تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

وقتي وائيس چانسلر جي مقرري ۽ سياسي پرچيون

سنڌ ۾ پڙهيل لکيل ۽ اهليت رکندڙ پروفيسرن جي شايد کوٽ ٿي وئي آهي   جو هڪ مهينو گذرڻ جي باوجود به زرعي يونيورسٽي ۾ وقتي وائيس چانسلر مقرر نه ٿي سگهيو آهي، وقتي وائيس چانسلر جي مقرري نه ٿيڻ سبب هاڻي ته زرعي يونيورسٽي جا استاد به سوشل ميڊيا تي سنڌ سرڪار جي مٿان تنقيد ڪندي نظر ٿا اچن. اطلاعن موجب رڳو وقتي وائيس مقرر ڪرڻ لاءِ به سياسي سفارشون ۽ پرچيون شروع ٿي ويون آهن، پهرين ته يونيورسٽين جا شاگردن پرچين تي امتحان پاس ڪندا هئا، هاڻ ته يونيورسٽين جا خود وائيس چانسلر به پرچين تي پاس ٿي مقرر ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو زرعي يونيورسٽي ۾ وقتي وائيس چانسلر اڃان تائين مقرر نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرن جي مقرري ڪيئن ٿيندي آهي، اها ڳالھه ته ڪنهن کان به ڳجهي ناهي، ٻڌائڻ وارا ٻڌائين ٿا ته پر رڳو وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ لاءِ به سيوهڻ جو بااثر ايم اين اي مجيب صحرائي جو پنهنجو ئي ماڻھو زرعي يونيورسٽي ۾ وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ لاءِ سفارشون ڪري رهيو آهي، ته وري سکر جي نيب وٽ قيد ٿيل سائين به هڪ اميدوار لاءِ هر شنوائي تي پنهنجي ماڻهو کي وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ لاءِ سفارشون ڪري رهيو آهي. سندس اميدوار سينارٽي ۾ پهريون نمبر هجڻ باوجود به سائين جي پرچي قبول نه ٿي سگهي آهي، اهڙي ريت ٽنڊو ڄام جي هڪ ايم پي اي به پنهنجو وقتي توڙي مستقل وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ لاءِ سفارشن جي ڀرمار شروع ڪري ڇڏي آهي،
ڀلا هاڻ هڪ زرعي يونيورسٽي ۾ سائين وڏو، ڪنهن کي مقرر ڪري؟ ڪنهن جي پرچي قبول ٿئي؟ سکر واري سائين جي يا سيوهڻ واري بااثر جي يا واري انهي ايم پي اي جي جنهن جي تڪ ۾ يونيورسٽي آهي؟ جيڪڏهن مقرريون پرچين تي ئي ٿيڻيون آهن ته پوءِ يقينن سينئر پروفيسر ۽  ڊين جي نالن واريون سمريون وڏي وزير يا وري يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري  آفيس ۾ پيل ٽوڪرين مان ملنديون! هي ڳالھه رڳو ڪجي ٿي وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جي، مستقل وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ لاءِ ته اميدوارن کي وڏا جتن ڪرڻا پوندا. هن سياسي، سفارشي نظام سبب سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ وقتي وائيس چانسلر مقرر نه ٿيڻ سبب ڪيترائي معاملا رولڙي جو شڪار آهن، وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ واري معاملي ۾ اڳوڻو وائيس چانسلر مجيب صحرائي رڪاوٽ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته وقتي وائيس چانسلر سندس مخالف اچڻ جي صورت ۾ کيس ڪيل غلط فيصلا ۽ ڪرپشن وائکي ٿيڻ جو خدشو آهي، انهي ڪري ئي دادو واسي وائيس چانسلر مجيب صحرائي پنهنجي طاقت جا جادو ڏيکاري رهيو آهي ، جي ايئن ناهي ۽ واقعي سنڌ سرڪار کي وقتي وائيس چانسلر به ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻو آهي ته پوءِ ڇا هن وقت تائين سنڌ زرعي يونيورسٽي مان اهليت رکندڙ پروفيسر ۽ ڊين نٿا ملن؟ جو سنڌ سرڪار رڳو ڪجهه مهينن لاءِ وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪري؟ ڀلا قانون موجب وقتي وائيس چانسلر جي چارج ڪنهن به سينئر پروفيسر کي ڏيڻي آهي، اها سينارٽي واري لسٽ به موجود آهي، جيڪا عام ماڻهو تائين پهتي آهي، سا يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي کي نٿي ملي جو هن وقت تائين وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ به هڪ سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي، جي سنڌ جي مڙني يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر ايئن سياسي پرچين  ۽ سفارشن تي ڀرتي ٿيندا ته  اهي وائيس چانسلر به  نائين ۽ ڏهين کان وٺي يونيورسٽين تائين ڪاپي ڪري پاسن ٿيندڙ جڏن شاگردن جهڙا هوندا ۽ اهي سنڌ جي اعليٰ تعيلمي درسگاهن جو حشر به ايئن ڪندا جئين هاڻي، مالي بحران جي ور چڙهي شاھه لطيف يونيورسٽي خيرپور، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ٿيل آهي، سياست ۽ سفارشن کي پاسي تي رکي سنڌ سرڪار جي پاڪيٽ سرچ ڪميٽي کي ختم ڪري وائيس چانسلر جي مقرري به ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جي اعليٰ تعيلمي ادارن جو معيار بهتر ٿي سگهي، جي ايئن ئي “ ڏنو پٽ ڇٽي جو” قانون تحت مقرري ٿيندي رهي ته نه ادارن مان نه ڪرپشن ختم ٿيندي نه وري سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن مان ڪي ماهر سائنسدان ۽ تعليم جا ڄاڻو پيدا ٿي سگهندا،جيڪي اڳتي هلي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ ڪا ڪارڪردگي ڏيکاري سگهندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *