تازا ترين
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ تحقيق جو لاڀ ڇو نه ٿو ملي؟

جيئن جيئن عالمي سماج جي ترقي تيز ٿيندي وڃي پئي تيئن تيئن تعليمي ادارن جي اهميت ۽ گهرج به وڌندي وڃي پئي. اهڙي طرح تعليمي ادارن جي ساخت ۽ تعليمي معيار به تبديل ٿيندا رهن ٿا. خاص ڪري يونيورسٽين جي علمي ۽ تحقيقي ساخت تبديل ٿيڻ سان گڏ ترقي ڪري رهي آهي. انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ مختلف قسم جي ٻين ٽيڪنالاجي ۾ جدت اچڻ ڪري مختلف ادارن، ڪارپوريشن ۽ تنظيمن سان گڏ تعليمي ادارن ۾ به جدت پيدا ٿي رهي آهي. تعليمي ادارن ۾ يونيورسٽيون تمام گهڻيون اهم ۽ مختلف آهن. دنيا ۾ جيڪا ڏاهپ پيدا ٿي آهي انهن جي اڪثريت يونيورسٽين ۾ ئي پيدا ٿي آهي، اهڙي طرح جنهن ٽيڪنالاجي دنيا کي ڳنڍي هڪ گولي (Globe)جي شڪل ۾ آندو آهي اها ٽيڪنالاجي به مختلف يونيورسٽين ۾ مختلف پروجيڪٽس جي شڪل ۾ ٺهي آهي. يونيورسٽين جي شاگردن ۽ استادن ئي اهڙا پروجيڪٽ ٺاهيا آهن جيڪي اڄ دنيا کي نئين شڪل ڏئي جديد بڻائي رهيا آهن. هن وقت به دنيا کي مختلف مسئلن مان يونيورسٽيون ئي ڪڍي رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو يونيورسٽين ۾ پڙهائيندڙ استاد ۽ پڙهندڙ شاگرد ديسي ۽ عالمي معاشرن ۾ منفرد ۽ اعليٰ حيثيت رکن ٿا. يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ تحقيق انهن ملڪن ۾ واپار، تعليم، سماجيات، ٽيڪنالاجي ۽ لسانيات وغيره کي ترقي ڏيارڻ سان گڏ انهن ملڪن جا سياسي ۽ سماجي مسئلا به حل ڪري رهيون آهن. يونيورسٽين جي ترقي جو اهم سبب شاگرد ۽ استاد آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته يونيورسٽين کي شاگردن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. يونيورسٽين ۾ خيالن جي ڏي وٺ ۽ انهن تي بحث مباحثن تي پابندي نه هجڻ گهرجي بلڪه شاگردن کي ماحول ۽ پليٽ فارم مهيا ڪيو وڃي ته جيئن هو سائنسي، سماجي، سياسي، ادبي، لسانياتي ۽ ٽيڪنالاجي وارن خيالن تي کليل ذهن سان بحث ڪري سگهن.
دنيا ۾ اهي يونيورسٽيون وڌيڪ ترقي ڪن ٿيون جيڪي تحقيق تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيون آهن. تحقيق جي ڪري ئي ترقي يافتا ملڪن جو ن يونيورسٽيون اعليٰ بڻجي ويون آهن ۽ دنيا کي نوان نظريا ڏئي سگهيون آهن. اهڙي قسم جي يونيورسٽين ئي تعليمي نظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جن مختلف شعبن ۾ تحقيق جو بنياد وڌو ۽ شاگردن کي اهڙن تحقيقي عملن ۾ مشغول ڪيو. يونيورسٽين جي اهڙي ڪردار جي ڪري سمورا ملڪ يونيورسٽين کي ترقي ڏياري رهيا آهن ته جيئن انهن يونيورسٽين ۾ وڌيڪ ۽ بهتر طريقي سان تحقيق ٿي سگهي ۽ دنيا جا مسئلا حل ٿي سگهن . آمريڪا، يورپي ملڪ ، چين ۽ ڪجھه ايشيا جا ملڪ ان سلسلي ۾ اڳتي آهن ۽ هو پنهنجي يونيورسٽين کي وڌيڪ سهولتيون ڏيڻ سان گڏ ڪيتريون ئي نيون يونيورسٽيون کولي رهيا آهن. اهي ملڪ ۽ انهن جا مختلف قسم جا ادارا، ڪارخانا ۽ واپاري تحقيق لاءِ ڪيترائي مالي فنڊ ڏين ٿا ته جيئن پنهنجي ادارن، ڪارخانن، واپار ۽ ملڪن کي ترقي ڏياري سگهن. حقيقت ۾ تحقيق ڪندڙ يونيورسٽيون گهڻيون خرچائو يا مهانگيون هونديون آهن ڇاڪاڻ ته يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ تحقيق لاءِ تمام گهڻا اثاثا، اوزار، خام مال ۽ مختلف قسم جا مٽيريل گهربل هوندا آهن ،جن ۾ ليبارٽريون، لائبرريون، تحقيقي جرنل، ڪمپيوٽر ۽ ٻيو گهڻو تحقيقي سامان گهربل هوندو آهي. . ان لاءِ يونيورسٽين کي وڌيڪ پئسن يا فنڊن جي ضرورت هوندي آهي. ترقي يافتا ملڪن جي يونيورسٽين کي اهي سمورا سامان ۽ مختلف قسم جا فنڊ بروقت مهيا ڪيا ويندا آهن.
پاڪستان ۾ قائم ٿيل يونيورسٽيون پنهنجي وسيلن جي آهر تحقيقي ۽ تدريسي عمل ۾ مشغول آهن. ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ عالمگيريت جي ڪري اسان جون يونيورسٽيون به عالمي تعليمي ماڊل استعمال ڪري رهيون آهن جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن اسان وٽ تعليم بهتر ٿي رهي آهي ۽ تحقيقي عمل ۾ به بهتري اچي رهي آهي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن، جنهنجو مقصد پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن کي سهولتون مهيا ڪري تحقيق جو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ تحقيق کي ترقي ڏيارڻ آهي تنهن تحقيقي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ شاگردن ۽ استادن طرفان ايندڙ خيالن يا تحقيقي مسئلن جي بنياد تي تحقيق ڪرڻ ۽ مختلف قسم جي تحقيقي پروجيڪٽس تي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ هڪ ادارو قائم ڪيو آهي جيڪو هڪ تحقيقي خيال کان وٺي ، ان جي بنياد تي ٺهندڙ وکر تائين ۽ ان کي تجارتي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو. ان سان يونيورسٽين ۾ پيدا ٿيندڙ خيال ۽ انهن جي بنياد تي ٺهندڙ نظريا ۽ وکر مختلف ۽ واسطيدار ادارن، ڪارخانن ۽ بازارن تائين اچن ٿا جن سان ملڪ گهڻي ترقي ڪري ٿو. ان مرڪز يا اداري جو نالو “آفيس آف ريسرچ، انوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن”Office of the Research, Innovation, and Commercialization (ORIC) رکيو ويو آهي. ORIC يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ تحقيق کي عملي ۽ اسٽريٽجڪ مدد فراهم ڪري ٿي ۽ يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ تحقيق کي گهربل ادارن ۽ ڪارپوريشنس تائين پهچائي ٿي، جنهن سان تحقيق ذريعي پيدا ٿيندڙ ايجادون، نظريا ۽ مختلف قسم جا اثاثا ، اوزار ۽ وکر ماڻهن ، ادارن ۽ ملڪن جا مسئلا حل ڪن ٿا، انهن جي ڪم اچن ٿا ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ORIC ديسي يا Local مسئلن کي حل ڪرڻ سان گڏ عالمي پروجيڪٽس تي پڻ ڪم ڪري ٿي، جنهن لاءِ هو هتان جو ئي خام مال، اثاثا ۽ پنهنجي ماڻهن جون خدمتون، انهن جي فني ۽ علمي ڄاڻ استعمال ڪري ٿي جنهن سان روزگار جا ذريعا به وڌن ٿا ته ديسي هنرن کي به هٿي ملي ٿي ته تحقيق به ترقي ڪري ٿي.
پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ هن وقت جديد ۽ تحقيقي بنيادن تي پروجيڪٽس ٺهي رهيا آهن جن جي پويان شاگردن ۽ استادن جا خيال آهن. هن وقت هڪ طرف مختلف بيمارين جي سڃاڻپ ۽ علاج جهڙوڪ ڪينسر جهڙي موذي مرض ، اکين جي بيمارين ، دل جي بيمارين ، ڦڦڙن جي بيمارين ، بڪين جي بيمارين ،جيري جي بيمارين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي علاج تي پروجيڪٽس ٺهي رهيا آهن، ته ٻئي طرف انٽرنيٽ آف ٿنگس (Internet of things) يا IOT تي مختلف قسم جي تحقيقي پروجيڪٽس ڪاميابي سان ٺهي رهيا آهن، اهڙي طرح ٻولي ۽ لسانيات جي مختلف مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ پڻ تحقيقي پروجيڪٽس ۽ نظريا ٺهي رهيا آهن جيڪي ٻولين کي بچائڻ سان گڏ عالمي ٻولين جي سٿ ۾ آڻي رهيا آهن. جڏهن ته مختلف ادارن جي ڪم لاءِ ڪمپيوٽر ايپليڪيشنس ته اڳ ۾ ئي ٺهي چڪيون آهن جيڪي آن لائين بزنس کان سواءِ پوائنٽ آف سيل (Point of sale) يا پوائنٽ آف پرچيز (Point of purchase) تي ڪم ڪري رهيون آهن. جنهن سان واپار ۽ واپارين ۽ بازار جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح اسپتالن، اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ٻين ادارن لاءِ پڻ ڪمپيوٽر ايپليڪيشن ٺاهيون ويون آهن ۽ اڃاتائين ٺهي رهيو آهن جيڪي ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هٿراڌو ڏاهپ، مشين لرننگ، ڊيپ لرننگ، بگ ڊيٽا، ڪمپيوٽيشنل لسانيات، نيچرل لينگوئيج پروسيسنگ، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، سوشل ميڊيا، طب، ڪيمسٽري، فزڪس، بائلاجي، بايو ٽيڪنالاجي، مختلف قسم جي انجنيئرنگ جي شعبن ، سماجي لسانيات ۽ سوشل سائنسز ۾ بهترين قسم جو تحقيقي ۽ ترقياتي ڪم ٿي رهيو آهي جيڪي نوان ۽ جديد خيال ۽ نظريا پيدا ڪرڻ سان گڏ پروجيڪٽس به ٺاهي رهيا آهن. اهي پروجيڪٽ ۽ تحقيقي ڪم اڪثر ڪري يونيورسٽين تائين ئي محدود هوندا آهن. انهن پروجيڪٽس ۽ تحقيقي ڪمن مان تمام گهٽ پروجيڪٽ ۽ تحقيقي نظريا واسطيدار ادارن ۽ گهربل شعبن تائين پهچندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ يونيورسٽين جي ڪارڪردگي ادارن ۽ ماڻهن تائين نه ٿي پهچي ۽ نه ئي ڪو ملڪ کي ڪو گهڻو فائدو ملي رهيو آهي.
جيئن ته مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته هر يونيورسٽي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان ORIC جو ادارو قائم ڪيل آهي جنهن جو ڪم آهي تحقيقي ڪم کي ترقي ڏيارڻ ۽ واسطيدار شعبي، انڊسٽري ۽ ادارن تائين پهچائڻ پر افسوس جو اڪثر ORIC جون آفيسون پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان نه ٿيون ڪري سگهن. مختلف يونيورسٽين ۾ORIC جا ڊائريڪٽر اڪثر ڪري يونيورسٽين جي ڪنهن پروفيسر کي ئي بڻايو ويندو آهي جيڪي تحقيق عمل ۾ ته ماهر هوندا آهن ۽ هو تحقيقي عمل کي ترقي به ڏياريندا آهن پر هنن جو انڊسٽري ۾ تجربو نه هوندو آهي. هو انڊسٽريز ۽ وسطيدار ادارن کي خط لکڻ يا ٽيليفون ڪرڻ تائين محدود هوندا آهن ، تنهنڪري انڊسٽري به ڪو خاص جواب نه ڏيندي آهي ۽ نه ئي وري ڪو فنڊ يا سرمائيڪاري ڪندي آهي. ترقي يافتا ملڪن ۾ انڊسٽري ۽ ٻيا مختف ادارا پنهنجي مسئلن کي کڻي يونيورسٽين ڏانهن ويندا آهن ۽ مختلف تحقيقي پروجيڪٽس جي ذريعي پنهنجا مسئلا حلا ڪرائيندا آهن. ان لاءِ هو لکن کان ڪروڙن ۽ اربن تائين يونيورسٽن کي فنڊ به ڏيندا آهن جن جي بنياد تي يونيورسٽيون مختلف قسم جون اسڪالرشپس به ڏينديون آهن ۽ پوري دنيا مان ذهين شاگرد گهرائي انهن کان اهي مسئلا حل ڪرائينديون آهن. پر اسان وٽ اهو ماحول اڃا تائين نه جڙي سگهيو آهي. ادارن ۽ انڊسٽرين ۾ تعلق نه پيدا ٿي سگهيو آهي جيڪو ORIC کي پيدا ڪرڻو هوندو آهي. جيتوڻيڪ خانگي يونيورسٽين ۾ ان حوالي سان ڪجھه نه ڪجھه ڪم ٿي رهيو آهي ۽ اهي پاڻ کي ڪارخانن ۽ مختلف ادارن سان ڳنڍيل رکن ٿيون. ٿي سگهي ڪجھه پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ اهو ڪم ٿيندو هجي پر اڪثر يونيورسٽين ۾ پيدا ٿيندڙ جديد خيال ، نظريا ۽ ٺهندڙ تحقيقي پروجيڪٽس انڊسٽري تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي وڃن ٿا يا يونيورسٽي جي لائبررين ۽ ليبارٽرين تائين محدود ٿي وڃن ٿا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *