تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ٺٽي ضلعي ۾ برسات ۽ سم نالن جي تباهي

سڄي سنڌ جيان ٺٽي ضلعي ۾ به چوماسي جي برساتن جو سلسلو جاري آهي گذريل ڏهاڙي کان پوندڙ تيز برسات جتي سخت گرمين جي زور کي ٽوڙي ماحول کي خوشگوار ڪيو آهي  اتي ٺٽي جي چئن ئي تعلقن ٺٽو ، مير پور ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر ۾ پڻ وڏي پئماني تي تباهي آڻي هيٺاهين وارن شهرن توڙي ڳوٺن کي پاڻي هيٺ آڻي زميني رابطي کي ختم ڪرڻ سان گڏ متاثرن جي تڪليفن ۽ انهن جي اهنجن ۾ وڏي پئماني تي اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
10 هزار هم چورس ڪلوميٽر جي زميني ايراضي تي پکڙيل ٺٽي جي حوالي سان اهو چئي سگھجي ٿو ته برسات سبب ضلعي جو ڪوئي اهڙو علائقو ناهي جنهن ۾ برسات نه پئي هجي ۽ برسات وگھي ڪو نقصان نه ٿيو هجي ۽ اهو پڻ واضح آهي ته گذريل ڏهاڙي 18 ڪلاڪن واري پوندڙ تيز برسات هڪ پاسي ٺٽي جي وسيع ڪوهستاني پٽي ۾ نئين لوياچ ، سوڙھ ، جنگشاهي ، باراڻ ۽ جرمن ڍوري ذريعي پاڻي هيٺ آڻي ٺٽو جھمپير روڊ ، سان گڏ وڏي تعداد ۾ هتان جي ڳوٺن جي پڻ روڊن کي پاڻي هيٺ آڻي مڪمل زميني رابطي کي ختم ڪري رهواسين کي گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي وري ٺٽي جي سامونڊي پٽي جيڪا ساڪري تعلقي کان ڪيٽي بندر تائين آهي ۾ پڻ وڏي پئماني تي تباهي آڻي هتان جي ٽن تعلقن ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 15 کان مٿي يونين ڪائونسلن جي روڊن رستن کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي جنهنڪري هتان جا رهواسي پڻ زميني رابطا ڪٽجڻ ڪري گذريل ٻن ڏينهن کان گھرن تائين محدودو بڻجي ويا آهن ۽ هتان جي ڪار ونهوار جي سخت متاثر ٿيڻ ڪري ڄڻ انساني زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي .
ٺٽي جي شهرن ٺٽو ، مڪلي ، گجو ، گھارو ، ڌاٻيجي ، ليٽ ، ساڪرو ، ٻوهارا ، غلام الله ، ور ، گھوڙاٻاري ، ڳاڙهو ، ٻگھاڻ ، شاهپور ، سڄڻ واري ، ڪيٽي بندر ، جھمپير ، جنگشاهي ، اونگر ، جھرڪ ، سونڊا ، ڪينجھر ، چليا ، ڇتو چنڊ ، فقير جو ڳوٺ ، بگھاڙ موري ، پٺاڻ ڪالوني ، پيرپٺو ، گيل موري ، سانولپور ، 103 موري ، نانگڻ ، 105 موري  سميت ضلعي جي 40 ئي يونين ڪائونسلن جي ننڍن توڙي شهرن ۽ ڳوٺن۾ 18 ڪلاڪن کان جاري تيزطوفاني برساتن جي سلسلي سبب ڪيترائي ڪچا علائقا توڙي وڏي تعداد ۾ ڳوٺ ۽  قديمي قبرستان پاڻي پاڻي هيٺ اچي ويا. جڏهن ته مهل تائين برسات جي ڪري ٺٽو شهر سميت ضلعن جي ٻين شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال جي بندوبست نه هجڻ ڪري شهر ٻوڏ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن جڏهن ته لاڳيتي برسات پوڻ ڪري وڏي تعداد ۾ ڪچن گھرن جي ڊهڻ سان گڏ ڪيترين ئي پڪي جاين جي ڇتين کي نقصان رسڻ سان گڏ ضلعي اندر مليل ڄاڻ مطابق ساڍا 7 سئو کان مٿي ڪکاوان گھر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جڏهن ته ٺٽي ۾ لاڳيتي 18 ڪلاڪن واري پوندڙ تيز برسات سبب ضلعي جي هزارين ايڪڙن تي پوکيل سبزين ، ٽماٽو ، مرچ ، ڌاڻا ، توريون ، ڪدو ، ڀينڊي ، واڱڻ سميت پوکيل قيمتي سبزين سان گڏ پان ، ڪپھ ۽ پاڇاٽي پوکيل ساريال جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسيو آهي. ٺٽي ضلعي ۾ 70 سيڪڙو پوکيل فصلن جي تباھ ٿيڻ ڪري پڻ غريب هارين ، زميندارن جن قرض وٺي زمينن ۾ فصل پوکيا هيا انهن جي تباھي سبب ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن ۽ برسات سبب ڏيڍ ڪلو ميٽر واري ڊگھي ٺٽي شهر جي شاهي بازار ۾ پڻ پاڻي جي جوڳي نيڪال نه هجڻ ڪري 3 فوٽن تائين پاڻي بيهڻ ڪري بازار جي 200 کان مٿي دوڪانن اندر برساتي ۽ گٽرن جي ٻوڏ جو پاڻي ڪاهي پيو جنهنڪري واپارين کي پڻ لکين روپين جو نقصان رسيو آهي. جڏهن ته ٺٽي جي تاريخي بادشاهي شاھجھان مسجد پڻ برسات جي پاڻي داخل ٿيڻ ڪري پاڻي هيٺ اچي وئي آهي ۽ برسات جي لاڳيتي وسڪاري سبب تاريخي قبرستان مڪلي ، سونڊا ۽ پيرپٺو جي وڏي تعداد ۾ تاريخي قبرن کي وڏي پئماني تي نقصان رسيو آهي. هوڏانهن وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ سامونڊي علائقي جوهو ويجھو گھنبواڻي ڳوٺ ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته ڪينجھر ويجھو پڻ پيش آيل روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو حسين موچي فوت جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن تيز برساتن سبب نئين جي وهڻ ڪري جھمپير ۽ ميٽينگ ويجهو ريلوي ٽريڪ جي 6 فوٽن تائين جي ٽٽڻ ۽ ان جي ٻيهر بحالي تائين پڻ سڄي ملڪ جي ريلوي سروس بند ڪئي وئي ،
ٺٽي ۾ 109 ملي ميٽر پوندڙ برسات جي تباهين جو مک ڪارڻ ناڪارا سم نالا بڻيا آهن چيو وڃي وڃي ٿو ته هڪ طرف ضلعي انتظاميا پاران برساتن جي اڳڪٿي باوجود اڳواٽ جوڳاءَ اپاءَ نه ورتا ويا ته ٻئي پاسي ڊرينيج کاتي جي ناقص ڪارڪردگي سبب  لاڳيتي برسات جي ڪري ٺٽي جي سم نالن ، آئوٽ فال سب ڊرين ٺٽو، ڄام ساڪرو آئوٽ فال ڊرين ، گھوڙاٻاري آئوٽ فال ڊرين ، اوچتو آئوٽ فال ڊرين سميت ضلعي جي ڪيترن ئي سم نالين جي ناڪارا هجڻ ڪري سمنڊ ڏانهن پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي ۽ هن وقت پڻ سمورن سم نالن جي پاڻي سان ڀرجڻ توڙي ضلعي جي هيٺاهين وارن علائقن مان پڻ پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري وڌيڪ برساتن جي پوڻ سان ٺٽي ضلعي ۾ وڏي پئماني تي تباهي اچڻ جا پڻ واضع امڪان پيدا ٿي ويا آهن .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *