تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

وچ اوڀر ۾ پاڻي جي صوتحال

گذريل ڪالم ۾ پاڪستان ۾ بدلجندڙ جر جي پاڻي ۽ ان جي اثرن بابت ڪجهه لکيو ھيو، جنهن ۾ اسلام آباد کان ڪراچي تائين جر جي پاڻي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پاڻي جو مسئلو ڪو علائقائي مسئلو نه بلڪه سموري دنيا جو مسئلو آھي جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. ھن وقت دنيا جي ڪل آبادي مان 2.7 Billion آبادي کي مٺو پاڻي ميسر نه آهي، جڏهن ته 1.1 Billion آبادي کي مٺو پاڻي خريد ڪرڻو پوي ٿو. ان مان مراد آهي ته تقريبن دنيا جي اڌ کان مٿي آبادي کي مٺي پاڻي تائين پھچ نه آهي، جنهن سان عالمي وبائون پکڙجي رھيون آھن ۽ WHO پڻ پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪو آھي .ھن وقت “وچ اوڀر” جا ملڪ جر جي مٺي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رھيا آهن ،انهن ۾ يمن عرب امارات ، سعودي عرب ، شام ، عراق وغيره شامل آهن.
وچ اوڀر ڪيترن ئي ماحولياتي مسئلن جو شڪار آهي خاص طور تي پاڻي سان لاڳاپيل وابستا مسئلا تمام گهڻو سنجيده ٿيندا پيا وڃن ۽ پاڻي جا وسيلا آهستي آهستي گهٽجي رهيا آهن ، خاص طور تي انهن لکين ماڻهن لاءِ جن وٽ اڳ ۾ ئي پيئڻ جي پاڻي جي قلت آهي. انهن ملڪن ۾ يمن ، گڏيل عرب امارات ، سعودي عرب ۽ عراق شامل آهن ، جيڪي منفرد مسئلن جو شڪار آهن، ھي ملڪ پاڻي جي حوالي سان فوري طور تي عالمي ڌيان جا گهرجائو آهن. انهن سڀني پاڙيسري ملڪن ۾ پاڻي جي وسيلن جو گهٽ هجڻ ۽ پاڻيءَ جو ناقص انتظام آهي جنهن سان نه رڳو پيئڻ جو پاڻي بلڪه زراعت جو پاڻي پڻ اڻلڀ آهي. ھن علائقي ۾ دنيا جا سڀ کان وڏا تيل جا ذخيرا موجود آهن ، جيڪي علائقي ۾ خوشحالي ۽ تمام گهڻي دولت پيدا ڪري رھيا آهن. انهي جي باوجود، تيل جي ذخيرن ، علائقن جي آبهوا ۽ ماحول کي انساني زندگين لاءِ تمام گهڻو سخت بڻائي ڇڏيو آهي. وچ اوڀر جي ملڪن کي پاڻي جي وسيلن سان گڏ زراعت لاءِ مناسب زرخيز زمين جي ضرورت آهي. ھن وقت جيڪا زمين خوراڪ پيدا ڪرڻ لاءِ موجود آهي اها زمين پاڻي جي کوٽ جي سبب صرف ۽صرف ڪنهن ريگستان جو ڏيک ڏئي رھي آهي .
ايراضي جي لحاظ کان سعودي عرب ھن خطي جوتمام وڏو ملڪ آهي جنهن ۾ قدرتي طور ڪو به درياهه يا ڪا ڍنڍ نه آهي جڏهن ته سعودي عرب دنيا جي گرم ترين علائقن مان ھڪ آهي.درياهه نه ھجڻ ڪري ھن سموري علائقي ۾ جر جو مٺو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي. جنهن ڪري ھتي زراعت به نه ھجڻ جي برابر آهي. ٢٠١٠ع کان پوءِ سعودي عرب ۾ ڪجهه پاڻي ماھرن Geographic Information System ۽ Remote Sensing جي مدد سان سيٽلائيٽ جي وسيلي جر جي پاڻي جا ڪجهه ذخيرا جده شھر جي آس پاس ڳولي لڌا ،جنهن تي ھن وقت ڪجهه نه ڪجهه زراعت ٿئي پئي جيڪا به اتان جي مقامي آبادي جي 40 سيڪڙو آبادي جي گھرج به پوري نه ٿي ڪري سگهي.
ريگستاني ماحول ۾ پنهنجو پاڻ کي زنده رکڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي، ھن قسم جي مشڪلاتن جا اثر شام ، اردن ، عراق ۽ ايران جي ڪجهه علائقن ۾ چڱي ريت ڏسي سگهجن ٿا، جنهن جو مثال اسان سنڌ ۾ موجود ٿر جي ريگستان سان ڏئي سگهون ٿا. ذڪر ڪيل ملڪن ۾ ريگستاني ماحول جي تيزي سان پکيڙ جا آفاقي سبب آهن. وچ اوڀر جي ملڪن ۾ آبپاشي ذريعي زمين جو غلط استعمال عام آهي ۽ علائقي ۾ خشڪ سالي بار بار محسوس ٿيندي آهي، جيڪا ماحولياتي تبديلي جا منظر پيش ڪندي آهي. زراعت ۾ پاڻي جو گهڻو استعمال ملڪن جي اڳواٽ بيٺل پاڻي جي ذريعن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي. (ھتي ھڪ ڳالھه واضع ڪجي تي ھن خطي ۾ زراعت لاءِ پاڻي ٻين علائقن کان وڌيڪ استعمال ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته وارياسي علائقي ۾ پاڻي جو وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي) اردن ۽ شام، ٻئي ملڪ وچ اوڀر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رھيا آهن. ھنن ٻنهي ملڪن ۾ Water Table پاڻي جي سطح تمام گھڻي ھيٺ ھلي وئي آهي، جيڪا ايندڙ 50 سالن ۾ خطرناڪ حد تائين وڃي سگهي ٿي. پاڻي جي تيزي سان گهٽجڻ سبب يمن ۾ خوراڪ جي کوٽ ھڪ تمام وڏو مسئلو آهي. ھڪ رپورٽ مطابق يمن جي آبادي جو 30 سيڪڙو ملڪي خوراڪ کان پري آهي ۽ ملڪي خوراڪ يمن جي آبادي جون ضرورتون پوريون نه ٿي ڪري سگهي. حيرت جي ڳالهه اھا به آهي ته يمن جي ٽوٽل ايراضي مان صرف ۽صرف 2.91 سيڪڙو ايريا زراعت جي قابل آهي جنهن مان ھن وقت يمن صرف 1 سيڪڙو ايراضي تي زراعت ڪري سگهي ٿو، جيڪا ملڪي آبادي جي گھرج پوري ڪري نه ٿي سگھي. ھنن ملڪن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ھتان جي آبادي جي رهائش جي معيار کي به نقصان پهچايو آهي.
متحده عرب امارات به ھن خطي جو ھڪ مشهور ملڪ آهي جيڪو جزيرة العرب تي واقع آهي،جيڪو دنيا جي ملڪن ۾ مشهور آهي. گڏيل عرب امارات جو ڪجهه الميو اھو به آھي ته ھتي جر جو پاڻي 90 سيڪڙو کارو آهي، جنهن ڪري ھتي پاڻي جي اھميت پيٽرول کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته گڏيل عرب امارات ۾ Annual Recharge 300ملين ڪيوبڪ ميٽر آهي ۽ ھتان جي آبادي جي گھرج ان کان ڪافي گهڻي آهي جيڪا پريشاني جي ڳالهه آهي. ھن ملڪ جي مشهوري جو سبب صرف آزادانا واپار آهي. ھن ملڪ لاءِ مشهور آهي ته ھي اميرن جو ملڪ آهي ۽ سندس معيشت ايتري سگهاري آهي جو پاڻي جي قلت هن امير رياستن لاءِ ڪو مسئلو ناهي. 2005 ع ۾ امارات جي صنعتي بينڪ جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته يو اي اِي ۾ پاڻيءَ جو في ڪس استعمال تمام گهڻو هئو، جيڪو ھاڻي آھستي آھستي گهٽجي رھيو آهي. رپورٽ مطابق ، گذريل 30 سالن کان هن علائقي جي پاڻيءَ جي سطح water Table تقريبن هڪ ميٽر في سال هيٺ ٿي رھي آهي. هاڻوڪي شرح تي يو اي اي تقريبن 50 سالن ۾ پنهنجي پاڻيءَ جا قدرتي وسيلا ختم ڪري ڇڏيندو. ايستائين جو يو اي اي کي پاڻي جي گھٽتائي کي گهٽائڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڊسيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جي ضرورت آهي.
ھن وقت سڀ کان وڌيڪ ڊسيلينيشن پلانٽس وچ اوڀر ۾ موجود آهن جنهن جو سبب ھن خطي ۾ جر جو پاڻي کارو ۽ water Table ھيٺ ھجڻ آهي. جنهن جي ڪري ھتان جي آبادي مٺي پاڻي جا پلانٽس لڳائڻ تي مجبور آهي. ڊسيلينيشن سان کارو پاڻي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ سان پاڻي کي ڊيسيلينيشن پلانٽس ۾ سڀ کان وڌيڪ بورون ۽ برومائڊ جو استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو وقت سان گڏ جسم مان ضروري معدنيات ختم ڪري سگهي ٿو.
“ وچ اوڀر” جا ھي ملڪ دولت سان مالامال آهن پر ھنن وٽ پيئڻ جي پاڻي کان زراعت جي پاڻي جي کوٽ ھتان جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آهي ، ڇاڪاڻ ته ھي ملڪ ملڪي خزاني مان ٻين ملڪن مان خوراڪ گھرائي ملڪي آبادي جي پورت ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته قدرتي طور تي ھي علائقو پاڻي کان محروم آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *