تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

وفاقي سرڪار سنڌ لاءِ مسئلا ڇو پيدا ڪري رهي آهي ؟

ڪجھه ڏينهن کان وفاق سنڌ جي اندروني معاملن ۽ سنڌ حڪومت جي اختيارن ۾ بيجا مداخلت شروع ڪئي آهي، وزيراعظم اهڙي طرح سان سنڌ حڪومت کي حڪم جاري ڪري رهيو آهي جيئن هو دهليءَ جو وائسراءِ هجي ۽ سنڌ هن جي راڄڌاني هجي، ڪالهه وزيراعظم عمران خان پاران ڊيم جو افتتاح ڪيو ويو، ان جي باوجود ته ڀاشا ڊيم تي سنڌ کي شديد اختلاف آهن. اڳ ۾ ئي منگلا ۽ تربيلا ڊيمن سبب سنڌوءَ جي ڊيلٽا سڪي وئي آهي، سنڌ جا ٻيلا سنڌوءَ جي ٻنهي پاسن تي تباهه ٿي رهيا آهن، ڊيلٽا کان سمنڊ مٿي چڙهي ٺٽي ۽ بدين جي آباديءَ وارن علائقن تائين پهچي چڪو آهي، تمر جا وڻ تباهه ٿي رهيا آهن پلو ۽ ٻيون مڇيون جيڪي مٺي پاڻيءَ تي ٻيجارو ڪنديون آهن انهن جي وڏي پئماني تي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. سنڌ جون آباد زمينون غير آباد ٿي رهيون آهن. سنڌوءَ جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جي اڪثريت پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو، 1947ع ۾ مسلم ليگ سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت حاصل ڪئي هئي جڏهن ته پنجاب مان مسلم ليگ صرف ٻه سيٽون حاصل ڪري سگھي هئي. جڏهن ته سنڌ انگريزن خلاف آزاديءَ لاءِ وڙهي رهي هئي ته انگريزن جي فوج ۾ شامل ماڻهو ان وقت به سنڌين تي گوليون هلائي رهيا هئا.يوپي، سي پي، ڪرنال، دهلي،لکنئو، آگري۽ لاهور جون اردو اخبارون سورهيه بادشاهه جي آزاديءَ واري جنگ کي ڌاڙيل ڪارروايون لکي رهيون هيون.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريان ته يو پي، سي پي، ڪرنال ۽ دهليءَ جي بيورو ڪريسي سنڌ کي پنهنجو فتح ٿيل علائقو سمجھي، هندن وٽ گروي رکيل سنڌي مسلمانن جون زمينون به لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن کي ڪوڙن ڪليمن ۾ ڏئي ڇڏيون ۽ سنڌي ڏسندا ئي رهجي ويا. لياقت علي خان جي مرڻ کان نوڪر شاهي پاڪستان تي قابض ٿي جنهن انگريز جي پلاننگ تحت سنڌ ۾ مهاجر، پنجابي۽ پٺاڻن جي آبادڪاري ڪري سنڌين کي ٿورائيءَ واري قوم ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش تي ڪم شروع ڪري ڏنو.
شروع کان اڄ ڏينهن تائين وفاق تي قابض بيوروڪريسي جنهن ۾ پنجاب جي اڪثريت آهي ۽ ڪي پي سان لاڳاپيل بيوروڪريسي ان جي اتحادي آهي. هن وقت ان جي جارحيت اڳ کان به وڌي وئي آهي . وزيراعظم ڪالهه 18 هين ترميم تي ڇوهه ڇنڊيدي چيو آهي ته ان صوبائي وڏن وزيرن کي ڊڪٽيٽر بڻائي ڇڏيو آهي. هن سنڌ حڪومت تي زور ڀريو آهي ته خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ جا گودام کولي ملن کي ڪڻڪ ڏيو. جڏهن ته سنڌ ۾ هن وقت فلور ملن وٽ پنهنجي خريد ڪيل ڪڻڪ به موجود آهي ۽ مارڪيٽ ۾ به موجود آهي، سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ به ناهي، جيڪڏهن کوٽ ٿي به آهي ته اها پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ٿي آهي، اهي پنهنجا گودام کولي وٽن موجود ذخيرو ملن کي ڏين.
اڳي کنڊ موجود هئي ته ان جي کوٽ پئدا ڪري اگھه وڌايا ويا، هن وقت به هٿرادو کوٽ پئدا ڪري اٽي جو بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته اهي ملن کي ڪڻڪ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڏيندا آهن، هن وقت سنڌ ۾ اهڙي ڪا به کوٽ موجود ناهي ته اهي ڪڻڪ جا ذخيرا ڇو ختم ڪن. هن وقت گودام کوليا ويا ته اهي سيپٽمبر تائين پورا ٿي ويندا، وري فصل مارچ اپريل ۾ لهندو تيستائين 6 مهينن جي ضرورت ڪٿان پوري ٿيندي، ان لاءِ وري چيو ويندو ته ٻاهران گھرايو.
سمجھه ۾ نٿو اچي ته وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت لاءِ ڪمهلا مسئلا ڇو پيدا ڪري رهي آهي ڇا وفاق سنڌ حڪومت کي پنهنجي دائري اختيار مان ٻاهر رهڻ جو جواز پئدا ڪري رهي آهي ته جيئن سنڌ ۾ گورنر راڄ قائم ڪري سنڌ ۾ هلندڙ پ پ جي حڪومت مان جان ڇڏائجي يا هي حڪومت اهڙين حالتن کي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن تحت پ پ تي پابندي لڳرائي پنهنجي مطلق العنان حڪمراني جاري رکي سگھي.
آئين جي 18 هين ترميم جي تڪليف اين ڊي ايم جي چيئرمين کي به آهي جيڪو به کلم کلا ان تي ڳالهائيندو رهي ٿو، جنهن مان ظاهر آهي ته هن حڪومت جي اهڙين ڪاررواين پٺيان ڪهڙين قوتن جو هٿ آهي. سنڌ ۾ هڪ طرف ڪورونا جي بيماري ماڻهن کي بيحال ڪري رهي آهي ٻئي طرف ماڪڙ فصلن جي تباهي ڪري رهي آهي ٽئين طرف وفاقي حڪومت نوان گھوٽالا پئدا ڪري هڪ وڏي تباهي آڻڻ جي تيارين ۾ آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *