٿي وڌيڪ ته ڪٿي گهٽ پر تباهي هر هنڌ ٿي آهي،توڙي جو سنڌ جو وڏو وزير ۽ ڪجهه وزير متاثر علائقن جو دورو ڪري رهيا آهن پر جنهن نموني جي تباهي ٿي آهي اها اڪيلي سر سنڌ حڪومت جي سنڀالڻ جي وس جي ڳالهه ناهي،سنڌ حڪومت تي جيڪا تنقيد ٿي رهي آهي اها جائز آهي پر هن وقت تائين وفاقي حڪومت ۽ نه اين ڊي ايم اي جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي جو هڪ صوبو مڪمل قدرتي آفت سبب تباهي هيٺ آهي پر وفاقي حڪومت صوبي ۾ مخالف سياسي پارٽي جي حڪومت هجڻ جي سزا طور ڄڻ ان کي نظر انداز ڪري رهي آهي جو انهي انداز ۾ امدادي ڪمن لاءِ وفاقي ادارا متحرڪ نه ٿيا آهن جنهن انداز ۾ انهن کي ٿيڻ گهرجي ،اين ڊي ايم اي سميت ٻيا ادارا به نالي جي قومي ميڊيا جي دٻاءُ ۾ رڳو ڪراچي تائين محدود آهن توڙي جو اتي به ريسڪيو ۽ ماڻهن جي مدد جي ضرورت آهي پر انهي کان وڌيڪ تباهي ڪاڇي کان وٺي سامونڊي پٽي جي ضلعن ۾ ٿي آهي جتي نه وفاقي حڪومت پهتي آهي نه ئي اين ڊي ايم اي جا ڪي عملدار ڏسڻ ۾ آيا آهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. برساتن جي ڪري جيڪو سڀني کان وڏو مسئلو ماڻهن کي آڏو اچي رهيو آهي اهو اهو آهي جو هو جنهن هنڌ تي ويٺا آهن اتان ڪاڏي وڃي نه ٿا سگهن ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان نه هجڻ ڪري اهي بک تي گذران ڪرڻ تي مجبور آهن، خاص ڪري ڪاڇي جي پٽي ۾ نئين جي وهڪري ۽ برسات جي متاثر ٿيل آبادي يا سامونڊي پٽي سان ويٺل ننڍن ننڍن ڳوٺن جي آبادي ڄڻ ته ڦاسي پئي آهي، شهرن ۾ته وري به کائڻ پيئڻ جو مسئلوشايد ايترو شديد نه هجي پر پري وارن علائقن ۾ ويٺل ماڻهن تائين جيڪڏهن ترت امدادي سامان نه پهتو ۽ انهن جي واهر نه ٿي ته ڪو وڏو الميو پيدا ٿي سگهي ٿو. انهن جي تڪليف جو اندازو ئي نه ٿو لڳائي سگهجي جنهن صورتحال مان هو هن وقت گذري رهيا آهن تنهن ڪر ي رڳو هڪڙي حڪومت يا ڪنهن مخصوص اداري جي سرگرمي سان هن صورتحال کي سنڀالي نه ٿو سگهجي،نه رڳو ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جي ضرورت آهي پر ڊگهي وقت تائين انهن جي گذاري جو بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا آهن انهن مان اڪثريت پنهنجا گهر وڃائڻ سان گڏ پنهنجي گذر سفر جا وسيلا به وڃائي ويٺي آهي جيڪي ٻنيون آبادي لائق هيون اهي هڪ فصل تائين ته پاڻي بيهڻ ڪري آبادي لائق نه رهيون آهن ٻيو ته انهن وٽ ايترا وسيلا ناهن جو اهي پنهنجو گذر ڪري سگهن يا ٻنيون آباد ڪري سگهن.
اسان سمجهون ٿا ته هي وقت سياسي اختلاف پاسيرا رکي متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو آهي ،ماڻهن کي عارضي مدد به گهرجي ته انهي کان پوءِ مڪمل بحال ٿيڻ تائين به سرڪار جو سهڪارگهرجي جيڪا ذميواري سنڌ حڪومت ،وفاقي حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي تي لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ڪا اهڙي منصوبابندي ڪن جنهن سان في الفور ماڻهن جو ريسڪيو ۽ کاڌ خوراڪ وارو مسئلو به حل ٿئي ته ايندڙ وقت ۾ انهن جي بحالي ۾ به اهي مددگار ٿي سگهن. ڇا وفاقي حڪومت اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا وفاقي ادارا صوبائي حڪومت سان گڏجي سڄي سنڌ جي متاثرماڻهن جي مدد لاءِ اڳيان نه ٿا اچي سگهن.؟

Bookmark the permalink.

One Response to ٻوڏ متاثر ڪنهن در واجهائين ؟

  1. Qazi Rabail says:

    سنڌ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، انتظاميا مڪمل طور ناڪام…!
    سنڌ جي مخلتف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لڳاتار سانوڻي جي وسڪاري تباهي مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته انتظاميا مڪمل طور تي ناڪام بڻجي وئي آهي، ڪروڙين روپيا بجيٽ هئڻ باوجود به ڪو سسٽم صحيح ناهي جنهن سبب قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، هاڻي هڪ نظر تباهي تي وجهندا هلون ته تيز وسڪاري سبب مختلف شهرن ۾برسات کانپوءِ مختلف واقعن ۾ 23 ڄڻا زندگيون وڃائي ويٺا، زندگي جو ڪاروهنوار به سخت متاثر ٿيو آهي، ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشوري، دادو، بدين، ٽنڊي محمد خان، مٽياري، ٽنڊي الهيار، ٺٽي، سجاول، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ،نوابشاهه، خيرپور، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻي، ڏوڪري، باڊهه، نصير آباد، وڳڻ، راڌڻ، خانپور، سڳيون، ميهڙ، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پوڻ سبب متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل آهن، برسات جي راڱن کانپوءِ انتظاميا جي نااهليءَ عوام جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال هئڻ ڪري عوام ڳڻتي ۾ وڪوڙجي ويو آهي، وسڪاري کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿين ڪري روڊ رستا ڌرياهه جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، برسات کانپوءِ مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال هئڻ کانپوءِ شهرن کان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جنهن سبب رهواسي پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي، ڪراچي ۾ برساتن جو 90 سالن وارو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، طوفاني برسات کانپوءِ گڏاپ جي علائقي ۾ قائم ٿڌو ڊيم اوور فلو ٿيڻ ڪري بند ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو آهي پر ڪوبه آبپاشي عملدار نه پهتو آهي، جنهن سبب ڀرپاسي ۾ رهندڙ رهواسي ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن، ملير ندي ۾ چاڙهه سبب اچ وڃ جا رستا بند ٿي ويا آهن جڏهن ته ضلعي جي سوين ڳوٺن جو هڪ ٻئي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، پاڪ فوج ۽ ريسڪيو ٽيمون متاثرن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ پاڻي جي نيڪالي ۾ مصروف آهن، ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب شهر جا اڌ کان وڌيڪ علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل آهي، جنهن سبب رهواسي پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، برسات کانپوءِ ڪراچي ۾ يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، شفيق موڙ، ناظم آباد، ناگن چورنگي، نيشنل اسٽيڊيم، حسن اسڪوائر، بلوچ ڪالوني، ڪورنگي، گرومندر ۽ ٻيا علائقا ٻڏي ويا، گهرن ۾ پاڻي ڪاپي پيو، جنهن سبب ڪيترائي خاندان کليل آسمان هيٺ بي يارو مدد گار بڻيل آهن، ملير، ايئرپورٽ، شاهه فيصل ڪالوني، عظيم پوره، ڪورنگي، ڊفينس، محمود آباد، اختر ڪالوني، گلشن اقبال، ، پراڻي سبزي منڊي ۽ پي آءِ بي ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز برسات سبب هيٺائين وارا علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، ڪراچي جي قديم وسندين ابراهيم حيدري، لٺ بستي ۽ ريڙهي ڳوٺ ۾ پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو، جنهن سبب رهواسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن ، ملير ندي ۾ چاڙهه سبب ڪورنگي ڪراسنگ تي پاڻي اچڻ سبب روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. جڏهن ته نينگر سوڌو 2 ڄڻا ٻڏي ويا، ۽ ڀينس ڪالوني ۾ ڀت ڪِرڻ سبب نينگر دٻجي فوت ٿيو، اتحاد ٽائون ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ناري فوت ٿي، مشرف ڪالوني ۾ به نينگر ٻڏي فوت ٿيو، گلستان جوهر ۾ منور چورنگيءَ وٽ جابلو ڇِپ ڪِرڻ سبب 20 کان وڌيڪ گاڏيون دٻجي ويون، جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، ٺارو شاهه ڀرسان ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه عورتون فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ پير بخش اڄڻ ۾ تيز برسات پوڻ سبب گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت امير زادي ۽ نينگر شوڪت اڄڻ دٻجي فوت ٿي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڳوٺ قادر بخش ابڙو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت حليمان ابڙو فوت ۽ 2 ٻار سيما ۽ وسيم زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، اڪثر علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجليءَ جـِي فراهمي معطل آهي، تيز برسات کانپوءِ مختلف شهرن ۾ بجليءَ جا پول ڪِرڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل آهي ۽ فصلن کي به نقصان پهتو آهي، ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات پي اي ايف فيصل بيس تي 130 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، ناظم آباد ۾ 105، نارٿ ناظم آباد 102،پي اي ايف مسرور بيس 98، ڪياماڙي 82، نارٿ ڪراچي ۾ 80 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جناح ٽرمينل 80، يونيورسٽي روڊ 74،سرجاني ٽائون 73،سعدي ٽائون 72 ۽ گلشن حديد ۾ 30، ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ 105ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جهمپير ۾ لوياج نئن ۾ 2 نوجوان موٽر سائيڪل سميت لــُڙهي ويا،ڳوٺاڻن بيهوشيءَ جي حالت ۾ نوجوانن کي ڪڍي ورتو، برسات سبب سم نالا اُٿلڻ ڪري گهوڙا ٻاري ۽ ميرپورساڪرو ۾ داخل ٿيل پاڻيءَ کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو، سوين ايڪڙن تي بيٺل سارين، مرچن ۽ ٽماٽن جا فصل پاڻيءَ ۾ ٻــُڏي ويا آهن جنهن ڪري آبادگار ۽ ڪڙمي انتهائي پريشان آهن ، جهمپير ويجهو ميٽنگ ريلوي اسٽيشن وٽ تيز برسات کانپوءِ پاڻيءَ جي وهڪري 6فوٽن تائين ٽريڪ جي حفاظتي بند کي لوڙهي ڇڏيو، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال آهي، جڏهن ته ڪيترائي خاندان ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن، انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي، کيرٿرجابلو پٽيءَ تي به برسات جو سلسلو جاري جاري آهي، جنهن سبب نئن گاج ۽ نئن نلي سميت ٻيون نئيون وهي آيون، ڪاڇي واري علائقي ۾ ٻوڏ وارِي صورتحال پيدا ٿي وئي، نئن نلي جي تيز وهڪري سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي وڃڻ سبب متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، تيز برسات جوهي شهر کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ مختلف واهن ۽ شاخن کي گهارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻيءَ هيٺ اچڻ سبب آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا، کور واهه ڀرسان ڪارو گونگڙو سم نالــَي کي ڳوٺ رمضان دَل وٽان 50 فوٽ گهارو پيو، بودر فارم ڀرسا ٿر ٽيل واهه کي 30 فوٽ، دريا خان مري لڳ سم نالي کي ٻن هنڌن تان 30-30 فوٽن جا گهارا لڳڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، جڏهن ته اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارا ٻــَڌڻ ۾ رُڌل رهيا، موسميات کاتي اهو چوڻ آهي سنڌ ۾ 29 کان 30 آگسٽ تي هڪ ٻيو برسات جو سسٽم داخل ٿيندو، جنهن سبب برسات جاري رهڻ جو امڪان آهي، برساتن جو سلسلو رُڪجڻ جو في الحال ڪو به امڪان ناهي، برسات جو سلسلو خميس جي صبح تائين وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿو، اهڙ امڪان کانپوءِ به انتظاميا حرڪت ۾ نه آئي ته آخر ڪڏهن ايندي، قدرتي آفت کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن پهريان قدم کڻي ڊرينيج سسٽم کي صحيح نموني ٺيڪ ڪرايو وڃي ها ته شايد سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا نه ٿئي ها، وڏي نقصان کانپوءِ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته آخر وفاق ۽ سنڌ سرڪار متاثرن جي ڪيتري واهر ڪري ٿي، بي يارو مددگار ويٺل ڳوٺاڻن به اعليٰ اختيارين کان اها ئي اپيل ڪئي آهي ته سندن جي واهر ڪري ڳڻتي ختم ڪئي وڃي………………

    Qazi Rabail : please publish my artical

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *