تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

وفاقي رياستن ۾ آئيني بالادستي جي اهميت

جديد سياست ۾ وفاقي رياست اهڙي رياست کي چئبو آهي جنهن ۾ مختلف آزاد ۽ خودمختيار ايڪاين يا صوبن جو ڳانڍاپو هجي. اهڙي رياست ۾ وفاق جون ايڪايون هڪ مرڪزي نظام يا حڪومت وسيلي ڳنڍيل رهن ٿيون. وفاقي رياست جو اهڙو ڳانڍاپو “ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو” جي اصول تي قائم هوندو آهي. جنهن ۾ هڪ طرف مرڪزي وفاقي نظام يا حڪومت وفاق ۾ شامل ٿيندڙ ايڪاين کي هڪ مضبوط، وسيع ۽ طاقتور رياست جو ڇپر مهيا ڪندي آهي ته ٻئي طرف وفاق جون ايڪايون پنهنجي خودمختياري ۽ آمدني جو ڪجهه حصو وفاق جي حوالي ڪنديون آهن. جيئن ته وفاق ۽ سندس ايڪاين جي وچ ۾ ڳانڍاپي جو مسئلو خودمختياري، اختيارن، آمدني ۽ تشخص جو هوندو آهي جنهن ۾ هر ڌر کي هر حالت ۾ پنهنجي مقرر حدن اندر رهڻو هوندو آهي. سوال آهي ته مٿين حساس معاملن بابت حدون ڪيئن مقرر ڪري سگهجن ٿيون ۽ انهن حدن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪهڙي قوت گهرجي. اهڙين حدن جو معاملو هڪ سخت گير معاهدي ذريعي طئي ٿيندو آهي جنهن تحت ڪابه ڌر پنهنجي حدن کان ٻاهر نه ڪري سگهي. اهڙي سخت گير معاهدي جي وجود کانسواءِ وفاقيت يا وفاقي رياست جو ڪوبه تصور نه ٿو ٿي سگهي. اهڙي معاهدي کي سياست جي دنيا ۾ “آئين” جي نالي سان سڏبو آهي. آمريڪا جي متحده رياستن united stated of america کي دنيا جو قديم ترين وفاق تصور ڪيو ويندو آهي تنهن جو وجود پڻ ان ڏينهن ٿيو جنهن ڏينهن يعنيٰ 4 مارچ 1789ع تي سندن آئين کي نافذ ڪيو ويو.
آئيني بالادستي جو تصور
آئين ڪنهن به وفاق ۾ وفاقي حڪومت، سندس ايڪاين ۽ عوام وچ ۾ بنيادي معاهدي جو نالو آهي. شايد اسان وٽ اهڙو ڪلچر اڃان متعارف نه ٿيو آهي نه ته دنيا جي سڌريل وفاقي رياستن ۾ آئين کي هڪ مقدس معاهدي ۽ دستاويز واري حيثيت ڏني ويندي آهي ڇاڪاڻ ته کين ان ڳالهه جو پورو پورو احساس هوندو آهي ته ڪابه وفاقي رياست پنهنجو وجود صرف تيستائين برقرار رکي سگهي ٿي جيستائين اها ان بنيادي مقدس معاهدي (آئين) تي مڪمل عمل درآمد ڪندي رهندي. وفاقي رياست جي پنهنجي بنيادي معاهدي يعني آئين تان هڪ ذري جيتري انحرافي به وفاق جي ٽائٽينڪ جهاز ۾ هڪ سوراخ وارو ڪم ڪندي ۽ آخرڪار وفاقي ايڪاين جي احساس محرومي، مايوسي ۽ نفرت جو پاڻي وفاق جي ٽائٽينڪ کي ٻوڙي ڇڏيندو. اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ اوائلي وفاقي رياستن جي عظيم اڳواڻن هميشه خبردار ڪيو آهي. آئيني بالادستي بابت آمريڪا جي جنگ آزادي جي هيرو ۽ ٽئين صدر ٿامس جيفرسن چيو آهي ته “طاقت جي معاملي ۾ ڪنهن ماڻهو تي ڀروسي ڪرڻ بجاءِ سندس غلط ڪارين کي روڪڻ لاءِ کيس آئين جي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو” اهڙي طرح آمريڪا جي خانه جنگي جي هيرو ۽ سورهين صدر ابراهيم لنڪن آئيني بالادستي کي هيئن سمجهايو ته “اسين آمريڪا جا ماڻهو آمريڪي ڪانگريس ۽ ڪورٽن جا اصل وارث آهيون، ان لاءِ نه ته اسين آئين کي معزول ڪيون بلڪه ان لاءِ ته جيڪو به آئين سان هٿ چراند ڪري ان کي معزول ڪري ڇڏيون.” اهو ئي سبب آهي جو آئين ۾ تبديلي جي عمل کي هميشه مشڪل رکيو ويندو آهي ۽ اهڙن ئي اصولن تي عمل سبب دنيا جي قديم ۽ ڪامياب وفاقي رياستن جا آئين اڄ به پنهنجي اصل شڪل ۾ برقرار آهن. آمريڪا جي آئين ۾ ٻن صدين کان وڌيڪ عرصي ۾ صرف 27 ترميمون ڪيون ويون آهن جيڪي پڻ انتهائي بنيادي نوعيت جون آهن جن ذريعي غلامي جي خاتمي، ووٽ جي حق، صدارتي مدن جي حد ۽ ووٽر جي عمر وغيره جهڙا معاملا آئين ۾ شامل ڪيا ويا. دنيا جي قديم ترين وفاقي ملڪ پاران پنهنجي آئين ۾ سوين سالن ۾ صرف محدود ۽ بيحد ضروري ترميمون ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آئين جي سخت گيري rigidity وفاقي رياست جي بنيادي تقاضائن منجهان هڪ اهم تقاضا آهي. ان کانسواءِ آمريڪا ۾ آئيني ترميم ڪرڻ جو طريقيڪار به انتهائي پيچيده آهي. جنهن مطابق پهريان ڪابه مجوزه ترميم آمريڪي ڪانگريس مان پاس ٿيندي آهي ۽ ان کانپوءِ ان جي توثيق ٽي ڀاڱي چار رياستون پنهنجي پنهنجي قانون ساز اسيمبلي مان ڪنديون آهن تڏهن وڃي ترميم آئين جو حصو ٿيندي آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هڪ وفاقي رياست جي بقا جي ضمانت ان ڳالهه ۾ آهي ته اها پنهنجي آئين کي هڪ بنيادي ۽ مقدس دستاويز ۽ معاهدو سمجهي، ان تي من و عن ، حرف به حرف ۽ سندس روح مطابق عمل ڪري، آئين کي ٻين سمورن قانونن، ادارن ۽ فردن کان بالادست سمجهي ۽ انتهائي ضروري آئيني ترميمون پارليامينٽ ۾ گهربل بحث مباحثي، غور و فڪر ۽ وفاقي ايڪاين جي مرضي رضامندي کانپوءِ ئي آئين ۾ شامل ڪجن.
اسان جي آئيني تاريخ
آئين جي معاملي ۾ اسان جو ملڪ هميشه هڪ تجربيگاهه رهيو آهي. بدقسمتي سان اسان وٽ ڪڏهن به آئيني بالادستي جو تصور نه رهيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن عام قانون سان به ايتري هٿ چراند نه ڪئي وئي آهي. جيترا تجربا آئين سان ڪيا ويا آهن. پاڪستان شايد دنيا جو واحد ملڪ هجي جيڪو پنهنجي 73 سالن جي تاريخ ۾ پنج آئين ڏسي چڪو آهي. پاڪستان ۾ هينئر تائين پنج مختلف نوعيت جي آئينن (مارشل لا ريگيوليشن ۽ ليگل فريم ورڪ آرڊرز کي ڇڏي) جا تجربا ٿيا آهن. جن ۾ انگريز بهادر جو ٺاهيل گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع (آزادي کان 22 مارچ 1956ع تائين)، ٻي دستور ساز اسيمبلي جو ٺاهيل 1956ع جو آئين (23 مارچ 1956 کان 28 فيبروري 1962ع تائين)، ايوب خان جو ع1962 وارو آئين (1 مارچ 1962ع کان 20 اپريل 1972ع تائين)، ملڪ ٽٽڻ کانپوءِ ڀٽي صاحب جو ٺاهيل 1972 ع جو عبوري آئين (21 اپريل 1972ع کان 13 آگسٽ 1973ع تائين) ۽ ملڪ ٽٽڻ کانپوءِ رهيل پاڪستان جي چونڊيل ميمبرن ۽ اڳوڻي اوڀر پاڪستان مان چونڊيل ٻه ميمبرن تي مشتمل خود ساخته دستور ساز اسيمبلي پاران 1973ع ۾ ٺاهيل موجوده آئين (14 آگسٽ 1973ع کان اڄ تائين) شامل آهن.
پاڪستان ۾ بار بار آئيني تجربا ڪرڻ مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته هتي هر حڪمران پنهنجي مرضي ۽ پسند جو آئين ٺاهي ملڪ کي پنهنجي سهولت مطابق هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.ا سان وٽ ڪڏهن به آئين کي هڪ متفق، بنيادي، مقدس ۽ بالادست دستاويز نه سمجهيو ويو آهي بلڪه آئين کي هميشه ذاتي ۽ گروهي مفادن جي تحفظ، مخصوص صوبي ۽ ادارن جي اجاراداري ۽ هڪ نالي ماتر وفاقي ۽ جمهوري رياست جي ڍونگ کي قائم رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. پاڪستان جو ڏينهون ڏينهن نون رياستي، سياسي، سماجي، معاشي ۽ ٻين انيڪ مسئلن ۾ وڌيڪ ڦاسندو وڃڻ جو هڪ بنيادي سبب آئين جي بالادستي جو انڪار ۽ آئين تي مڪمل عمل نه هجڻ آهي.
ملڪ جو موجوده آئين
ملڪ جو موجوده 1973ع وارو آئين پوين لڳ ڀڳ 50 سالن کان ملڪ ۾ نافذ آهي. هن آئين کي اهميت ان ڪري به ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هي آئين ملڪ جي ٻه اڌ ٿيڻ کانپوءِ رهيل ملڪ کي متحد رکڻ جي هڪ ڪوشش طور نافذ ڪيو ويو هو. حالانڪه اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿي وڃڻ کانپوءِ رهيل پاڪستان جي چونڊيل نمائندن (جيڪي مشترڪه پاڪستان ۾ ٿيل چونڊن ۾ چونڊيا ويا) تي مشتمل آئين ساز اسيمبلي جي قانوني حيثيت تي هڪ سواليا نشان آهي پر پوءِ به اهو باور ڪرائي سگهجي ٿو ته موجوده آئين ڪهڙي به پر هڪ چونڊيل آئين ساز اسيمبلي طرفان پاس ڪيو ويو. ان ڪري مخصوص حالتن ۾ اتفاق سان پاس ٿيل ۽ پنجاهه سالن کان ملڪ ۾ نافذ العمل آئين جو احترام هر ڌر تي واجب آهي. پاڪستان جهڙي تضادن سان ڀرپور ملڪ ۾ جتي هر طرف قومي، سياسي، مذهبي، طبقاتي، لساني ۽ فرقيواريت وارا تضاد نظر اچن ٿا اتي ملڪ جي سمورن شهرين کي متحد رکڻ جو آخري ذريعو وري به ملڪ جو آئين آهي. ان ڪري آئين کي هڪ مقدس دستاويز سمجهي ان تي حرف به حرف عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل آئين جي بالادستي ۾ آهي. ان سان گڏوگڏ ملڪ جي سياسي ۽ انتظامي ڪاروهنوار کي آئين جي تابع ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاق جو تصور ۽ آئيني بالادستي جو تصور پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم آهن. جيئن ته آئين وفاق کي ڳنڍيندڙ بنيادي طاقت آهي ان ڪري آئيني بالادستي کانسواءِ وفاق جو ڪوبه حقيقي تصور نٿو ٿي سگهي.
نتيجو
1973ع جو آئين پنهنجين سمورين ڪمين ڪوتاهين باوجود گهڻي ڀاڱي هڪ معقول ۽ متفقه آئين آهي. پاڪستان جي موجوده حالتن کي ڏسي نٿو لڳي ته هن ملڪ جا ماڻهو وري ايئن ڪنهن آئين تي متفق ٿي سگهندا. تنهن ڪري اهي سموريون قوتون جيڪي هن ملڪ جي بقا ۾ دلچسپي رکن ٿيون تن کي هن آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هنن حالتن ۾ وري به ملڪ کي جوڙي رکڻ جي طاقت صرف ۽ صرف 1973ع جي آئين ۾ ئي آهي. تنهن ڪري اهڙي ڪنهن به مهم جوئي کان پاسو ڪجي جنهن ۾ آئين کان مٿاهين ڪنهن قدم وسيلي يا وري آئين جي ڪنهن شق جي ڪوڙي يا پنهنجي مفادن وٽان تشريح ڪري ڪنهن وفاقي ايڪائي ۾ ڪنهن حساس نوعيت جي مسئلي کي ڇيڙيو وڃي ۽ نتيجي ۾ شيون هٿن مان نڪري وڃن ۽ هڪ دفعو ٻيهر وفاق جو وجود خطري ۾ پئجي وڃي. ڪنهن به وفاقي رياست وانگر پاڪستان جي بقا ۽ ترقي جي ضمانت پڻ وفاق، سندس ايڪاين ۽ عوام وچ ۾ ٿيل بنيادي معاهدي يعني آئين جي بالادستي، احترام ۽ ان تي مڪمل عمل ڪري سياسي ۽ جمهوري عمل کي هٿي ڏيڻ ۾ آهي. ان کانسواءِ اختيار ڪيل ڪوبه رستو ۽ مهم جوئي ماضي وانگر خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *