تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

وڌي وڌي کيڏندڙ بلاول ۽ مجبور عمران خان

پاڪستان ۽ نئين پاڪستان واري بحث کانپوءِ نئين چنڊ ۽ پراڻي چنڊ وارو بحث به پنهنجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي، هن نئين ۽ پراڻي چنڊ واري اشو تي چوڌري فواد پنهنجي حڪومت ۾ اڪيلو نظر اچي ٿو، هن ملڪ کي سائنسي بنيادن تي هلائڻ جي خواهش دوران ڪيترائي پي ٽي آءِ اڳواڻ اڪيلائي ۾ چوڌري فواد کي چلتي ڪا نام گاڙي وارو فارمولو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي اهي جملا به چون ٿا ته ملڪ ۾ ٻيا ئي ڪيترا اشو آهن. هن نئين چنڊ ۽ پراڻي چنڊ واري اشو تي چوڌري فواد جي ترقي ٿئي يا نه پر پراڻي پاڪستان ۽ نئين پاڪستان واري بحث ۾ شهزاد اڪبر تيزي سان ترقيون ماڻي رهيو آهي. شهزاد اڪبر جي ته گهڻي خبر ناهي پر بحث جي شروعات ۾ ئي اهو ذڪر ڪندو هلجي ته ملڪ جي بيوروڪريسي جي ڇا صورتحال هوندي جتي احمد چيما ۽ فواد حسن فواد جهڙا بيوروڪريٽ جيل جون صعوبتون برداشت ڪندا هجن جتي روز جي بنيادن تي ايف بي آر اندر تبديليون ٿينديون هجن، پنجاب جي آءِ جي کان اسلام آباد جي آءِ جي جي بدلين تائين ڪيترائي ڪمشنر ڊپٽي ڪمشنر روز جي بنياد تي تبديل ٿيندا رهن ٿا. مون کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن رحمان ملڪ گهرو وزير هيو تڏهن ملڪ جي بيورو ڪريسي هڙتال جهڙي ماحول ۾ اچي وئي هئي. هڪ ٻن ڏينهن تائين ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ رحمان ملڪ ۽ بيوروڪريسي ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن پر هينئر جي صورتحال اها آهي جو صحافي مطيع الله جي اغوا واري معاملي ۾ سپريم ڪورٽ جڏهن اهو پڇيو ته آءِ جي ڪٿي آهي تڏهن کان اهو سوال بحث هيٺ آهي ته آخر آءِ جي ڪهڙو جواب ڏيندو؟ وچ شهر مان صحافي جو اغوا هن ملڪ جي گادي واري شهر کي ڪيئن ٿو محفوظ بڻائي سگهي جڏهن ته سي سي ٽي وي جي ڪيمرائن ۾ پوليس وارن جي نظر اچڻ تي آخر پوليس محافظ هئي يا اغواڪارن سان گڏ، اهڙن سوالن جو اسلام آباد پوليس جو چيف آخر ڪهڙو جواب ڏيندو. اهو هڪ الڳ بحث آهي پر بنيادي ڳالهه اها آهي ته رڳو اپوزيشن وارا ئي نه پر ملڪ جي بيوروڪريسي به منجهيل معاملن جي اندر ايترو الجهيل آهي جو راڻا ثناءُالله جهڙن ميمبرن کي قومي اسيمبلي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي اچي سوال ڪرڻو پوي ٿو جن آفيسرن مون کي گرفتار ڪيو آهي فٽيجز ڏيکارين، چرس وارا ثبوت پيش ڪن. هن ملڪ جي سياست پراڻي پاڪستان واري هجي يا ملڪ نئين پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو هجي پر پنجاب جي اندر هاڻي هر شخص چوي ٿو ته ڪم کي بريڪ لڳي چڪو آهي، هڪڙي طرف اها صورتحال آهي ٻئي طرف حڪومت پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪرڻ لاءِ بنيادي نقطن کي گڏ ڪري رهي آهي.
جنهن احتساب واري عمل کي هو بهترين نقطي طور پيش ڪندا هئااهو بنيادي نقطو ئي هينئر ايترو مشڪوڪ بڻجي چڪو آهي جو خواجه برادران جي سپريم ڪورٽ واري فيصلي کانپوءِ نيب جي اداري کي ختم ڪري نيب چيئرمين کي فوري استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو سامهون اچي رهيو آهي. هن سڄي صورتحال اندر نيب چيئرمين يا نيب بحيثيت ادارو به ان ٻه واٽي تي اچي بيٺو آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر وارن خلاف ريفرنس ۾ جان اچي ٿي ته سپريم ڪورٽ واري فيصلي جي گونج وڌندي، جيڪڏهن حڪومتي ميمبرن جي ريفرنس کان شروعات ڪجي ٿي ته پوءِ بقول نيب چيئرمين جي انهيءُ انٽرويو جي جنهن کي ڪالم نگار جاويد چوڌري هينئر تائين درست قرار ڏئي ٿو تنهن موجب عمران خان جي حڪومت نه رهندي. خواجه برادران جو تعلق لاهور سان آهي. اهي پنهنجي ضمانت واري فيصلي کانپوءِ چئي رهيا آهن ته سندن 15 مهينا جيل وارا ڪير موٽائي ڏيندو پر هتي لاهور ۽ لاڙڪاڻي جيان لاهور ۽ سکر واري معاملي جو ذڪر انهي ڪري به ٿئي ٿو ته خورشيد شاهه جيل ۾ آهي، قومي اسيمبلي جو ميمبر هئڻ باوجود پروڊڪشن آرڊر هيٺ کيس اسيمبلي آڻڻ جي قانوني حق کان به محروم رکيو ويو آهي.
جيتوڻيڪ ن ليگ ۽ پ پ هينئر نيب ۽ عمران خان معاملي تي ساڳئي پيج تي نظر اچن ٿا پر شريف ڀائرن جي بيمار هئڻ ڪري مسلم ليگ ن کي قومي اسيمبلي ۾ خواجه آصف جنهن مزاحمتي انداز ۾ اڳواڻي فراهم ڪري رهيو آهي ان ن ليگ ۾ جان ضرور وڌي آهي پر هر سوال جي جواب ۾ شهباز شريف جي انتظار جو جواب به ملي ٿو تنهن ڪري لاهور ڪراچي سکر ۽ هينئر پارليامينٽ هائوس اندر جنهن انداز ۾ بلاول ڀٽو حڪومت کي مخاطب ٿيو آهي تنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت وٽ بلاول ڀٽو کي منهن ڏيڻ لاءِ پراڻي حڪمت عملي ڪم نه پئي اچي، سنڌ ۾ گورنر رول جون ڳالهيون نيب جا ڪيس 18هين ترميم اين ايف سي جي آءِ ٽي جون رپورٽون اين آر او جا الزام علي زيدي جون پريس ڪانفرنس کان ويندي مراد سعيد جا جوابي حملا هاڻي عمران سرڪار جا پر اثر هٿيار ناهن رهيا ان ڪري قومي اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي تقرير ختم ڪندي ڪورم جي جڏهن نشاندهي ڪئي تڏهن اهڙي نشاندهي حيران ڪندڙ هئي ته پارٽي جو چيئرمين پاڻ ڪيئن ٿو ڪورم جي نشاندهي ڪري سگهي. قانوني طور تي ته هر ميمبر کي حق آهي پر اڪثر پارٽين جا ميمبر ايئن ڪندا آهن پر هن دفعي جڏهن بلاول ڀٽو ڪورم جي نشاندهي ڪري مخالف ڌر وارن سان گڏ اسيمبلي فلور کان ٻاهر هليو ويو تڏهن اسيمبلي اجلاس کي جاري رکڻ ڏکيو ٿي پيو.
علي محمد ۽ مراد سعيد جهڙا حڪومتي مميبر قانون جون تشريحون ڪرڻ لڳا ته جيڪو ميمبر ڪورم جي نشاندهي ڪندو آهي ان شخص کي پارليامينٽ ۾ ڳڻپ تائين ويهڻو پوندو آهي پر هتي بلاول ڀٽو ڪورم جي نشاندهي ڪري پاڻ ٻاهر هليو ويو آهي، حڪومتي ميمبرن کي بلاول ڀٽو جي اهڙي حڪمت عملي پريشان ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسپيڪر جي چيئر تي نه اسپيڪر اسد قيصر، نه ئي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ويٺل هو اسپيڪر جي چيئر تي پي ٽي آءِ جو امجد علي خان هيو جنهن پنهنجي پارٽي جي لائين وٺڻ بجاءِ پنهنجي ڪرسي کي مان ڏيندي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. بلاول ڀٽو جي اهڙي عمل جو بنيادي مقصد اهو هيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر وارا چاهن ۽ اسپيڪر نيوٽرل هجي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس به هلي نه سگهندو. بلاول ڀٽو ۽ خواجه آصف جو عمران سرڪار کي بجيٽ اجلاس ۾ عمران سرڪار جي اڪثريت کي گهٽائڻ کانپوءِ هي ڀرپور وار هيو جنهن کانپوءِ عمران سرڪار کي هاڻي اسيمبلي اجلاس هلائڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. ٿي سگهي ٿو عمران خان کي پنهنجي انا کي پاسيرو رکي پاڻ به اسيمبلي فلور تي اچڻو پوي. سياست کي انتهائي گهرائي سان ڏسندڙ اکيون ڏسي رهيون آهن ته عمران خان جي پنهنجي انا ۽ ڊي چوڪ واري سوچ جي ڪري ۽ شريف ڀائرن جي صحت جي معاملن جي ڪري جيڪو خال پيدا ٿيو آهي ان کي بلاول ڀٽو تيزي سان ڀري رهيو آهي جنهن ڪري سندس فرنٽ فٽ تي اچي کيڏڻ واري موقف عمران خان حڪومت کي بيڪ فوٽ تي وڃڻ مجبور ڪيو آهي .هي جيڪا اين آر او جي ڪلڀوشن ياديو کان مالم جبا اسڪينڊل تائين جي ڊگهي لسٽ بلاول بيان ڪئي آهي ان عمران خان جي حڪومت کي ان ڪري به پريشان ڪيو آهي جيڪڏهن اهڙن الزامن کان عمران سرڪار انڪار به ڪري ٿي ته پوءِ جهانگير ترين کان پري ٿيڻ کان وٺي ڪي پي جي اجمل وزير کي هٽائڻ تائين جا سوال خود حڪومت کي گهيري ۾ آڻن ٿا جڏهن ته مسنگ پرسنز واري اشو کان ويندي آءِ ايم ايف وڃڻ تائين جي خان صاحب جي ماضي جي انهن احوالن ته يا مان نه هوندس يا اهي نه هوندا واري بيانيي کانپوءِ عمران خان هاڻي مڪمل لاجواب ٿي چڪو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *