تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

يڪ قومي نصاب: مذهب ۽ مرڪزيت پسندي جو مرڪب

توڻي جو ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم صوبائي مامرو آهي پر پي ٽي آئي جي حڪومت اچڻ سان تعليمي پاليسي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. يڪ قومي نصاب ان جو نتيجو آهي. پروگرام ٽن فيزن (پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري هائير) ۾ هلندي 2023ع تائين پورو ٿيندو. تقريبن مهينو کن اڳ (14 آگسٽ) تعليم ۽ فني تربيت جي وفاقي سيڪريٽري شفقت محمود وفاقي اسيمبلي جي هڪ اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي ٻڌايو ته پهرين درجي کان پنجين تائين “يڪ قومي نصاب” جو پهريون فيز ملڪ ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. اهو نصاب ڇا آهي ۽ ڇا حاصل ڪرڻ گهري ٿو؟ جيڪو گهري ٿو اهو حاصل ڪري به سگهندو يا نه؟ جهڙا سوال اسانجي سامهون آهن.
يڪ قومي نصاب (Single National Curriculum-SNC)جا مقصد:
هر غلط، اونڌي ۽ سازشي ڪم جا به وڏا ۽ عظيم مقصد ٻڌايا ويندا آهن. هاڻوڪي حڪومت به آئي ته ڪرپشن خلاف ڪارروائي ۽ تبديلي لاءِ هئي پر هڪڙي سڳ سوڌي پڪڙيل مالي چور جي وزيراعظم طرفان ضمانت سبب، سندن پويون سڀ بيانيو ڌوڙ ٿي ويو. ساڳي ريت هاڻوڪو “يڪ قومي نصاب” بظاهر ته ملڪ ۾ همه گيريت پيدا ڪرڻ، امير ۽ غريب لاءِ تدريسي عمل کي ساڳو رکڻ، مدرسن کي بهتر ڪري اتي پڙهندڙ 35 کان 40 لک طالبن کي جديد علمن سان سلهاڙڻ جا مقصد (objectives) رکي ٿو پر اصل ۾ هم گيريت بدران مرڪزيت، برابري بدران طبقاتي تعليمي نظام ۽ اسڪولن جي اڍائي ڪروڙ شاگردن کي مدرسن جي مذهبي ۽ رٽائي تعليم جي منهن ۾ ڏيڻ مقصود آهي. بلڪل پي ڪي فلم ۾ عامر خان جي ان جملي وانگي ته “آءِ لو فش” معنيٰ مونکي مڇي سان پيار نه پر مونکي مڇي کائڻ وڻندي آهي. باقي ڌڻين جي ڌيان (key considerations) ۾ به جيڪو ڪجهه آهي تنهن جي شروعات مذهب ،شريعت قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خيالن سان ٿيندي، جيڪا وڃي ختم سائنس جي ڪجهه موضوعن تي ٿئي ٿي ( تنهن ۾ به ڊارون جي ارتقائي نظريي کي هر درجي جي نصاب منجهان طلاق مليل آهي) . وچ ۾ اهو نقطو به اچي ٿو وڃي ته “ مقامي ۽ عالمي سطح جي مختلف ثقافتن ۽ مذهبن جو قدر ۽ احترام” پر ڪنهن به نقطي ۾ مقامي تاريخ يا ان جي عظيم ڪردارن جو ڪو ذڪر ڪونهي. انگريز سامراج خلاف مزاحمت ڪندڙ اسانجا مقامي ڪردار جهڙوڪ ڀڳت سنگهه يا روپلو ڪولهي ته هاڻ به اسانجي نصاب جو حصو ڪونهن پر جهڙو نصاب اڳيان اچي پيو تنهن سان مقامي هيرا صرف جهادي ۽ فوجي ٿيندا ۽ عالمي ثقافتي رجحانن ۾ به اسانجي حڪمرانن کي صرف ارتغزل وارو تاريخي ڪوڙ ئي ايندو. هونئن به هر ڊوهه يا قبضو ڪوڙ کان سواءِ معذور هوندو آهي. تنهن ڪري حڪمران ۽ ڪامورا ڳوڏا کوڙي پيا ٻڌا ڪوڙ هڻندا آهن ۽ هر دفعي جيان هيل به سندن همراهي لاءِ دين نه پر مذهب جا واپاري ساڻن گڏ آهن. ته جيئن هڪڙا ڪوڙ هڻن ته مٿان ٻيا وري اسانکي اهو رٽي سان ياد ڪرائين. ڪوڙ ۽ ڊوهه نه هجي ها ته ناليوارن تعليمي ماهرن کي ٻاهر رکي، ڳجهه ڳوهه ۾ اهڙا غير جمهوري فيصلا نه ٿين ها.
يڪ قومي نصاب ۽ شفافيت:
چيو وڃي پيو ته اهو فيصلو سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي جمهوري طريقي سان اعتماد ۾ وٺي پوءِ ورتو ويو آهي. پر اصل ڪهاڻي ان جي ابتڙ آهي. ذريعا ٻڌائين ٿا ته پوئين سال نومبر ڊسمبر ۾ هڪ چار ڏينهن جي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي هئي جنهن ۾ ستر کن ماڻهو شريڪ ٿيا هيا. سنڌ حڪومت ارڙهين ترميم کي سامهون رکندي پنهنجا ماڻهو ميمبر نه پر مبصر طور موڪليا هيا، جن کان حاضري شيٽ تي دستخط وٺي ان کي منظوري ڄاڻائي ميڊيا اڳيان پيش ڪيو ويو . جنهن تي سنڌ حڪومت اڄ به اعتراض وارڻ سان گڏ “سيف” کي اهو نصاب جاچڻ جو ڪم ڏنو آهي. (سڀاڻي سنڌ حڪومت ڇا ٿي ڪري تنهن جو آڌار اسان تي پڻ آهي نه ته پنهنجي گروهي مفادن کي مفاهمت جي نالي ۾ اڳيان ڪري اهي هر غير جمهوري طاقت آڏو پنهنجو ڪنڌ نوائيندا به رهيا آهن) صحافڻ زبيده مصطفي سميت ڪجهه ٻيا ماڻهو به آهن جيڪي ان نصاب جي تياري ۾ شراڪتداري، جمهوريت ۽ شفافيت تي سوال اٿارين ٿا. انهن مختلف ماڻهن کي يڪ قومي نصاب بابت صلاح مشوري لاءِ گهرايو به ويو پر جن جي تنقيدي راءِ کي سندن مائيڪ بند ڪري نه ٻڌو ويو ۽ سڀ جي شموليت کي مٿاڇرو ڏيکاري سڀ جي راضي نامي جو ڪوڙو تاثر پيدا ڪيو ويو. عوامي ورڪرز پارٽي پنجاب جو اڳواڻ عاصم سجاد اختر چئي ٿو ته ڪنهن اجازت ڏني، ڪٿي بحث ٿيو، سماجي پيچيدگين کي ڪيتري گهرائي سان ڏٺو ويو. جڏهن ڪنهن تعليمي پاليسي جي ٺهڻ جو عمل ئي چور دروازي ۽ سازشن سان ٿئي ته تنهن جي اثرن ۾ ڪهڙو نسل، ڪهڙي نفسيات سان تيار ٿيندو. ؟ اهو سمجهڻ ڏکيو ڪونهي.
تنقيدي سوچ تي لت رکي تقليدي سوچ (رٽي بازي) کي وڌائڻ:
رٽي بازي، (درحقيقت) شاگردن منجهه تنقيدي سمجهه ۽ تڪ تور کي نندي ٿي.” زبيده مصطفي
اسانجو تعليمي نظام اڳ کان ئي تنقيدي سوچ کي اسرڻ شرط چٿڻ واري روش کي همٿائيندو رهيو آهي. نتيجو اهو آهي ته هڪ سروي مطابق 75 سيڪڙو پاڪستانين پنهنجي ڪورس کان علاوه ڪو ٻيو ڪتاب ڪڏهن هٿ ۾ نه کنيو آهي. ملڪ جي پورهئي جي سگهه (labour force) بقول پرويز هود ڀائي جي 97 سيڪڙو پورهيتن ۽ 3 سيڪڙو ڊاڪٽرن ۽ انجينئرن تي آڌاريل آهي. سو سنڌ ۽ ملڪ جو هاڻوڪو نصاب به ڪو گهڻو سائنسي، سيڪيولر ۽ عوامي ڪونهي پر نئين يڪ قومي نصاب ۾ پهرين درجي کان اسلاميات پڙهائڻ جي ڳالهه ٿئي پئي ۽ ٻارهين تائين 200 آيتون به ياد ڪرڻ جو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڊاڪٽر اي ايڇ نئير پنهنجي هڪ مضمون ( يڪ قومي نصاب جي چير ڦاڙ) ۾ نيئن نصاب جي ٽين درجي جي اسلاميات کي مدرسن جي مذهبي تعليم سان تفصيلي طور ڀيٽائي واضح ڪري ٿو ته نصاب ۾ مدرسن کان به وڌيڪ مذهبي مواد لازمي ڪيو ويو آهي. مثال طور تنظيم المدارس ۽ رابطه المدارس اسلاميه منجهان ڪوبه حديثن کي حفظ ناهي ڪرائيندو پر نئين نصاب ان کي به لازمي قرار ڏنو آهي. 2006ع جو نصاب، نائين ۽ ڏهين ۾ حديثن کي اردو ۾ ياد ڪرڻ جو چئي ٿو پر نئون نصاب پرائمري جي ٻارن کي عربي ۽ اردو ۾ (پنجين درجي تائين 45 حديثون) حفظ ڪرڻ جو چئي ٿو. تنهن ڪري تعليمي ماهر پرويز هودڀائي به ايس اين سي کي ڪجهه معنائن ۾ ضياءُ جي اسلامائيزيشن کان به خطرناڪ ٿو سمجهي (Education: PTI’s plan exposed). اهو سچ آهي ته مدرسن جي شاگردن کي اسڪولن جي اسٽيٽس تائين کڻي اچڻ جي ضرورت آهي پر ان لاءِ اسڪولن کي مدرسن تائين ڪيرائڻ سان پاڻ پوئين نور کان به چٽ ٿينداسين. تنهن ڪري ان اهم مامري تي اڌ گابري، تڪڙي ۽ ناقابل عمل حل بدران سنجيدگي سان ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي. تعليمي ماهر چون ٿا ته نصاب کي ترتيب ڏيندڙن انتهائي سادي ۽ ميڪانڪي طريقي سان اسڪول ۽ مدرسن کي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. يعني ٻه مدرسن جا فارغ التحصيل طالب اسڪولن ۾ ۽ 3 اسڪولن جا استاد مدرسن ۾ غير مذهبي موضوع پڙهائيندا. پاڻ هاڻ ئي ڏسون پيا ته نوجوان فرقيواريت جي ور چڙهي ڪورٽن ۾ قتل پياڪن. پنجاب حڪومت طرفان ڪتابن تي پابندي هنئي پئي وڃي، هيل محرم ۾ پهريون دفعو 40 کان وڌيڪ شيعه عالمن جون گرفتاريون به ٿيون. سڀاڻ اهي مختلف فرقن جا مذهبي استاد ڪهڙو نسل تيار ڪندا ۽ اهو ڪيڏانهن مامرن کي وٺي ويندو سو سڀ جي سامهون آهي. ياد رهي ته امير طبقي جا ٻار ان مذهبي تعليم جي فيض کان محروم رهندا. او اي ليول ۽ آئي بي اسڪول (جتي حڪمران طبقي جا پنهنجا ٻار پڙهندا آهن، سي) ان يڪ قومي نصاب جي دائري کان ٻاهر آهن. مطلب ته سمجهڻ جي صلاحيت ۽ ضرورت صرف حڪمرانن کي آهي باقي عوام کي طوطو بڻائي رٽا ئي هڻائڻا آهن.
جمهوري وفاقيت يا سخت مرڪزيت:
“لڳي ايئن پيو ته يڪ قومي نصاب ارڙهين ترميم جي تڏا ويڙهه لاءِ آهي” ڊاڪٽر روبينه سيگل
تعليم هاڻ صوبن جو مينڊيٽ ۽ سوال آهي. پر نڪ جي پڪائي ۽ سمجهه جي ڪچائي سان اهڙا نصاب به تيار ڪبا جنهن جي تدريسي عمل ۾ ملڪ جون قومي، علائقائي ۽ مادري ٻوليون نظرانداز ڪيون وينديون. تازو وفاقي وزير شفقت محمود ڪٿي چيو ته سنڌ جي صرف ڪجهه علائقن ۾ سنڌي پڙهائي ويندي. سنڌ جي ٻولي ۽ ان جي تاريخي تشخص تي اڃان ڪو ٻيو وڏو وار ٿي سگهي ٿو؟ پنهنجي پريس بيان ۾ سنڌ پروگريسو ڪاميٽي واجب طور چيو ته “ڪڏهن ون يونٽ ته ڪڏهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز هيٺ ڏيڻ جي ڪوشش ته هاڻ وري يڪ نصاب پاليسي جو فيصلو انهن ساڳي مرڪزيت پسند قوتن جو ٽڪساٽ آهي جن پهرين ڏينهن کان ملڪ کي گهڻ قومي رياست نه مڃيو آهي.” يعني جيڪو ڪم پاڪستاني قومپرستي ۽ ٻه قومي نظريو نه ڪري سگهيو سو هاڻ کين لڳي ٿو ته يڪ قومي نصاب ڪندو. پر اهو ممڪن ڪونهي. گرمي يا سردي ۾ هڪڙو سوڙهو سائو سوئيٽر سڀ کي زوري پارائڻ جي ڪوشش سان ڪنهن جي ٻانهن ته ڪونه ٽٽندي پر عين ممڪن آ ته سوئيٽر ڦاٽي پئي.
ضرورت يڪ قومي نصاب جي نه پر هڪ اهڙي تعليمي نظام جي آهي جيڪو ڪوڙي وحدت تي سچي ڪثرت کي قربان نه ڪري، جيڪو سمورين مادري ٻولين، مختلف قومن جي تاريخي ۽ علائقائي گهرجن کي سانڍي، جيڪو جديد عالمي سائنسي ۽ سيڪيولر رجحانن وٽان هئڻ سان گڏ بنا ڪنهن طبقي، علائقي ۽ صنف جي فرق جي سڀ کي پڙهڻ جا هڪ جيترا موقعا ڏئي. مريم چغتائي (ميمبر نصاب ڪاميٽي) پاڻ ئي چئي چڪي آهي ته اسان سڀ لاءِ هڪ نصاب جي ڳالهه ڪيون ٿا، نه ڪي سڀ لاءِ هڪ تعليمي نظام جي. يعني پوءِ به موقعا مخصوص ماڻهن لاءِ ۽ خلق لاءِ خواري هوندي. ڊاڪٽر اي ايڇ نئير جي مٿي ڄاڻايل مضمون مان حوالو ڏيندي مضمون کٽائبو ته جيترا ٻار اسڪولن ۾ پڙ هن ٿا ته ان جو جهڙوڪ اڌ تي اڌ (سوا ٻه ڪروڙ) ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. کين پڙهائڻ لاءِ ته موجود اسڪولن جيترا اسڪول، فرنيچر، سهولتون ۽ استاد کپن. جڏهن ته تعليمي بجيٽ وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن پئي گهٽجي ٿي. حالت اها آهي وفاق جي انتظام هيٺ ملڪ جي گادي (اسلام آباد) ۾ به 35 سيڪڙو استادن جي گهٽتائي آهي جيڪا پوري نه پئي ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته وٽن اضافي پگهارن جا پيسا ڪونهن. باقي سڄو زور هڪ نصابي پروگرام تي ڏيڻ کل بچائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *