تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

يونيورسٽين جي ايڊهاڪ ازم مان جند ڇڏايو

سنڌ جا اعليٰ تعليمي ادارا ڪيتري وقت کان وٺي خبرن هيٺ آهن ۽ انهن ۾ اعليٰ عهدن جي مقررين کان وٺي انتظامي اهليت تي به سوال اٿندا رهيا آهن،جنهن ڪري ڪا هڪ به اهڙي پبلڪ يونيورسٽي نه آهي جنهن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪري سگهجي، هائير ايجوڪيشن جي رينڪنگ ۾ ته انهن جي ڳڻپ شايد ئي نظر ايندي هجي جنهن ڪري سڄي سنڌ جي اعليٰ تعليم هر وقت داءُ تي لڳل آهي،ڪا هڪ يونيورسٽي ناهي جنهن ۾ معاملا بهتر انداز يا انتظام سان هلندڙ هجن جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب انهن يونيورسٽين ۾ سياسي بنيادن يا سفارشي ڪلچر تحت اعليٰ عهدن تي ٿيندڙ ڀرتيون آهن ۽ پنهنجي منظور نظر ماڻهن کي نوازڻ واري روش آهي جنهن ڪري سنڌ جي اعليٰ تعليم جي مستقبل سان کيڏيو پيو وڃي.
سنڌ ۾ هن وقت 25 پبلڪ ۽ 27 پرائيويٽ يونيورسٽيون ڪم ڪري رهيون آهن پر اصل مسئلو سرڪاري نگراني ۾ هلندڙ انهن پبلڪ يونيورسٽين جو آهي جتي اڪثر ڪري اهڙا شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن جيڪي وڏا خرچ برداشت ڪري پرائيويٽ يونيورسٽين تائين پهچي نه ٿا سگهن. هن وقت به ٻن وڏن يونيورسٽين سنڌ ۽ لطيف يونيورسٽين ۾ مستقل وي سي مقرر ٿيل نه آهن جڏهن ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام کان وٺي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ به تازو ئي وقتي وي سي مقرر ڪيا ويا آهن جنهن جو مطلب ته اڪثر يونيورسٽيون ايڊهاڪ ازم تحت هلي رهيون آهن جنهن ڪري پوءِ ڪرپشن جهڙا قصا سامهون اچن ٿا. سنڌ يونيورسٽي جو تازو لاٿل وي سي ڪرپشن ڪيس سبب ضمانت تي آهي جڏهن ته انهي يونيورسٽي جا ڪيترائي آفيسر به ساڳئي ڪيس ۾ ضمانت تي آهن،جڏهن ته مهراڻ يوينورسٽي جي خيرپورڪئمپس جي ڊائريڪٽر فنناس کي اينٽي ڪرپشن وارن 36 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي الزام ۾ طلب ڪيو آهي،اهي ته اهي خبرون آهن جيڪي تازو ميڊيا ۾ ظاهر ٿيون آهن يا آيون آهن انهي کانسواءِ اهو قصو تمام پراڻو ۽ ڊگهو آهي جيڪو شادي شهيد پراجيڪٽ کان وٺي ماضي کان سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ٿيندو رهيو آهي پر حڪومت ڪڏهن به انهن کي سڌارڻ يا بهتر ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي آهي بلڪه انهن کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.جڏهن 18 هين ترميم کان پوءِ صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن ٺهي ته اميد ڪئي پئي وئي ته صوبي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم توڙي انتظامڪاري ۾ بهتري نظر ايندي پر صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي غير فعال هجڻ ڪري اها اميد بس آسرو ئي رهي .
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي يونيورسٽين جو اصل مسئل اهو ايڊهاڪ ازم آهي جيڪو حڪمرانن ۽ سفارش تي ايندڙ اعليٰ عهديدارن کي وارو کائي ٿو جن جي غريب شاگردن جي تعليم سان نه دلچسپي آهي نه ئي يوينورسٽين کي بهتر بڻائڻ جي منشا. يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگرد ماني کان وٺي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ هاسٽلن کان محروم آهن ۽ پٺيان ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا قصا ٿا ظاهر ٿين جيڪي پئسا انهن شاگردن کي سهولتون ڏيڻ جي نالي تي يونيورسٽين کي عوامي ٽئڪس جي پئسن مان ڏنا وڃن ٿا. جڏهن ته وي سين تي الزام اهي ٿا لڳن ته اهي پنهنجي آسائش لاءِ لکين رپين جون مهانگيون گاڏيون ٿا خريد ڪن ۽ مهانگن ترين هوٽلن ۾ انهن پئسن تي رهائش اختيار ڪن ٿا .
اسان سمجهون ٿا ته اهو ظلم سڌو سنئون غريب شاگردن سان آهي ۽ انهي جي ذميوار سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل اختياريون آهن ڇاڪاڻ ته اهي انهي ايڊهاڪ ازم مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن جنهن ڪري روز اهڙا اسڪينڊل ظاهر ٿيندا رهن ٿا ،سنڌ حڪومت کي گهرجي ته انهي ايڊهاڪ ازم مان جان ڇڏائي ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد تي يونيورسٽين اندر اعليٰ عهدن جون مقرريون ڪيون وڃن جيئن سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي اهڙن اسڪينڊلن مان جان آجي ٿئي ۽ تعليمي ماحول بهتر ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *