تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ٻري جن ٻاري

اڃان ٻه ڏينهن پهرين جي ڳالهه آهي ته اسان ڪجهه دوست سن ڀرسان ڳوٺ ڪلري ۾ ويا هئاسين، ڪلري ڳوٺ ۾ اڪثريت گائينچا برداري جي آهي هي مال متاءَ وارا ماڻهو آهن پنهنجي کير مکڻ ۽ لسي وارا همراهه هر ماڻهوءَ جي پنهنجي اوطاق، جتي ڪنڍيون مينھيون، ڳاڙهي رنگ جون ڳئون، ڪاموريون ٻڪريون، وڏيون اوطاقون، ٻه ماڙ گهر خوبصورت لانڍيون آهن. اڳ هنن وٽ چڙهي لاءِ ڀلا گهوڙا هوندا هئا پر هاڻي گهوڙن جو زمانو ويو،“ مڙسن پنڌ ڇڏيا زالن جنڊ ڇڏيا” وارو زمانو اچي ويو آهي سو هر گهر ۾ جيترا مرد اوتريون موٽر سائيڪلون هڪ اڌ چڙهي لاءِ ڪار به رکڻ وارو دور اچي ويو آهي.
ڪلري ڳوٺ جي سياسي تاريخ ۽ اٿل پٿل ۾ ٽن ماڻھن جو اهم ڪردار رهيو بنيادي ڪردار هڪ پرائمري استاد جو رهيو جنهن جو نالو عنايت الله گائنچو هو هن پنهنجو تخلص ڌمچر رکيو هو. پاڻ شاعر به هو ايئن ان پرائمري استاد عنايت الله ڌمچر اهڙو کڻي ڳوٺ ۾ ڌمچر مچايو جو ڪلري ڳوٺ مٿان راڄ ڪندڙ ڀوتارن جو سياسي سج ئي لهي ويو.
عنايت الله ڌمچر جڏهن اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ته مقامي زميندار لٺ کڻي اچي اسڪول ۾ داخل هارين جي سڀني ٻارن کي اهو چئي ڊوڙايو ته جي اوهان اسڪول ۾ پڙهندا ته منهنجي زمين جو ڪم ڪير ڪندو. ڀوتار جي لٺ هڻي اسڪول جا در بند ڪرائي ڇڏيا پر ڌمچر ڪٿي ٿو مڙي هن هڪ اٺ ۽ گاڏو هٿ ڪيو ۽ صبح جو اٺ گاڏي تي پاڻيءَ جو مٽ رکي انھن زمينن ڏانهن روانو ٿيندو هو جتي هارين جا معصوم ٻار پنهنجي مائرن سان گڏ پورهيو ڪرڻ ويندا هئا. استاد عنايت الله ٻارن کي اٺ گاڏي تي گھمائڻ بهاني انهن کي پڙهائڻ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ايئن پڙهائي جو ڪم اسڪول مان نڪري اٺ گاڏي تي پهچي ويو، ان علمي جوت سان هن ڳوٺ ۾ انقلاب جي شروعات ڪئي ته هن سان ڪامريڊ باقر سنائي ۽ ڪامريڊ عبدالله گائنچو به اچي گڏ ٿيا.
اهو ڀٽي مرحوم جو پهريون دور هو ۽ زرعي سڌارن جي شروعات ٿي چڪي هئي ان ڪري وڏيون زمينداريون ختم ڪري هارين ۾ سرڪاري زمينون ورهائڻ جو ڪم شروع ٿيو ته هي ٽئي ڪامريڊ روز هارين کي سن جي ان اسٽيشن تان بنا ڀاڙي پيسينجر گاڏي ۾ وٺي دادو جي ڊي سي آفيس وٺي وڃڻ لڳا جنهن اسٽيشن تي ورهاڱي کان اڳ سائين جي ايم سيد جي استقبال ۾ عدم تشدد جو پيروڪار گانڌي اچي “انگريزو هندستان خالي ڪريو” تحريڪ بابت ڀاشڻ ڏنو هو.
ايئن شام جو جڏهن ڪلري ڳوٺ جا هاري دادو کان واپس ايندا هئا ته زمين جي ڏهه سالن جي مالڪيءَ جا ڪاغذ جنهن کي “ڏھ سالو” چيو ويندو هو هڙ ۾ ٻڌي ايندا هئا زميندار جي زمين جيڪا گهڻي ڀاڱي سرڪاري زمين تي قبضي جي زمين هئي سا سسڻ شروع ٿي ۽ هارين بغاوت ڪري سرڪاري ڪاغذ ڏيکاري زمين پوکڻ جي ڪوشش ڪئي ته زميندار پوليس جي مدد سان ڪلري جي گائنچن تي ڳئون چوري ڪرڻ يا زوريءَ کري مان ان کڻي وڃڻ جا ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪرائڻ شروع ڪيون ان وقت ھنن کي سياسي تنظيم جي ضرورت محسوس ٿي ته هي هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿي ويا، ان دور ۾ هاري ڪميٽي تنظيمي ۽ عوامي سگهه ڪري چمبڙ واري پاسي ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي اڳواڻي ۾ هاري عدالتن جو سلسلو شروع ڪيو هو سو تن، سن جي ڀرسان ڳوٺ ڪلري ۾ جو سياست جو لوھ تتل ڏٺو سو جذبن جا مترڪا کڻي ميدان ۾ ڪاهي پيا.
چوڻ وارا چون ٿا ته ڪامريڊ عزيز سلام بخاري به هن ڳوٺ ۾ هارين جي تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ روپوشي جي هوندي ڪجهه عرصو اچي ترسيو هو پر عنايت الله ڌمچر، ڪامريڊ باقر سنائي، ڪامريڊ عبدالله گائنچو ۽ قادر بخش طالباڻي (پ ٽ الف سنڌ جو اڳوڻو صدر ) هن تحريڪ جا روح روان رهيا.
هنن هارين جي هن تحريڪ کي مختلف رخن ۾ منظم ڪرڻ شروع ڪيو هنن پهريون ڪم، شخصيت پرستي، عقيدي پرستي ۽ توهم پرستيءَ جي خلاف ڪيو ان لاءِ هنن ننڍڙا ننڍڙا اصول لاڳو ڪيا مسئلن ڪوبه ماڻهو زميندار جي اڳيان پٽ تي نه ويهندو جي زميندار ڪرسي تي ويهندو ته هاري به ڪرسي يا کٽ تي ويهندو، ڪو به ماڻهو ڪنهن کي پيرين پئي هٿ نه ڏيندو انسان سڀ برابر آهن ان ڪري سڀني جي عزت برابري جي بنياد تي ڪبي. هنن ڏٺو ته هارين کي ڪنهن هڪ اوطاق تي ڳجهي گڏجاڻي ڪرڻ سان زميندار انهن مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرائي جيلن ۾ وجهي ٿو ته هن ڪلري ڳوٺ جي اولهه ۾ ريل جي مٿان هڪ گائنچي جي گمنام قبر تي رات وچ ۾ پڙ وجهي ان جو نالو“ ڀنڀڻ پير” رکي اعلان ڪيائون ته هر چوڏهين جي چنڊ جي چانڊوڪي ۾ ڀنڀڻ پير تي چوڏهين لڳندي، ٻهراڙي جي ماڻهن وٽ نه ان دور ۾ ٽي وي نه ئي سوشل ميڊيا جي عياشي هئي سو نئين تفريح سمجهي هر مهيني جي چوڏهين جي چنڊ جي چانڊوڪي ۾ گڏجڻ شروع ٿيا. نئين پير جي نزول تي زميندار کي به ان ڪري اعتراض نه هو ته هن کي اطمينان هو ته هن جا هاري پير پرستي جي ور چڙهي رهيا هئا پر هتي قصو ابتو هو ڀنڀڻ پير جو ڪردار وڃي هنن بلاولي تحريڪ سان ملايو ۽ شاھ حيدر سنائي، مخدوم بلاول جي انقلابي ساٿين ۾ ڀنڀڻ پير کي شامل ڪري هنن ڳوٺ جي هارين کي سمجهائڻ شروع ڪيو ته اسان جا وڏا به مهدي شاھ جونپوري جي خلاف اڳين صفن ۾ پير پرستيءَ خلاف وڙهيا هئا اسان نسلن باغي آهيون.
هر مهيني جي چوڏهين رات جي چانڊوڪي ۾ هنن جو ڪم ڀنڀڻ پير تي ماڻهو گڏ ڪري پنهنجي تحريڪ بابت ماڻهن کي ڄاڻ ڏيئي ۽ منظم ڪرڻو هو. ايئن ڀنڀڻ پير تي شعور جا ڀنڀٽ ٻرڻ شروع ٿيا.
عام ماڻهن جي دلچسپين لاءِ پهرين چرچن جي چٽڻي ٿيندي هئي مڙس کليو کليو کيرا ٿيو پون مٿان وري راڳ جي محفل ۾ مقامي فنڪار اچيو وڏيرن جي خلاف شاعري ڳائڻ شروع ڪن ته ڳوٺاڻا ذهني طور چارج ٿي تازا، نوبنا ٿيو وڃيو سياسي ڪم کي جنبن ايئن قانوني پاسي تي وري مختلف وڪيلن سان سياسي ۽ذاتي لاڳاپا رکي قانوني مدد جو ڪم شروع ڪيائون . گهڻو وقت نه گذريو زميندار جي ستر سيڪڙو زمين ڪلري ڳوٺ جي انهن هارين کي ملي ويئي جيڪي هاري ٻارين ٻچين زميندار جي خدمت ۾ ڪمائي ڪمائي ساڻا ٿي ويا هئا ڇيڙون ۽ ونگارون هنن جي نسلن جي ڄڻ نصيب ۾ هيون جن مان هنن سياسي جدوجهد ذريعي مستقل آزادي ماڻي ورتي هئي.
اسان انڊس هاءِ وي تان جيئن ئي ڪلري ڳوٺ ڏانهن مڙيا سين ته سامهون ئي مينهن جو وڏو ڌڻ پئي آيو ڌراڙ لٺ ڪلهي تي رکيو اڳيان اڳيان بي پرواهه بادشاهن جيان ٽلندو پئي ويو هن جي ڪلهي ۾ پيل پاڻيءَ جي کلي اڃان سڪي نه هئي، مون سڪون جو ساهه کنيو ڪافي سالن کان پوءِ مون سنڌ ۾ بي فڪري سان هلندڙ ماڻهو ڏٺو هو ايئن لڳي رهيو هو ته “هن جو لک پيتي ۾ پيل آهي ۽ باقي سڀ اوڌر اٿس.”
اسان حاجي خان گائنچي جي اوطاق جي پڇا ڪندي جڏهن ان جي اوطاق تي اچي ڪار کي بريڪ ڏنو ته اها ڪچڙي منجهند جي گهڙي هئي.
اوطاق ۾ اندر داخل ٿي اسان زور سان سلام ورايو ته کٽن تي ستل چار همراهه نه ڪڇن نه پڇن، گهاٽي لسي لاءِ چون ٿا ته هن ۾ مڌ جهڙا ئي نشا ٿين ٿا ڇاڪاڻ اها لسي منڌيءَ سان ولوڙجي جڏهن ڌونئري مان لسي جي شڪل ۾ اچي ٿي ته نه صرف لڱن کي ٿڌو ڪري ٿي، پر خمارن ۾ کڻيو وڃيو گهري ننڊ جي آغوش ۾ ڇڏي ٿي.
نيٺ اسان جي وڏن آوازن تي همراهه جاڳي پيا ۽ اسان کي پري کان سلام ڪري وڃي اوطاق جي ورانڊي جي کٽن تي ٻيهر ڊٿا.
اسان کٽن تي بسترن تي ٽيڪ ڏيئي بالم ٿي اڃان ويٺا سين مس ته اوطاق ڌڻي اچي پهتو، چند ئي گهڙين ۾ ئي ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ جي برانڊ جون منرل واٽر جون بوتلون به اچي ويون ته ڪولڊ ڊرنڪ به اچي ويئي.
مون ڀوڳ مان چيو لڳي ته ڪلري جي گائنچن به هاڻي پنهنجو سڀ کير هوٽلن تي کپائڻ شروع ڪيو آهي کير جي گهر ۾ اها لپ به نٿا ڇڏين جو ڪا مهمان کي لسي پياري سگهن.
منهنجي ڳالهه ميزبان کي ڄڻ طعني ۽ تير جيان لڳي هن ڇوڪري کي ھڪل ڪري چيو ته وارو ڪر گهران لسي کڻي اچ پر هن گڏوگڏ اها به تلقين ڪئي ته انڊس هاءِ وي روڊ خوني روڊ آهي ان ڪري ڪار جي ڊرائيونگ ڪندڙ قطعي لسي نه پئي متان سڀ روڊ تي پيالو نه ڪري وڃو.مون ڏٺو ته اڃان ڳوٺ مان ٻڍي گائنچي جي مزاح واري پر نه مئي آهي.
لسي پئي واندا ٿياسين ته تر جي پر ٿي ادا خبرون وٺ، جي ادا، اسان مان هڪ همراهه خبرون ڏيڻ شروع ڪيون،جيڪو خفتي هيو سٺي نسل جو گلر وٺڻ آيو هو خبرون ڏيندڙ ۽ وٺندڙ خفتي هيا سو شروع ٿي ويا پنهنجي خبرن ۾،
مون خفتين جي ڪچهري مان مزو وٺندي پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪئي، ڀائو ڀلا ڳوٺ جي تعليم جي خبر، ننڍي قد واري امين لاکي ڳوٺ جي ٺهيل سهڻي سنڌي ٽوپي مٿي تي پاتل همراهه چيو تعليم جو اڳئي ٻيڙو غرق هو ويتر ڪورونا وائرس هڻي تعليم جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن.
مون پڇيو ڀلا ڇا ڀنڀڻ پير جي هاڻي چوڏهين لڳي يا نه.
همراهن منهنجي چهري ۾ چتائي ڏٺو ايئن لڳو ڄڻ مونکي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. هنن هيڻي لهجي ۾ ها ڪئي ته مون پڇيو ڀلا ڪامريڊ باقر سنائي کي ڪو پٽ جو اولاد هنن ڄڻ ڇرڪ ڀريو، هنن هڪ ٻئي جي چهري ۾ ڏٺو. هڪ جهوني مڙس اٻاڻڪي لهجي ۾ چيو نه باقر سنائي کي پٽ جو اولاد ٿيو نه ئي عنايت الله ڌمچر کي نه ڪامريڊ عبدالله کي سڀ نپٽا مري ويا انهن جو ڪو نسل وڌي نه سگهيو.
حاجي خان منهنجي چهري ۾ جوهه وجهي ويٺو هو سو نيٺ ڀڻڪيو اوهان حيدر ملاح آهيو. مون چيو ها اوهان ڇا مونکي سڃاڻو چيائين ها اوهان قربان ملنگ جي اوطاق تي گهڻا سال اڳ ليڪچر ڪرڻ ايندا هئا.
مونکي ياد آيو ته ڪلري ۾ هر هفتي اسان قربان ملنگ جي اوطاق تي گائنچن جي نوجوانن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئاسين قربان ملنگ گائنچو هر هفتي وشال دسترخوان وڇائي اسان جي اوسيئڙي ۾ هوندو هو.
هاڻي ڳوٺ وڌيڪ تبديل ٿي ويو آهي هاڻي عنايت الله ڌمچر جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي لاءِ معياري ٺرو به ملي ٿو ته خفت جا ڪڪڙ به ملن ٿا، سوئر جي شڪار جا ٻٽي تازي نسل جا ڪتا به ملن ٿا ته گهڻي وقت تائين ٻولي ٻوليندڙ مقابلي جا تتر به ملن ٿا. پر نٿو ملي ته عنايت الله ڌمچر، باقر سنائي ۽ ڪامريڊ عبدالله جهڙو ڪردار نٿو ملي.
گائنچن جو خوشحال نئون نسل نه اٺ گاڏي واري اسڪول کان واقف آهي نه ڏھ سالي زمين جي ڪاغذ حاصل ڪرڻ واري ڪٺن تحريڪ کان واقف آهي.
اسان جو يار ٻٽي تازي نسل جي گلر کي هنج ۾ کڻي اچي ڪار ۾ ويٺو اسان ساڳيو رستو ڏيئي انڊس هاءِ وي تي چڙهڻ لاءِ وڌياسين ڳوٺ جي هڪ ڇيڙي کان مين روڊ تائين ڪچرن جا ڍير هئا، گٽرن جي نالين جي گندي پاڻيءَ سان ڳوٺ جون گهٽيون ڀريل هيون، مال جا ڌڻ ڳوٺ ۾ داخل ٿي رهيا هئا ٻٽي تازي نسل جو گلر ڪار جي دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي خاموشي سان ڪلري ڳوٺ کي الوداع ڪري رهيو هو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *