تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي وائکو ڪندڙ برسات

هن سال سانوڻي جي شروعاتي برساتن جي تباهي ئي حڪومت ۽ انتظاميا کي وائکو ڪري ڇڏيو هو انهن برساتن جي تباهين جي ڪري ئي وفاق ۽ صوبو آئيني اختيارن تي آمهون سامهون اچي ويا. برسات جي پاڻي کي جواز ڄاڻائي وفاقي حڪومتي پارٽي پي ٽي آءِ پاران صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ، آئين جو آرٽيڪل 149/4لاڳو ڪرڻ سميت صوبي جي ايگزيڪيوٽو اختيارن ۾ مداخلت جون ٻيون به گھڻيون ڳالهيون ڪيون ويون. تڪرار به وڌندا وڻ ٿيندا ويا. پر معاملو آخر اتي وڃي پهتو ته وفاقي سرڪار پاران ڪراچي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن ۾ سنڌ حڪومت کي به پي ٽي آءِ سان گڏ ويهڻو پئجي ويو. اهڙي طرح برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ 3 وڏن برساتي نالن جي صفائي وارو ڪم به وفاقي اداري نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي ) حوالي ڪيو ويو. جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت پاران ٺاهيل ڪميٽي ۾ سنڌ حڪومت کي به نمائندگي جو حصو ڏنو ويو پر اها سڌي سنئين سنڌ جي ايگزيڪيوٽو اختيارن ۾ مداخلت آهي ۽ سنڌ سرڪار به پنهنجي ڪمزوري ظاهر ڪندي ان کي قبول ڪري ورتو آهي . ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبا ئي اختيار ڌڻي آهن. بهرحال ڪيترن ئي اعتراضن باوجود ڪميٽي جڙي راس ٿي وئي. ان پنهنجو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو، اين ڊي ايم اي به ڪميٽي ٺهڻ کان اڳ پنهنجون ذميواريون سنڀالي چڪي هئي، پر برساتن جي هاڻوڪي وسڪاري صوبائي توڙي وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته جمعي تي جيئن ئي ٻي لهر شروع ٿي آهي تيئن ساڳئي قسم جون تڪليفون، جمع ٿيل پاڻي، رستا سيل، بجلي ،گئس بند ۽ اٿليل گٽر ئي ڏسڻ لاءِ مليا آهن. اها حالت رڳو ڪراچي جي ناهي جنهن جنهن شهر ۾ برسات پئي آهي اتي اها حالت آهي.
وفاقي سرڪار ڪراچي ۾ برسات جي تباهين تي سنڌ حڪومت تي خراب ڪارڪردگي جو الزام هڻي تڪڙو تحرڪ ۾ اچي وئي هئي ۽ هڪ مهم شروع ڪري ڇڏي پر وفاقي ادارن ۽ سندس نگراني ۾ هلندڙ ادارن جي ڪارڪردگي طرف سندس ڌيان ئي نه ٿو وڃي،جيڪڏهن برسات ۾ بجلي بند ٿئي ٿي ته ان جو سڌو اثر پاڻي جي نيڪال سسٽم تي پوي ٿو هاڻي ته اهو معمول ٿي ويو آهي ته اڃان جهڙ مس ٿيندو آهي ته بجلي بند ٿي ويندي آهي ،پوءِ اها ڪي اليڪٽرڪ هجي ،حيسڪو يا سيپڪو، 10 منٽن جي برسات تي شهرين کي 8-8 ڪلاڪن جي ڊگھي لوڊشيڊنگ ڀوڳڻي پوي ٿي. هن ڀيري ته حالت اها ٿي آهي جو برسات ۾ گئس جي به بندش ٿي وئي ۽ ماڻهو رڌپچاءُ لاءِ پريشان هيا،اهي ته وفاقي حڪومت جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارا آهن، جن جي ڪارڪردگي بهتر نه هجڻ سبب سوال وفاقي سرڪار لاءِ اڀرن ٿا ته ڇا وفاقي حڪومت جو اهو فرض ناهي ته اها پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي ڏانهن به ڌيان ڌري جيڪڏهن نيت ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ جي آهي جي رڳو سياست ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪميٽي ڪميٽي جي راندکيڏي وڃي.برساتن دوران جيڪو جاني نقصان ٿيو آهي اهو وڌ ۾ وڌ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيو آهي ۽ بجلي ڪمپنيون سڌو سنئون وفاق جي ذميواري آهن.
اسان سمجهون ٿا ته برساتن ۽ ٻين مسئلن ۾ ٻنهي حڪومتن جي ترجيح عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏيڻ هجڻ گهرجي نه ڪي هڪٻئي جون ڪمزوريون ڳولي ان تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ طرف ڌيان هجي.تنهن ڪري ٻئي حڪومتون پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ طرف ڌيان ڏين ۽ خاص ڪري وفاقي حڪومت پنهنجي ادارن کي ته سڌاري جيئن اهي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ۽ عوام کي اهي ساڳيا سور نه ملن جن سورن کي جواز بڻائي سنڌ جي آئيني اختيارن ۾وفاق ڀائيواري ورتي آهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *