تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

وفاق جو سنڌ سان هر معاملي تي تڪرار

18 هين آئيني ترميم تحت صوبن کي اختيار ملڻ سان گڏ وسيلن ۾ صوبن جو حق به تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گئس پيداوار ڏيندڙ صوبن جو پيدا ٿيندڙ گئس تي استعمال جو پهريون حق به آئيني طور تي تسيلم ٿيل آهي پر 2010ع ۾ منظور ٿيل 18 هين آئيني ترميم جي اهڙي آئيني طور تسليم ٿيل حق واري آئين جي آرٽيڪل 158 تي وفاق عملدرآمد ڪرڻ لاءِ اڃان تيار ئي نه آهي.
ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل گئس سپلاءِ ۽ توانائي بحران بابت سيمينار کي به پئٽروليم وزارت اهو ٻڌايو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 158 جي تشريح جو مامرو سي سي آءِ ۾ زير التوا آهي، مطلب ته جيڪو وفاق آئين جي آرٽيڪل ۾ تشريح جي ضرورت محسوس ڪري رهيو آهي ظاهر آهي اهو ان آرٽيڪل تي عمل درآمد به ڪهڙو ڪندو هوندو، ان بابت هر ڪو اندازو لڳائي سگهي ٿو. ملڪ اندر گئس جي ضرورت پوري ڪندڙ هڪ صوبي بلوچستان ۾ گئس جا نوان ذخيرا امن امان جي صورتحال سبب دريافت نه ٿي سگھيا آهن،
سئي جا ذخيرا استعمال ٿي وڃڻ ڪري بلوچستان هن وقت ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ گئس ۾ 18 کان 19 سيڪڙو حصو ڏئي رهيو آهي، بلوچستان جو حوالو ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته بلوچستان مان سڀ کان اڳ دريافت ٿيل گئس جو گھڻي مان گھڻو حصو استعمال ٿي ويو پر جنهن سئي مان گئس نڪري ٿو ان جا اڪثر علائقا اڄ به گئس فراهميءَ کان محروم آهن، سنڌ صوبو به گھڻي وقت کان ملڪ اندر پيدا ٿيندڙ ڪل گئس پيداوار ۾ 72 سيڪڙو حصو ڏيندو رهيو آهي پر سنڌ صوبي مان به جن علائقن مان گئس پيداوار ٿي رهي آهي قانون تحت 5 ڪلوميٽر جي اندر قائم ڳوٺن کي نه گئس ملي رهي آهي نه ئي صوبي جي ضرورتن کي ئي اهميت ڏني پئي وڃي،
مٿان وري وفاقي حڪومت جو سنڌ صوبي مٿان زور آهي ته سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ گئس جي جاءِ تي سنڌ کي چئوڻ تي مهانگي امپورٽ ٿيندڙ ايل اين جي ڏني وڃي. سنڌ حڪومت مسلسل آئين تي عملدرآمد ڪرڻ جا مطالبا ته ڪري رهي آهي پر اهي مطالبا حڪمرانن کي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ مجبور ته نه ڪري رهيا آهن پر هن وقت وفاق ۽ سنڌ صوبي جي حڪومت ۾ ڪراچي پئڪيج ۾ ڪنهن جي گھڻي رقم آهي وارو تڪرار هلي رهيو آهي. ڪي فور هجي يا ڪراچي گريٽر سيوريج اسڪيم هجي وفاقي حڪومت پنهنجي کاتي ۾ جن منصوبن کي شامل ڪيو آهي انهن مان ڪيترائي منصوبا پرويز مشرف جي حڪومت دور کان هلي رهيا آهن، انهن تي اربين رپيا خرچ اڳ ئي ٿي چڪا آهن نه رڳو ايترو پر ڪراچي پيڪيج لاءِ سنڌ حڪومت به منصوبن لاءِ رقم ڏيڻ جي حامي ڀري آهي، 1100 ارب جي اها رقم ٻن کان ٽن سالن جي عرصي ۾ سنڌ حڪومت ڪٿان ڏيندي وارو سوال به انتهائي اهم آهي،
سوال هي به آهي ته بحريا ٽائون کي سنڌ ۾ زمين سنڌ حڪومت ڏني ان مد ۾ بحريا ٽائون کان عدالت وسيلي ٿيندڙ اضافي رقم جي وصولي مان به وفاقي حڪومت 125 ارب رپيا ڪراچي ۾ خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ عدالت کي درخواست ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي مامري تي سياست ته ملڪ اندر ٽن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي کان ٿي رهي آهي پر جنهن نموني موجوده وفاقي سرڪار رڳو ڪراچي تي فوڪس ڪيو آهي ان مان تاثر اهو آهي ته باقي سنڌ وفاقي سرڪار لاءِ ايتري اهم نه آهي جيتري ڪراچي آهي. ڪراچي سنڌ جي گاديءَ وارو شهر آهي، ٻين حڪومت جيان هي حڪومت به ڪراچي کي مني پاڪستان ۽ معاشي انجڻ قرار ڏيندي رهي ٿي پوءِ سوال هي آهي ته ڪراچي جي مسئلن کي مستقل طور حل ڪرڻ جھڙا قدم ڇو کڄندي نظر نه اچي رهيا آهن، مثال طور جڏهن وفاقي حڪومت سوڌو سڄو ملڪ اهو تسليم ڪري ٿو ته ڪراچي ۾ پنجاب، ڪي پي ڪ، بلوچستان،مان لکين ماڻهو ڪراچيءَ ۾ روزگار جي ڪري رهائش پذير آهن ڇا اهي ڪراچيءَ ۾ بنيادي سهولتون استعمال نه ڪندا آهن ۽ اگر اهي بنيادي سهولتون استعمال ڪن ٿا ته ان مد ۾ انهن صوبن کي ڪراچيءَ جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ ڇو حصو نه ڳنڍڻ گهرجي؟ ٻيو سوال اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ ملڪ جو واحد پورٽ آهي واحد ان ڪري چوان ٿو جو گوادر پورٽ اڃان مڪمل فنڪشنل نه ٿيو آهي. ڪراچي پورٽ سبب ملڪ جي سال ۾ ٿيندڙ ڪل آمدني مان 80 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٽئڪس وصوليون سنڌ مان ٿين ٿيون پوءِ ان مد ۾ سنڌ جو وسيلن ۾5 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو وڌايو ڇو نه پيو وڃي، جڏهن ڪراچي کي مستقل طور تي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ رقم ملندي رهندي تڏهن انساني سمنڊ جھڙي شهر ۾ بنيادي سهولتن کي برقرار رکڻ ۾ آساني ٿيندي پر ڪراچي جي نالي تي سياست ٿي رهي آهي. محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته اها سياست به ايندڙ بلدياتي چونڊن کي سامهون رکي ڪئي پئي وڃي. ڳالهه بلدياتي چونڊن جي ٿي رهي آهي ته ٻڌائيندو هلان ته 9 سيپٽمبر کان سنڌ ۾ بلدياتي تڪبندي جو ڪم شروع ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن شيڊيول جاري ڪيو هو پر پ پ جي اعتراض کان پوءِ اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ بلدياتي تڪبندين جي لاءِ جاري ڪيل شيڊيول تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي. سوال هي آهي ته ڇا تڪبندين جو شيڊيول جاري ٿيڻ گھرجي ها؟
اهو اهڙو سوال آهي جنهن تي غور سان ملڪ اندر سياسي ۽ حڪومتي وهنوار جا نوان انداز سامهون ايندا ڇو ته 1997ع کان پوءِ ملڪ اندر 2017ع ۾ آدمشماري ٿي، جڏهن ملڪ اندر 2018ع ۾ عام چونڊن جو وقت مٿان آيو ته اليڪشن ڪميشن لکت ۾ حڪومت کي خط موڪلي اهو موقف اختيار ڪيو ڇو ته ملڪ اندر آدمشماري ٿي چڪي آهي ان ڪري 2018ع جي عام چونڊن لاءِ تڪبنديون 1997ع جي آدمشماريءَ تحت نٿيون ٿي سگھن. 2017ع جي آدمشماري تحت ملڪ اندر تڪبنديون ڪرڻ لاءِ آدمشماري جي انگ اکرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي موقف بعد ن ليگ جي حڪومت سمورين پارٽين سان اجلاس ڪري آدمشماري درست ٿي آهي يا نه کي پرکڻ لاءِ 5 سيڪڙو بلاڪن ۾ ٻيهر آدم شماري ڪرائڻ جو معاهدو ڪيو، حڪومت پاڪستان جي لکت ۾ ڪيل معاهدي بعدي عبوري آدم شماري لاءِ رڳو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪبندين لاءِ آئين ۾ 24 ترميمون ڪري هڪ ڀيرو اجازت ڏني وئي، ان جو ملطب اهو ٿيو ته 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان سواءِ تڪبنديون نٿيون ٿي سگھن. سوال هي آهي ته معاهدي باوجود 5 سيڪڙو بلاڪن جي ٻيهر آدم شماري ڇو نه ڪرائي وئي. 3 سال گذرڻ باوجود 2017ع جي آدمشماري کي قانوني طور لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڇو نه ٿيو. ملڪ اندر آدمشماري جي انگن اکرن جو ساک وارو هئڻ ان ڪري به ضروري آهي جو وڌيڪ آد شماري جو ملطب وڌيڪ وسيلن جي فراهمي، گھٽ آدم شماري جو مطلب گھٽ وسيلن جي فراهمي آهي. جڏهن آدمشماري ٿي تڏهن پ پ پ جي تاج حيدر اهو سوال اٿاريو ته نادرا رڪارڊ موجب 2013ع ۾ ڪراچي ۾ 2 ڪروڙ 13 لک ماڻهو آهن چئن سالن بعد ٿيل 2017ع جي آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک ڪيئن سامهون آئي آهي. پ پ حڪومت پاران اٿاريل اهو سوال اهم آهي ڇو ته جنهن نادرا جو حوالو ڏنو ويو ان ۾ گهرگھر جي سربراهه سان گڏ ٻارڙن ۽ گھر ڀاتين جي سموري ڊيٽا موجود آهي. اهو به وفاقي ادارو آهي جيڪڏهن نادرا ۾ 2013ع ۾ ڪراچي جي آبادي 2 ڪروڙ 13 لک آهي ته چار سالن بعد اها آبادي آدمشماري ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک ڪيئن ٿي؟ پر 2017ع جي آدمشماري کي سال گذريل ويا آهن آئين تحت هر 5 سالن ۾ آدمشماري ڪرائڻي هوندي آهي، مطلب ته نئين آدمشماري ڪرائڻ ۾ به گھڻو وقت نه رهيو آهي پر اسان وٽ 2017ع جي آدمشماري تي سنڌ، بلوچستان، ڪي پي پاران والاريل اعتراض حل نه ٿي سگھيا آهن. صوبن جي اعتراضن کي نظرانداز ڪري ايئن سالن جو وقت گذارڻ بعد هاڻي وفاقي حڪومت اهو موقف اختيار ڪندي ته ٽن سالن بعد ته آبادي ۾ فرق اچي ويو هوندو ته پوءِ 5 سيڪڙو بلاڪن ۾ ٻيهر آدمشماري ڪيئن ڪرائي وڃي. اها ڳالهه درست آهي ته ٽن سالن ۾ آبادي ۾ اضافو ٿيو هوندو پر وقت تي معاهدي باوجود اهو ڪم نه ڪرڻ جو عمل ڇا اهو محسوس نه ڪرائي رهيو آهي ته آدمشماري جي انگن اکرن ۾ سامهون آيل جھول کي لڪائڻ لاءِ ايئن ڪيو ويو آهي؟ سوال هي به آهي ته هاڻ آدمشماري جي حتمي رپورٽ جاري ڪرڻ وارو تڪرار حل ڪيئن ٿيندو؟ بلدياتي چونڊون مٿان آهن ان ڪري لڳ ڀڳ اهو معاملو به عدالت ۾ ويندو. 1997ع جي آدم شماري تي به سنڌ اعتراض واريا هئا پر انهن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ويو ۽ 1997ع جي آد شماري تحت اڃان به وسيلن جي تقسيم ٿي رهي آهي،
هن ڀيري به محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته سنڌ جا اعتراض اعتراض ئي رهجي ويندا ۽ 2017 ع جي آدمشماري جا انگ اکر به لاڳو ٿيندا .جنهن بلدياتي چونڊن لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ ڪراچي پيڪيج ۾ حصو ڪنهن جو وڌيڪ آهي تي مقابلو هلي رهيو آهي. انهيءَ بلدياتي چونڊن لاءِ آئيني گھرجون ته وفاق پوريون ڪري ها. نه رڳو ايترو پر هن وقت جڏهن ان پيڪيج تي سنڌ ۽ وفاق ۾ تڪرار هلي رهيو آهي، ان وقت ڪراچي سميت باقي سنڌ ۾ به برساتن تباهي آندي آهي. خاص طور تي آبادگارن جو اربين کربين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ان لاءِ وفاق پاران ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي هئي. فهميده مرزا پاران ڪابينا ۾ معاملو اٿارڻ سان ڪابينا نقصان جو تخمينو لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر سوال هي آهي ته ڇا ان حوالي سان وفاقي حڪومت ايترو ڌيان ڏيندي جيترو ڪراچي تي ڏئي رهي آهي؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *