تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

ٻن ڏينهن بعد ڇا ٿيڻ وارو آهي؟

اڄ جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ ديرا ڄمائيندڙ آزادي مارچ نائين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي. ڪالهه به مختلف وقتن تي برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سبب ڌرڻي ۾ شامل ڪارڪنن جي تڪليف وڌي وئي آهي. ان تڪليف کي منهن ڏيڻ جا ڪارڪنن رستا اهي ڪڍيا آهن ته ڪجهه ڪارڪن ميٽرو ڊپو جي اوور هيڊ پل جي هيٺان ۽ پل مٿان رهائش پذير ٿي ويا آهن ته ڪيترن ئي ڪارڪنن آزادي مارچ جي چوڌاري رکيل ڪنٽينرن کي برسات ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ پنهنجو گهر بڻائي ڇڏيو آهي. ڪيترائي ڪارڪن رات جو اسلام آباد جي مدرسن ۽ مسجدن ۾ به وڃي پناهه وٺي رهيا آهن پر بارش بند ٿيندي ئي اهي جلسي گاهه ۾ پهچي وڃن ٿا.
ڪالهه خميس ڏينهن صبح جو آزادي مارچ جا ڪي ڪارڪن حسب معمول صفائي ڪندي نظر آيا ته ڪي وري اخبارون پڙهڻ ۾ مصروف هئا ته ڪجهه ڪارڪن گيس جي سلينڊرن تي ناشتو تيار ڪندي ته ڪي وري ناشتو ڪندي نظر آيا. جيئن آزادي مارچ هلندڙ آهي، ايئن حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ به مسلسل ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، 48 ڪلاڪن ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي مولانا فضل الرحمان سان ڪالهه چوٿين ملاقات ڪئي آهي. ملاقات بعد پرويز الاهي اهو ته ٻڌايو ته ڪجهه نڪتن تي اتفاق ٿيو آهي پر قوم کي خوشخبري جڏهن سڀني نڪتن تي اتفاق ٿيندو تڏهن ٻڌائينداسين. ان کان سواءِ مخالف ڌر جي 9 پارٽين تي ٻڌل رهبر ڪاميٽي جو به اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن جي پارٽين في الحال آزادي مارچ ختم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي حڪومت مٿان دٻاءُ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان مختلف تجويزن تي به غور ڪيو آهي. رهبر ڪاميٽي جي سربراهه اڪرم دراني اجلاس بعد صحافين کي اهو ٻڌايو ته آزادي مارچ ٻن ڏينهن بعد نئون رخ اختيار ڪندو، اسان ان حوالي سان ٽن مختلف تجويزن تي غور ڪري رهيا آهيون، پر اهي تجويزون منظر تي نه آڻينداسين. ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي پارٽين ۾ پارليامينٽ تان اجتماعي استعيفائون ڏيڻ واري مامري تي ته اختلاف آهن، جنهن تي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ رڪاوٽ بڻيل آهي، پر ڊي چوڪ طرف آزادي مارچ کي موڙڻ واري مامري تي به اڃان اختلاف برقرار آهي، ان ڪري موجوده حڪومت کي اڃان ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ آزادي مارچ جي اهميت کي وڌائڻ لاءِ جن مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي انهن ۾ هڪ تجويز آزادي مارچ کي پشاور موڙ واري هنڌ تي جاري رکي ملڪ اندر نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ، شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏيڻ ۽ ملڪ اندر مظاهرا ۽ احتجاج ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي ۽ اها تجويز به زير غور آهي ته آزادي مارچ کي اسلام آباد مان ختم ڪري ملڪ اندر هفتي ۾ ٻه ٻه ڏينهن هڙتال ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اهڙي ڊيڊ لاڪ جي صورتحال ۾ به وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي اجلاس کان پهريان پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پارٽي کي اها تسلي ڏني آهي ته آزادي مارچ وارو مامرو خوش اسلوبي سان حل ٿي ويندو. دلچسپ ڳالهه اها ٿي ته ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ چونڊيل ميمبرن کان موبائيل فون وٺي ٻاهر رکيا ويا، نه رڳو ايترو پر عورت ميمبرن کان انهن جا پرس به وٺي ٻاهر جمع ڪيا ويا. پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اهڙا منظر پهريون ڀيرو نظر آيا آهن، خبر ناهي ته وزيراعظم کي پنهنجي ميمبرن تي هاڻي اهو اعتماد نه رهيو آ يا کيس ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻيون هيون جن جي رڪارڊنگ جو خدشو هو. خير مامرو جيڪو به هجي پر وزيراعظم جي ڪالهوڪي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کان پوءِ قومي اسيمبلي جي ٿيل اجلاس ۾ ملڪي پارلياماني تاريخ ۾ قانون سازي جي طريقيڪار کي بلڊوز ڪرڻ جو هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي، سو هينئن ته صدر پاران ڪجهه ڏينهن پهريان جيڪي 8 آرڊيننس جاري ڪيا ويا آهن جن کي آئين تحت باوجود مطالبن جي سينيٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو، ڇو ته حڪومت کي اهو معلوم هو ته اگر اهي آرڊيننس سينيٽ ۾ پيش ٿيا ته مخالف ڌر جي اڪثريت سبب ٺهراءَ وسيلي اهي آرڊيننس رد ٿي سگهن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو حڪومت هڪ رٿابندي سان صدر پاران ڪجهه ڏينهن پهريان جاري ڪيل آرڊيننسن کي نه رڳو ڪالهه پيش ڪيو پر ان کي بل جي صورت ڏئي منظور به ڪرائي ورتو. صدر پاران جاري ڪيل آرڊيننس سميت مجموعي طور تي 11 بل منظور ڪرايا ويا ۽ ٽن جاري ڪيل آرڊيننسن ۾ وڌيڪ 120 ڏينهن جي مدت ۾ اضافي جون قراردادون به منظور ڪرايون ويون. جهڙي نموني سان آرڊيننسن کي حڪومت منظور ڪرايو ان سان اسٽينڊنگ ڪاميٽين کان انهن بلن تي غور ڪرڻ ۽ رپورٽ ڏيڻ جو اختيار کسيو ويو، قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي انهن آرڊيننسن کي پڙهي اعتراض وارڻ، ترميمون پيش ڪرڻ جو حق کسيو ويو، نه رڳو ايترو پر مخالف ڌر جي گوڙ، هنگامي ۽ مسلسل احتجاج کي هڪ سيڪنڊ لاءِ به ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خاطر ۾ نه آڻيندي ۽ پنهنجي ڊائيس جي گهيراءَ جي ڪا پرواهه نه ڪندي اڌ ڪلاڪ جي اندر 11 بل جيڪي سوين صفحن تي ٻڌل آهن، منظور ڪرائي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. پارليامينٽ اندر آرڊيننس ڦاڙي اڇلائڻ، نعريبازي ڪرڻ، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪرڻ وارا منظر ته مون ڪيترائي ڀيرا ڏٺا آهن پر ان انداز سان اسيمبلي کي هلائڻ خلاف جنهن نموني سان ڪالهه نويد قمر تمام گهڻو جذباتي ٿي ويو، سو مون پهريون ڀيرو ڏٺو. نويد قمر پنهنجي سامهون رکيل بل جي مسودن وارو فائل کڻي ڊپٽي اسپيڪر طرف اڇلايو، هو جذبات ۽ ڪاوڙ ۾ ڏڪي رهيو هو.
خير قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن به ٿيڻو آهي، مخالف ڌر جي اڄ ڀرپور ڪوشش هوندي ته اها ڌرڻي ۽ آرڊيننس منظور ڪرائڻ واري انداز تي ايوان ۾ پنهنجو ڀرپور موقف رکي ۽ حڪومت جي اها ڪوشش هوندي ته مخالف ڌر آزادي مارچ جي حمايت ۾ قومي اسيمبلي کي مورچو نه بڻائي سگهي. مسلسل گرفتار قومي اسيمبلي جي جن ميمبرن جا حڪومت پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي رهي هئي، ان حڪومت گرفتار قومي اسيمبلي جي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چيو وڃي ٿو ته ان فيصلي پويان حڪومت جي حڪمت عملي اها آهي ته هن وقت اڳوڻي صدر آصف زرداري،سيد خورشيد احمد شاهه، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صحت خراب آهي ۽ آصف زرداري ۽ شاهد خاقان عباسي اسپتال ۾ داخل آهن، ان صورت ۾ جيڪڏهن اهي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اچن ٿا ته حڪومت انهن جي بيماري کي عوام اڳيان ڊرامو قرار ڏئي سگهي ٿي. بهرحال پاڻ وري آزادي مارچ طرف موٽي اچون ٿا، جيڪو نه رڳو جاري آهي پر حڪومت سان گڏ مولانا فضل الرحمان “ادارن” کي به تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. اهو ئي سبب آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ فوج جي ترجمان آزادي مارچ بابت وضاحتي بيان ڏنو آهي. ڪالهه مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو ته ملڪ کي هلائڻ جا طريقا جيڪا قيادت ڄاڻي ٿي انهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي ۽ نااهلن کي اقتدار ڏنو ويو آهي. مخالف ڌر جو جيستائين آزادي مارچ جاري رهي ٿو تيستائين لهجو سخت ۽ جارحاڻو رهندو. ان سان گڏوگڏ لڳي ٿو ته حڪومت پنهنجي لهجي ۾ تبديلي آندي آهي، ان ڪري هاڻ وزيرن جو لهجو به ٿڌو آهي، وزيراعظم به ڪو اهڙو تڪراري بيان ناهي ڏنو، آزادي مارچ جي صورتحال کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ لاءِ هلندڙ ڪوششون رنگ لائن ٿيون يا آزادي مارچ ڪو نئون رخ اختيار ڪري ٿو، ان لاءِ اسان کي ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *