تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

يونيورسٽين مان ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ٿي سگهندو؟

سنڌ جي اڪثر يونيورسٽيز مان ڪرپشن جا آواز مختلف وقتن تي اُٿندا رهيا آهن پر ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪڏهن ڪو اثرائتا قدم کڄندي نظر ناهن آيا، جنهن ڪري ڪرپشن جون شڪايتون ۽ دانهون گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن. اهڙي ماحول ۾ فاپواسا پاران ڪراچي ۾ يونيورسٽيز جي مختلف مسئلن جي حل لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ فاپواسا سنڌ جي صدر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، جنرل سيڪريٽري پروفيسر اختيار گهمرو، عرفانه ملاح، فاپواسا پاڪستان جي نائب صدر ڊاڪٽر نعمت الله لغاري، ڊاڪٽر انيلا امبر، غفران عالم سميت سنڌ جي 9 يونيورسٽيز سان تعلق رکندڙ فاپواسا جي عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو. يونيورسٽيز کي اُڏوهي جيان نقصان پهچائيندڙ ڪرپشن وارو موضوع به زير بحث رهيو. فاپوآسا پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ جن به وائس چانسلرس مٿان نيب جا ڪيسز ھلي رھيا آھن انھن کي فوري طور ھٽايو وڃي. جڏهن فاپواسا جي جنرل سيڪريٽريءَ کان اِن متعلق تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته هُن جو چوڻ هو ته ڪرپشن ڪيس ثابت ٿيندڙن کي فوري هٽائڻ جو اجلاس ۾ مطالبو ڪرڻ سان گڏ لاڳاپيل اختيارين کان اِهو به مطالبو ڪيو ويو ته تعليمي ادارن ۾ ڪرپشن ڪندڙن کي پلي بارگيننگ جو سهارو ڏئي کين نه بچايو وڃي، انهن کي هميشه لاءِ نااهل ڪري تعليمي ادارن مان ڪڍيو وڃي ته جيئن تعليمي ادارن مان ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي. يونيورسٽيز ۾ ڪرپشن ۽ ٻين مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ يعني اظهار جي آزاديءَ تي پابندي جي اجلاس ۾ مذمت ڪندي ڄاڻايو ويو ته سنڌ جي يونيورسٽيز خاص ڪري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ اظهار جي آزاديءَ تي پابندي مڙهي وئي آهي تنهن ڪري اهڙن حڪمن کي واپس وٺي پروفيسرز کي مختلف طريقن سان هراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي ۽ اِن حوالي سان فيصلو ڪيو ويو ته ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي فاپواسا سنڌ خط لکي ڪري اصل حقيقتن کان آگاهه ڪندي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ يونيورسٽي ڪوڊ جي خلاف ورزي ڪندي رجسٽرار ۽ ڊائريڪٽر فنانس کي مقرر ڪيو ويو آهي، انھن کي فوراً عھدن تان لاھڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. فاپواسا وفاقي سرڪار طرفان ھائير ايجوڪيشن جي بجيٽ ۾ ڪٽوتيءَ کي جامعات لاءِ هاڃيڪار ڄاڻائيندي ان جو ذميوار HEC چيئرمين ڊاڪٽر بنوري کي قرار ڏنو ويو جيڪو وفاقي سرڪار کي يونيورسٽيز جي بجيٽ وڌائڻ ۽ ٽيڪس گهٽائڻ متعلق اعتماد ۾ نه وٺي سگهيو يا وري وفاقي حڪومت کي قائل نه ڪري سگھيو، تنهنڪري هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين کي هٽائي ٽيڪس ۾ مليل رعايت گھٽائڻ جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته يونيورسٽين جي استادن ۽ ريسرچرن کي 2009ع ۾ مليل رعايت ڏني وڃي ۽ وفاقي حڪومت طرفان لاڳو ڪيل تعليمي ادارن تي نئين ٽيڪس واري پاليسي ختم ڪري استادن کي رليف ڏنو وڃي. اجلاس ۾ يونيورسٽيز طرفان سنڌ حڪومت جي عدم توجهه تي به تفصيلي روشني وڌي وئي ته سنڌ حڪومت طرفان يونيورسٽيز جي اعلانيل گرانٽ نه ملڻ ۽ هن سال بجيٽ ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪرڻ وارن اعلانن تي عمل ناهي ٿي سگهيو، يونيورسٽيز کي گرانٽ نه ملڻ سبب يونيورسٽيون مالي مشڪلاتن جي ور چڙهي ويون آهن، تنهن ڪري اجلاس ۾ متفقه طور تي اِهو فيصلو ڪيو ويو ته 17، 25 ۽ 26 سيپٽمبر تي سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ ڪلاسن جو مڪمل طور بائيڪاٽ ڪيو ويندو.هاڻي ڏسجي ته فاپواسا ڪرپشن سميت جن مسئلن جي ڪراچي واري اجلاس ۾ نشاندهي ڪري جيڪي فيصلا ڪيا آهن اُنهن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب وڃي ٿي يا وري ڄاڻايل سمورن مامرن مان ڪنهن هڪ تي عمل ٿيڻ کان پوءِ باقي مسئلن کي پاسي ڪري ٿي يا يونيورسٽيز جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪرپٽ عنصرن خلاف هڪ پليٽ فارم تي گڏجي ڀرپور نموني آواز اُٿاري ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *