تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

ٻار هاڻ ڪٿي به محفوظ نه آهن!!

ملڪ ۾ جڏهن زينب الرٽ بل آندو ويو ته ماڻهن طرفان واهه واهه ڪئي وئي اهو تاثر ڏنو ويو ته هاڻي جيڪڏهن ڪو به اهڙي قسم جو عمل ڪندو يا وري ڪنهن ٻار کان ناجائز ڪم وٺندو يا وري ڪنهن ٻار تي تشدد ڪندو ته انهي مجرم کي سزا ملندي پر سچ اهو آهي ته پاڪستان ۾ ٻارن سان زيادتي جي واقعن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي ۽ تشدد جي واقعن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي جنهن تي حڪومت طرفان ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي۔هر روز نوان ڪيس سامهون اچي رهيا آهن۔تازو ئي جڏهن ٺري ميرواهه ۾ سارنگ شر نالي هڪ استاد جيڪو ڪيترن ئي ٻارن سان زيادتي ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي ويڊيوز ريڪارڊ ڪندو رهيو پر حڪومتي ادارن صرف جيل اندر بند ڪيو پر ان تي ڪا ڪارروائي تڪڙي ٿيندي نظر نه ٿي اچي.ٻارڙن تي ڪم ڪندڙ هڪ اين جي او جي رپورٽ مطابق سال 2017ع ۽ 2018ع جي ڇهن مهينن ۾ ٻارن سان زيادتين ۾ انتهائي رڪارڊ اضافو ٿيو. جنهن ۾ پوري پاڪستان 33سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو انهي رپورٽ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته 2115 ٻار 2018ع ۾ زيادتي جو شڪار ٿيا۔
ان کان علاوه هڪ ٻي رپورٽ مطابق سال 2018ع ۾ 3521 ٻارن سان ريپ جا واقعا پيش آيا ۔جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو پاڪستان جهڙو ملڪ ٻارن سان مختلف واقعن جي حوالي سان انتهائي خطرناڪ ملڪن ۾ اچي ٿو.هڪ اندازي مطابق پاڪستان ٻارن جي حوالي سان هڪ غير محفوظ آهي. دنيا ۾ پاڪستان ٻيون نمبر خطرناڪ ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ وري پنجاب پهرين نمبر تي راولپنڊي ،قصور وارن علائقن ۾ وڌيڪ واقعا پيش اچن ٿا.سنڌ ٻئي نمبر تي خطرناڪ جتي خيرپور ،ٺري ميرواهه خطرناڪ علائقن ۾ اچن ٿا جنهن سماج ۾ جنسي تعليم کي عيب سمجهيو وڃي، جتي اهڙا سيمينار ڪرائڻ ڏوهه جي برابر هجن ته پوءِ انهن واقعن ۾ اضافو ٿيندو ڪا گهٽتائي نه ٿيندي۔ آمريڪا جي اداري وائيس آف آمريڪا جي رپورٽ مطابق گذريل چئن سالن ۾ سترهن هزار ڪيس رپورٽ ٿيا ۔هڪ اندازي جي مطابق هر روز ست ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جا ڪيس رڪارڊ ٿين ٿا.مونکي سمجهه نٿو اچي ته انهن واقعن کان پوءِ اسان ڪهڙو سماج جوڙينداسين ،حڪومت جي نا اهلي هڪ بيمار سماج کي جنم ڏيئي رهي آهي۔تازو دماغ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪو ٻار ان عمل کان ڊپريشن ۾ هليو ٿو وڃي ۔اهو عمل هن کي سڄي عمر هن جي وجود سان سلهاڙيل رهي ٿو جنهن جي ڪري ان جي خاندان تي پڻ خراب اثر پون ٿا.اهو هڪ ڳڻتي جوڳو عمل آهي ۔اسان خبر نه آهي سماج کي ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون ان عمل جو ذميوار حڪومت سان گڏ والدين به آهن جن جي تربيت سهي نه هئڻ ڪري ٻار سماج ۾ جڏهن بلوغت ۾ اچي ٿو ته هو جنسي فيصلن ۾ جذباتي هجي ٿو ۔جنهن جي ڪري اهڙا ڪيس سامهون اچن ٿا۔مان سمجهان ٿو ،والدين اگر نوجوانن جي نقل حرڪت تي غور ڪن ته انهن واقعن ۾ ڪافي گهٽتائي اچي سگهي ٿي۔
ڪجهه ڏينهن پهريان جڏهن ڪنڊياري جي ڪنهن مدرسي ۾ هڪڙي ٻار سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ مولوي کي سامهون آندو ويو ته ذهن ۾ هڪ سوال جنم ورتو ته اڄ جو ٻار ته مذهبي جڳهن تي به محفوظ نه آهي ته پوءِ ڪٿي محفوظ آهي؟؟تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته ٻارن سان زيادتي ڪندڙن کي جوڳيون سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن ايندڙ نسل کي محفوظ ڪري سگهجي ۽ هڪ بهتر سماج کي جوڙي سگهجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *