تازا ترين
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*

ٻوڏ جي تباهي بعد درد جو داستان بڻجي ويل ڪاڇو !!! 

ڪاڇي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ وارن علائقن ۾ ھن وقت هڪ وڏي الميي جنم ورتو آهي. ٻوڏ متاثر ڳوٺن جا رهواسي هن وقت  بُکن ۽ بيمارين سبب زندگيون وڃائي رهيا آهن. بيمارين جو سبب بڻجندڙ بُک سان گڏ شديد گرمي ماڻھن کي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آڻي بيهاريو آهي. انهن کي هن وقت تائين نه رهڻ لاءِ ڪي تنبو مليا آهن ۽ نه وري سرڪار ڪو انتظام ڪيو آهي. جن علائقن ۾ ماڻھو متاثر ٿيا آهن انهن مان مٺو پاڻي به ختم ٿي ويو آهي. کوھ لٽجي وڃڻ ڪري رهواسي نئين گاج جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. سرڪاري انتظامن ۽ امدادي ڪارواين ۾ تاخير ۽ روڊ بحال نه ٿيڻ سان ڪاڇي واسي انتهائي ڏُکين حالتن مان گذري رهيا آهن. هڪ قدرتي مصيبت هنن کي برباد ڪيو آهي ته ٻي طرف انتظامن جي کوٽ ڪري هزارين ماڻھو بک جو شڪر آهن.
علائقي ۾ کاڌي پيتي جون شيون مڪمل طرح ختم ٿيڻ ڪري ماڻھون لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن. ڪاڇو تباهي جي هڪ تاريخي ڪهاڻي بڻجي ويو  آهي. سرڪار جيڪي ڪوششون ڪيون آهن انهن جو ثمر متاثر علائقن جي رهواسين تائين اڃا تائين نه پهچي سگهيو آهي. جن ماڻھن جي گهرن جا منظر موهن جي دڙي جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، انهن کي سرڪار طرفان آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ڪاڇي جون 80 ديهون شامل ڪيون ويون آهن. هن مصيبت ۾ ڦاٿل ڪاڇي جون حالتون ڀيانڪ منظر پيش ڪري رهيون آهن، جتي به نئين گاج جي پاڻي سبب تباهي ٿي آهي، اهي ڳوٺ، ويڙھا ۽ وسنديون قبرستان جو ڏيک ڏئي رهيون آهن. ڪيترائي ڳوٺ ۽ ويڙھا ڌرتيءَ تان ايئن ميسارجي ويا آهن ڄڻ ڪو هتي پهرين ڪي انساني آباديون ئي نه هيون پر برپٽ بيابان ھو. پاڻيءَ ۾ ماڻھن سان گڏ جانورن جي لڙهڻ جا دل ڏاريندڙ منظر به نظر آيا ۽ هزارين ماڻهو پاڻي جي خونخوار وهڪرن ۾ ڦاسڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار ۽ دادو ضلعي انتظاميه کي دردمندانه اپيل ڪندي ڏٺا ويا، جن وڻن تي چڙھي جانيون بچايون.
جن ماڻھن پنهنجن گهرن ۾ اڌ رات تائين سڪون واري ننڊ ڪرڻ کانپوءِ جڏھن هو گهري ننڊ مان بيدار ٿيا ته پاڻي انهن کي ايئن گهيري ويو هو ڄڻ هنن جي لاءِ موت جي ڪوڙڪي وڇائجي وئي هئي، جنهن مان نڪرڻ جو هنن کي موقعو ئي نه پئي مليو. جيستائين سج جا ڪرڻا ڌرتي تي روشني وکيرڻ لڳا، تيستائين پاڻي پوري ڪاڇي جي وسندين واهڻن کي لپيٽ ۾ آڻي چڪو هو، پوءِ ته بس هرطرف معصوم ٻارن جي چيخ وپڪار هئي. نئين گاج جا وهڪرا شينهن جي گجگوڙ جيان ماڻھن جو هانءُ ڏاري رهيا هئا، جنهن کان بچڻ لاءِ ڦاٿل ماڻھن فونون ڪري سرڪار توڙي سماجي تنظيمن کان مدد جون اپيلون پئي ڪيون پر، انهن وهڪرن جي خوف سرڪار کي به ڊيڄاري ڇڏيو، جنهن ترت ئي بيان جاري ڪيو. بيان ته ايندا رهيا پر موسمي حالتن سبب ڦاٿل ماڻھن کي ڪڍڻ جو ڪوبه انتظام نه ڪيو ويو هو. توڙي جو پاڻي اچڻ ۽ گهارا بند ٿيڻ کي به ڪجهه ڏينهن گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين عوام جي مدد جو ڪو به امڪان نظر نٿو اچي.
پاڻي جو رخ جوهي شهر ڏانهن ٿيڻ بعد به چونڊيل نمائندن ۽ وزير اعلي سنڌ طرفان  بيان جاري ڪيو ويو ته اتر سنڌ ۾ برساتن جي اهڙي خطرناڪ وارننگ جاري ٿيل نه هئي، اهڙي صورتحال ڏسي ڪاڇي واسين کي پاڻمرادو نڪرڻ کپي ها. ان بيان بعد ايئن محسوس ڪيو ويو ته ڪاڇي واسين تي آيل هن مصيبت جو ڪنهن کي ڪو احساس ئي ناهي ٿيو. ٻوڏ کانپوءِ آبپاشي واري صوبائي وزير وزير اعلي سنڌ ۽ واپڊا چيئرمين سميت تمام سرڪاري مشينري هن وقت گاج بند ٽُٽڻ جا ڪارڻ ڄاڻڻ ۾ مصروف آهي ته ڪاڇي ۾ ان آيل مصيبت جون ذميوار ڪهڙيون ڌُريون آهن ته جيئن انهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. پر هي اکين ڏٺو سانحو آهي جنهن جي بار بار علائقي واسين پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا وسيلي سرڪار کي آگاهي پئي ڏني. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪاڇي ۾ آيل تباهي جي ذميواري  موسميات کاتي تي ته هنئي، پر هن ايف پي بند جي دوري دوران آبپاشي کاتي جي لاپرواهي تي واسطيدار وزير سهيل انور سيال خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ڳالھه زبان تي آڻڻ جي همٿ نه ڪئي. آبپاشي کاتي جنهن جي نااهلي سبب ٽُٽل گاج بند جا ڪروڙين رپيا کائي چٽ ته ڪيا ليڪن انهن کي اهو ذري برابر به خوف نه هو ته گاج بند جي زبون حالت ڪٿي ڪارڪردگي کي وائکو نه ڪري وجهي پر هن ڀيري ٿيو به ايئن آهي جتي وزير ۽ مشير ، ڪامورا، پرچيءَ ۽ سفارشن وسيلي مقرر ڪيا ويندا ته ڪاڇو اهڙن مصيبتن ۾ ڦاٿل ئي رهندو. ڪڏھن ڏڪار ته ڪڏھن سُڪار ۾ ئي سڙندو رهندو.
ڪاڇي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد هاڻي اهوئي نظر اچي رهيو آهي ته ڪاڇي واسين کي هي درد وندي جو ديس ٻيهر ٻڌڻ گهرجي يا ڇڏي وڃڻ گهرجي، جتي هر پنجين ڏھين سال آيل تباهي کانئن سڀ ڪُجھه کسي ۽ مسمار ڪري وڃي ٿي. آخر ڪيستائين ويهي ڪاڇي واسي سرڪار جي انهن لاپرواه ڪامورن جي ڪوتاهين جا ڪيل ڪلور برداشت ڪندا، جن کان گاج جو بند ئي نٿو ٻڌو ٿئي جن جي ڪوتاهين تي سرڪار ڪا سزا ڏيڻ لاء تيار ئي ناهي ته پوء ڀلا اچو ته اهڙو ڪوديس اڏيون جتي جيءُ خوش هجي ته جهان به خوش هجي. باقي ڪاڇي واسي هن وقت آيل تباهي مان وري ڏھاڪن تائين معاشي ۽ مالي طور پوئتي ڌڪجي ويا آهن جن کي پاڻ سنڀالڻ لاء ئي وڏو وقت درڪار آهي.
نئين گاج جي بندن کي لڳل گهارا به سمورا بند نه ٿي سگهيا آهن، ڪيترن ئي هنڌن تي ٿيل ڪم به معياري نه آهي جنهن ڪري وري ڪا وڏي برسات پوي ٿي ۽ پاڻي جو وڏو وهڪرو اچي ٿو ته ان صورت ۾ وڌيڪ نقصان ٿيندو جيڪو هن وقت ٿيل نقصان کان به وڌيڪ هوندو. جڏهن ته ڊرگهه بالا، حاجي خان، واهي پانڌي ۽ گولو فقير سميت ڪاڇي جا ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل روڊن جو ڪم به شروع نه ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري سوين ڳوٺن جو تعلقي هيڊڪوارٽر شهر جوهي سان رابطو ڪٽيل آهي، ۽ ماڻهن يک اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. خوراڪ جون شيون کٽي ويون آهن ۽ ٻيو ته ٺهيو پر حياتي بچائيندڙ دوائن جي به کوٽ پيدا ٿي وئي آهي پر ان کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ۽ انتظاميا ڪجهه به نه ڪيو آهي. هاڻ ته عوام ان عمل خلاف احتجاجي مظاهرا پڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بندن ۾ گهارا لڳڻ ڪري پاڻي هيٺ به پهريان اسان آياسين، پر امدادي سامان وري حڪمران ڌر جا چونڊيل نمائندا ۽ اڳواڻ من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيا آهن. سرڪار پاران اڃا تائين ڪا به واهر ناهي ڪئي وئي. ڪاڇي جي روڊن کي بحال ڪري ڳوٺ پناهه رودناڻي سميت سمورن ڳوٺن کي امداد ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائينداسين. احتجاج جون خبرون به روز ميڊيا جي زينت بڻجي رهيون آهن پر پوءِ به ڪجهه نه ڪيو ويو آهي. حالانڪه سنڌ جو وڏو وزير به هن ئي تر جو آهي پر ان به ٺلها دورا ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *