تازا ترين
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *

وفاقي پارٽين جي ايجنڊا تان گم ٿيل سنڌ!

اها هڪڙي چٽي حقيقت آهي ته هاڻوڪي حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف، نوازليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ سميت سموريون پارٽيون، پاڪستان ۾ شامل رياستن ۽ قومي وحدتن جون مخالف هيون ۽ آهن. مٿين سڀني اڳواڻن ۽ پارٽين جي ايجنڊا تي نه اڳ سنڌ هئي ۽ نه هينئر آهي.
هن وقت ملڪ جي موجوده ٽن وڏين وفاقي پارٽين مان تحريڪ انصاف ۽ نوازليگ کي جيڪڏهن في الحال هڪ پاسي تي رکي صرف پيپلزپارٽي جي ڳالھه ڪيون، ڇاڪاڻ ته مٿيون ٻئي پارٽيون ڪڏهن به سنڌ جون نمائنده پارٽيون نه رهيون آهن ۽ نه ئي هن وقت آهن. پر انهن جي مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جنهن کي تقريبن گذريل پنجن ڏهاڪن کان سنڌي ماڻهو اکيون بند ڪري ووٽ ڏيندا رهيا آهن. نه صرف ووٽ، پر، وقت اچڻ تي سنڌين پنهنجو رت به ڏنو آهي. ذوالفقار ڀٽو جي شهادت بعد هٿين خالي سنڌي ماڻهن تمام وڏي دليري ۽ بهادريءَ سان ضياءَ شاهيءَ جي آمريتي گولين، ٽئنڪن ۽ گولا بارود جو مقابلو ڪيو. اها ٻي ڳالھه آهي ته آمريت خلاف وڏي ويڙھه وڙهندڙ شهيد ڀٽيءَ جي نياڻي مفاهمت ڪري اقتدار حاصل ڪيو. سنڌي ماڻهن بينظير ڀٽو کي ٻه ڀيرا هن ملڪ جي وزارت اعظمي تائين پهچايو، پر، ٻئي ڀيرا سندن حڪومت لاقانونيت، ڪرپشن، بدعنواني ۽ اقرباپروري جي الزم هيٺ ختم ڪئي وئي. پيپلزپارٽيءَ جي اها به هڪڙي تاريخي روايت رهي ته هي جڏهن به اقتدار ۽ اختيار کان محروم هوندا آهن ته سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ سنڌين جا همدرد، هڏڏوکي ۽ مها قومپرست بڻجي ويندا آهن. جڏهن عارضي ۽ محدود وقت لاءِ ئي اقتدار ۽ اختيار جا مالڪ ٿيندا آهن ته 1977ع ۽ 2012ع جهڙن ڪارن قانونن ذريعي قومن جي قومي وجود، تشخص، هزارين ورهين جي تاريخ رکندڙ وطنن جي ٻولي، تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت جا انڪاري بڻجي اقتداري ڌرين جا وڏا نگهبان ۽ رکوال بڻجي ويندا آهن.
ڊسمبر 2007ع جي سانحي کان پوءِ پيپلزپارٽيءَ جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري“جمهوريت بهترين انتقام آهي” ۽ “پاڪستان کپي” جي نعرن تحت ملڪ جي سڀ کان وڏي صدارتي عهديءَ تي ويهڻ ۾ ته ضرور ڪامياب ٿي ويو، پر، سواءِ ارڙهين ترميم جي، ملڪ جي پورهيت عوام خاص ڪري سنڌ جي وسيع ۽ قومي مفادن جي مستقل تحفظ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگھيو. اڃان به ملڪ ۾ نوان ڊيم ٺاهڻ لاءِ دنيا کان فنڊ وٺڻ لاءِ مهم هلائڻ ۽ نسل پرست تنظيم ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ٻٽي مڪاني نظام جھڙا سنڌ دشمن فيصلا ڪيا . آصف علي زرداري جي وفاقي حڪومت جا پنج سال ۽ هن وقت تائين سنڌ حڪومت کي ٻارهن ورهين کان مٿي گذري ويل عرصي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قسمت يا سندن زندگين ۾ ڪا به مثبت تبديلي، خوشحالي يا معيار زندگيءَ ۾ ڪا بهتري توڙي ترقي نه اچي سگھي آهي. اڄ جي جديد، ترقي يافته ۽ انٽرنيٽ جي تيزترين دور ۾ به سنڌي ماڻهن لاءِ تعليم، صحت، روزگار، پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻيءَ سميت سموريون ضروري ۽ بنيادي سهولتون اڻلڀ بڻيل آهن. حڪمرانن جي بدعنوانين، بدانتظامين ۽ خراب حڪمرانيءَ جي ڪري، تيل، گئس، ڪوئلي، سمنڊ، درياءَ، زرخيز زمينن ۽ لاتعداد معدني وسيلن هجڻ جي باوجود به سنڌ جو عوام بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني، لاقانونيت ۽ سماجي اڻبرابري جو شڪار آهي. بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ سبب بيوسي ۽ بک جي آڙاھه ۾ ماڻهن جي جلندڙ جذبن، ارمانن ۽ خواهشن جوحڪمرانن وٽ ذري برابر به قدر ڪونهي. ملڪ ۾ موجود وفاقي پارٽين سميت، سدائين جمهوريت ۽ شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺندڙ پيپلزپارٽي مڪمل طور تي سنڌ ۽ سنڌين جي قومي ۽ اجتماعي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌي ماڻهو ٻين وفاقي پارٽين جي نسبت پيپلزپارٽيءَ مان انڪري به وڌيڪ اميدون رکن ٿا ته هو کين پنهنجو سمجھن ٿا. پر افسوس! اهو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن جي ان اعتماد، ڀروسي، انمول محبتن ۽ لاتعداد قربانين کي اقتدار تائين پهچڻ لاءِ صرف ڏاڪڻ طور تي استعمال ڪندي رهي آهي. جنهنڪري سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، امن امان ۽ گذرمعاش جي صورتحال سڌاري، واڌاري ۽ ترقيءَ ڏانهن وڃڻ جي بجاءِ تنزل ۽ تباهيءَ ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.
پيپلزپارٽيءَ جو سنڌي ماڻهن ڏانهن لاتعلقي، غيرذميواراڻن روين، بدعنواني ۽ خراب حڪمرانيءَ جو سبب ٻين ڪيترن ئي سببن سان گڏ شايد هڪڙو اهو به آهي ته سنڌ ۾ سندن ڪا به متبادل پارلياماني سياسي قوت موجود ناهي. جيتوڻيڪ ڪجھه قومپرست پارٽيون اليڪشني سياست ڪن به اٿيون. پر، تجربي جي کوٽ، مالي وسيلن جي اڻهوند، هيٺين سطح تائين مضبوط تنظيمي نيٽ ورڪ جو نه هجڻ، ڪارڪنن ۾ سياسي تربيت جي کوٽ، اليڪشن کان اڳ ۾ درست منصوبابندي ۽ تياري نه ڪرڻ، اليڪشن ڏانهن غيرسنجيده رويا ۽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ رياست جي مداخلت آهي. ڇو ته رياست جون پنهنجيون هڪڙيون مخصوص حڪمت عمليون، پاليسيون، ترجيحات ۽ حدبنديون هونديون آهن. انهن پاليسين، حدبندين ۽ محدود دائري اختيار تحت پيپلزپارٽي، نوازليگ، ق ليگ، تحريڪ انصاف يا ٻي ڪا وفاقي پارٽي ئي عمل ڪندي حڪومت ڪري سگھي ٿي. ڇو ته انهن وٽ ڪا به عوامي مفادن، محڪوم طبقن يا قومن جي ترقي، واڌاري ۽ مفادن جي ايجنڊا ناهي هوندي. هن وقت وفاقي يا صوبائي حڪومتن ۽ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين جي وچ ۾ هلندڙ اڻ کٽ اختلافن ۽ تڪرارن جو بنيادي سبب به پنهنجا ذاتي، گروهي ۽ سياسي مفاد ئي آهن. مخالف ڌر ڪنهن به صورت ۾ ڪرپشن جي ڪيسن مان بري ٿيڻ سان گڏ رشوت، بدعنواني، بي ايماني ۽ ٺڳيءَ جي ذريعي جيڪي کربين روپيا گڏ ڪري غيرملڪي بئنڪن جا اڪائونٽ ڀري رکيا آهن، ان دولت کي هر صورت ۾ بچائڻ چاهن ٿا. جنهن ڪري سڀني جي ڪوشش اها آهي ته ڪهڙي به طريقي سان وڌ کان وڌ رليف حاصل ڪري پنهنجا معاملا سڌا ڪجن. سنڌ يا سنڌي ماڻهن جو اونو ۽ فڪر نه حڪومت کي آهي ۽ نه ئي پيپلزپارٽيءَ سميت ڪنهن وفاقي پارٽيءَ جي مٿي جو سور آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *