تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

وڏي وزير جو دورو ۽ ڪامورن لاءِ ٻڏي جا ٻيڻا

جوھي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ٻوڏ جي تباھڪاري ۽ ايف پي بند جي بحالي جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه منڇر لڳ زيرو پوائنٽ کان ھيليڪاپٽر ذريعي ٻوڏ جي گھيري ۾ آيل ڳوٺن ايف پي بند، ايم اين وي ڊرين جو فضائي جائزو وٺڻ بعد جوھي ڪاليج جي گرائونڊ تي ھيليڪاپٽر مان لھي ايف پي بند جو دورو ڪيو. مختلف ھنڌن تي پيل 7/8 گھارن جي بحالي تي آبپاشي ۽ امدادي سرگرمين بابت ڊي سي دادو کيس بريفننگ ڏني جتي ٻنھي کاتن جي آفيسرن جي رپورٽن تي سنڌ جي وڏي وزير اطمينان جو اظھار ڪيو. سنڌ جي وڏو وزير جي ايف پي بند جي دوري دوران ٻن مختلف ھنڌن تي ٻوڏ متاثر ماڻھن سيڪيورٽي انتظامن جي پرواھه نـ ڪندي کيس روڪي ورتو. وڏي وزير سامھون ڊي سي دادو خلاف شڪايتون دانھون رڙيون ڪيون ۽ اتي سنڌ جو وڏو وزير ٻوڏ متاثرين آڏو عاجزي سان ھٿ جوڙي بيھي رھيو جتي ماڻھن جي اکين ۾ لڙڪن ۽ سڏڪن سنڌ جي وڏي وزير کي بـه ميڻ بڻائي ڇڏيو.
سنڌ جي وڏي وزير آبپاشي روينيو ۽ روڊس کاتي جي ڪامورن کان مختلف سوال ڪيا جن بابت معلوم ٿيو تـه ڪامورن وري بـه عملي ڪم ڏيکارڻ جي بجاءِ نئين فن سان بحالي بابت ڪمن جي لسٽ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير کي انگن اکرن جي مٽا سٽا وارا دليل۽ بيان ڏنا. جن تي وڏي وزير کانئن سخت سوال بـه ڪيا. ان موقعي تي پ پ پ جا چونڊيل ميمبر ايم اين اي رفيق احمد جمالي، ايم پي اي سيد صالح شاھ جيلاني، ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا لغاري، وڏي وزير جو معاون ڊاڪٽر بنده علي لغاري ساڻس گڏ ھئا جن بـه روڊن جي بحالي جي حوالي سان تجويزون ڏنيون. جتي سنڌ جي وڏي وزير سيڪريٽري ورڪس کي ھڪ ھفتو جوھي / دادو ۾ ڪئمپ قائم ڪري ڪاڇي جي روڊن جي بحالي تائين ڪراچي نـه اچڻ جي ھدايت ڪئي آھي. اھڙي طرح امدادي سامان جي ورھاست ڪئين ٿيندي ؟ ان جو ڪو بـه فارمولو جڙي نـه سگھيو، جيئن بغير سروي جي يونين ڪائونسلن کي آفت سٽيل قرار ڏياريو ويو ايئن ئي امدادي سرگرمين شروع ٿي وڃڻ جو امڪان آھي جنھن ڪري عوامي حلقن ۽ ٻوڏ متاثرين جو خيال آھي تـه بغير سروي جي امدادي سامان جي ورھاست وڏي خيانت تصور ڪئي ويندي. جوھي تعلقي جي جن ديھن تپن سرڪلس ۽ يونين ڪائونسل کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آھي اتي ڪا به سروي ناھي ٿي بغير سروي وارن علائقن ۾ امداد ڏيڻ سان افراتفري مچي ويندي ۽ حقيقي متاثرن سان ويساھه گھاتي ٿيڻ جا پھرين ڏينھن کان امڪان وڌندا پيا وڃن.
سنڌ جي وڏي وزير جو شيڊول ڪٿي ڪٿي وڃڻ، بند جي دوري بابت مصروفيتون ھيون ان بابت افواھن تي واھي پانڌي ۾ بـه امداد جي آسري خلق خدا گڏ ٿي ويئي ۽ امداد نـ ملڻ تي ردعمل ۾ احتجاج ڪيو ويو ۽ ڪاڇي جي ٻوڏ سٽيل ڳوٺن جا ھزارين ماڻھو اڏرندڙ ھيليڪاپٽر ڏسندي مايوس ٿي ويا. ننگر داريو جي ھڪ ڳوٺاڻي موجب تـه اسان جا ٻار بکن ۾ پاھه ٿي ويا. ھيليڪاپٽر کي امداد ڏيڻ کانسواءِ خالي واپس ٿيڻ تي معصوم اکڙين ۾ لڙڪ سڏڪا ٻڌي ماحول سوڳوار ٿي ويو آھي. اھڙي ريت ڪاڇي م عوام تي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن آھن. معصوم ٻچن کي بک ڏک ۾ ڏسي مائرن جو جيءُ جھري پوي ٿو ۽ دانھون تـه ضلعي ڪائونسل دادو جي وائيس چيئرمين بلو خان شاھاڻي بـه ڪيون تـه سندن علائقن جا رستا اٺ ڏينھن گذرڻ بعد بـه بحال نــه ٿيا آهن. اھڙن جملن جي مٽا سٽا بعد سنڌ جي وڏي وزير جي ٽيم ۾ ٽھڪڙا پئجي ويا. خوشي مان کلڻ تي مونکي ڪاڇي جا منظر ياد اچن ٿا ته ڪٿي معصوم ٻار خالي پٽاٽن ، پاڻي ۾ رڌل چانورن ۽ سڪي ماني ڳڀي لاءِ لڙڪن جا نار وھائين ٿا تـه ٻئي طرف ٻوڏ متاثرن جي سھائتا لاءِ ايندڙن جي چھرن تي مرڪ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿي. اھڙي وڊيو وائرل ٿيندي ئي ماڻھن جا تبصرا تجزيا بـه خطرناڪ آھن ليڪن حڪومت جي جيڪا آئيني قانوني اخلاقي ذميواري آھي ان طرف ٻار واري پھرين وک بــه ناھي ڀري اڳتي حالتون ڪيتريون سنگين ٿي وينديون جو شايد حڪومت ۽ انھن جي ادارن کي بعد ۾ احساس ٿئي.
ھن وقت ڪاڇي کي سڀ کان وڌيڪ جن مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو انھن ۾ صحت ڇانو لاءِ ٽئنٽ راشن آهن جن لاءِ اڃان تائين اھڙو ڪو فريم ورڪ ناھي جڙيو جنھن سان ڳوٺن ۾ 9 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪو نتيجو نظر اچي. جن ڳوٺن ۾ فوري امدادي ڪارواين جي ضرورت آھي انھن ۾ شھڪ رودناڻي، ڇڊي ، بھاول ٻٻر، فتح محمد بروھي، شفيع محمد لنڊ، ڪيٽي وسڻ ڪيٽي سجاول ، شڪلاڻي لنڊ، مٺو خان بروھي، گرماڻي ننگرداريو ۽ ٻيا اھڙا ڳوٺ جتي ٻوڏ جي پاڻي وڏي تباھي مچائي آھي.
اڄ آفيسرن جي ٻڏي جا ٻيڻا واري فارمولي جو شايد وڏي وزير کي اندازو ٿي ويو هو جوهن ھر کاتي آبپاشي روڊس ۽ روينيو وارن کي سختي سان هدايت ڪئي تـه جتي جتي بحالي جو ڪم ٿئي اتي ٽيڪنيڪل انداز سان رقم جو ڪاٿو لڳائي حساب ڪتاب ٺيڪ ڪجو. سنڌ جي وڏي وزير جي اھڙي جملي تي ڪامورن جي حرڪتن جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. مطلب ايف پي بند جي گھارن جي ماپ ڪري مٽيريل فراھم ڪندڙ ڪمپني کي ادائگي قانون جي دائري ۾ ڪئي وڃي يعني شيڊول ريٽ ڏنا وڃن يا ڪوٽيڊ ريٽ ڏيئي ٻڏي جا ٻيڻا فارمولي تي عمل ڪيو ويندو.
موجودھه حالتن ۾ ٻوڏ کي اٺ ڏينھن گذري ويا ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو اڄ ٻيو ڀيرو دورو ھيو جتي ٻوڏ سٽيل ماڻھن جي بحالي لاءِ ڪو پلان جڙي ناھي سگھيو جنھن ڪري ٻوڏ جو پاڻي لھي ويو رستا جزوي بحال ٿي ويا تنھن ھوندي بـه حڪومتي پلان غائب آھي جنھن ڪري ٻوڏ بعد جون حالتون سنگين ٿي وڃڻ جو امڪان آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *