تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

وفاق ٻوڏ متاثرن جي سهائتا ڇو نه ٿو ڪري؟

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ٽنڊو باوگو ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي خطاب ڪندي وفاقي حڪومت ۽ وفاق طرفان ڪجهه نه ڪرڻ تي شديد تنقيد ڪئي آهي ۽ وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته بدين وارا به اوترائي پاڪستاني آهن جيترا اسلام آباد وارا آهن سنڌ جو عوام ٻڏي رهيو آهي پر وفاق اڃان تائين سنڌ کي رپيو به نه ڏنو آهي.انهي کانسواءِ به بلاول ڀٽو ٻيون به ڳالهيون ڪيون آهن اين ايف سي مان پورو حصو نه ملڻ کان وٺي ڪرپشن توڙي معيشت کي تباهه ڪرڻ جا الزام هڻي هن وزيراعظم کي پنهنجي سياسي تنقيد جو نشانو به بڻايو. سنڌ ۾ هاڻوڪي برساتن جيڪا تباهي مچائي آهي اها ايتري ته خوفناڪ آهي جنهن سنڌ کي هر شعبي ۾ ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي،جيڪڏهن هن موقعي تي وفاقي حڪومت صوبي جي ماڻهن جي لاءِ اڳيان نه ٿي اچي ته حالتن کي اڪيلي سر سنڀالڻ سنڌ حڪومت جي وس ۾ نه هوندو ۽ متاثر ماڻهن جي به تڪليفن ۾ اضافو ٿيندو.بلاول ڀٽو جي وزيراعظم تي تنقيد پنهنجي جاءِ تي انهي ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ وارو عنصر به ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو پر جيڪڏهن وفاقي حڪومت ۽ وفاق جي ڪردار کي ڏسجي ته ان هنن برساتن ۾ سنڌ جي عوام کي ايئن اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي ڄڻ انهي وفاق جو سنڌ جي عوام سان ڪو واسطو ئي ناهي.وزيراعظم ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي اچي ڪراچي پيڪيج جو اعلان ڪري ويو ۽ پهرين وفاق اها دعويٰ ڪئي ته ان ۾ وڏو حصو وفاق جو هوندو.
جڏهن سنڌ حڪومت جي دعويٰ سامهون آئي ته هڪڙو الزامن جو سلسلو شروع ٿي ويو پوءِ آخر ڪار وفاقي وزير اسد عمر مڃيو ته ان پيڪيج ۾ وڏو حصو سنڌ جو شامل آهي پر ان ڳالهه تي بحث بدران ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي وزيراعظم ان دوري ۾ اهو به اعلان ڪيو ته ٻوڏ متاثر ٿيل علائقن لاءِ به جلد پئيڪيج جو اعلان ڪبو پر انهي کي تقريبن ٻه هفتا گذري ويا آهن نه ڪو اعلان ٿيو آهي نه ئي پئڪيج لاءِ ڪو سروي ڪندي وفاقي ادارا نظر اچي رهيا آهن نه ئي سنڌ حڪومت سان ڪو وفاقي حڪومت رابطا ڪري نقصان جا انگ اکر گهرايا آهن، رهندو سنڌ جي وڏي وزير پاڻ وزيراعظم کي خط لکي مطالبو ڪيو ته سنڌ کي هن وقت وفاق جي مدد جي ضرورت آهي انهي لاءِ وڏي وزير هڪڙي ڊيٽا به ٺاهي موڪلي ته فوتين کان وٺي زخمين ، گهر ڊهڻ ۽ ٻئي معاشي نقصان جو ڪيئن پوراءُ ڪري سگهجي ٿو پر وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت ان خط جو به اڃان تائين ڪو جواب نه ڏنو آهي ۽ نه ئي اهو ٻڌايو ويو آهي ته وفاق آخرڪار سنڌ جي متاثر ماڻهن جي ڪيئن مدد ڪرڻ چاهي ٿو.انهي کانسواءِ قدرتي تباهين ۽ آفتن جي وقت ماڻهن جي مدد لاءِ ٺاهيل وفاقي ادارو اين ڊي ايم اي به ايئن گم آهي ڄڻ سنڌ ۾ ڪا آفت ئي نه آئي هجي نه ئي ڪا تباهي ٿي هجي. سنڌ ۾صورتحال زرعي ايمرجنسي واري ڳالهه به اڳتي وڌيل آهي ماڻهو خبر ناهي ڪيتري عرص تائين ايئن روڊن رستن تي لاچاري جي حالت ۾ هوندا ۽ ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ پريشان هوندا ان وقت ۾ وفاقي حڪومت جو اهو رويو سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪهڙو پيغام ڇڏي رهيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت کي سنڌ ۾ ٿيل نقصانن بابت تفصيل گڏ ڪري متاثر ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي ۽ جيڪو نقصان زراعت کي پهتو آهي ان جي ازالي لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪو پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي ڇو ته سنڌ جي زراعت جو ملڪي معيشت ۾ اهم حصو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *