تازا ترين
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان ڇو نه ٿي اچي ؟

وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۾ پيدا ٿيل بدگماني اڃان تائين برقرار آهي،جنهن ڪري ان جا منفي اثر سنڌ جي عوام تي پئجي رهيا آهن، هڪ ته معمولي حالتون ناهن ٻيو بحران تي بحران ۽ آفتون رڪجڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن جنهن ڪري اهڙي صورتحال ۾ ٻنهي حڪومتن جو هڪ پيج تي نه هجڻ عوام جي تڪليفن ۾ واڌارو ڪري رهيو آهي جن جي ذميواري ئي عوام کي اهڙين ڏکين حالتن مان ڪڍڻ آهي پر انهن جي پنهنجي سياسي ويڙهه ماڻهن کي رليف ڏيڻ بدران انهن جا اهنج وڌائي رهي آهي.ماڪڙ جي حملي کان وٺي ڪورونا جي وبا توڙي هاڻوڪين برساتن دوران ٻوڏ جي صورتحال ۾ به ٻنهي حڪومتن جي رويئي ۾ ڪا بهتري نه آئي آهي ۽ اهي پنهنجي انهن سياسي جهيڙن ۽ پوائنٽ اسڪورنگ واري راند کي هن ڏکي صورتحال ۾ به استعمال ڪري رهيون آهن.
برساتن دوران سڄي سنڌ ۾ ايترو نقصان ٿيو آهي جنهن جو ازالو ڪرڻ اڪيلي سر صوبائي حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي جنهن دوران وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم اعلان ڪيو ته ڪراچي لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو جڏهن ته ٻين شهرن ۾ ٿيل تباهي تي رڳو افسوس جو اظهار ڪيو ويو پر انهن جي امداد يا پيڪيج جي ڳالهه ئي نه ڪئي وئي جڏهن ته صوبائي حڪومت به انهي پيڪيج جي آجيان ڪئي جنهن لاءِ ٻنهي حڪومتن گڏجي هڪڙو پيڪيج ٺاهيو ۽ وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري دوران انهي 1100 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو،پر حيرتناڪ ۽ دلچسپ صورتحال ان وقت پيدا ٿي جڏهن پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو دعويٰ ڪئي ته ان پيڪيج ۾ 800 ارب رپين کان وڌيڪ حصو ته سنڌ حڪومت جو آهي جڏهن ته ان جي جواب ۾ وفاقي وزيرن پريس ڪانفرنسن ڪندي ان دعويٰ کي غلط قرار ڏنو ۽ دعويٰ ڪئي ته پيڪيج ۾ 64 سيڪڙو وفاقي حڪومت جو آهي انهي کانپوءِ هڪٻئي خلاف الزامن ۽ وعده خلافين جا بيان اچڻ لڳا ۽ ماڻهو انهي ۾ منجهي پيا ۽ بحث ٿيڻ لڳا ته آخر انهي پيڪيج ۾ ڪنهن جو ڪيترو حصو آهي انهي پيڪيج تي عملدرآمد جي ڳالهه ته اڃان پوءِ ٿيڻي آهي. اصولي طور تي پيڪيج جو مطلب ئي روايتي بجيٽ يا خرچن کان الڳ هوندو آهي جيڪا اڳ ئي ڪا حڪومت پنهنجي ترقياتي بجيٽ يا رٿائن لاءِ رکندي آهي هتي ته قصو ئي ابتو آهي ته ٻئي حڪومتون پنهنجي اڳ اعلانيل رٿائن يا بجيٽ ۾ رکيل رقم به انهي پيڪيج جو حصو ڄاڻائي ڄڻ ته عوام کي لولي پاپ ڏئي رهيو آهن، اهو به اهڙو جنهن لاءِ اڃان تائين طئي نه ڪري سگهيون آهن ته ڪيترو حصو ڪنهن جو آهي، جڏهن رڳو اعلان تي ئي ايتري بدگماني هجي ته عمل وقت ڪهڙي حالت هوندي اها ڪا سمجهڻ ايڏي ڏکي ڳالهه ناهي. وفاقي حڪومت چئي رهي آهي ته سنڌ حڪومت تي ڀروسو ناهي انهي ڪري پئسا سڌي ريت سنڌ حڪومت کي نه ڏينداسين،هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي انهي ڪري زرعي قرض معاف ڪري متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ اڳيان اچي ڇو ته سنڌ حڪومت اڪيلي سر انهن جي مدد نه ٿي ڪري سگهي.
اسان سمجهون ٿا ته هنن برساتن ۾ رڳو ڪراچي ۾ نقصان نه ٿيو آهي بلڪه انهي کان به وڌيڪ تباهي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿي آهي اڃان تائين لکين ماڻهو انهي برساتي ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهن ۽ زراعت مڪمل طور تباهه ٿي وئي آهي ماڻهن جا هزارن جي تعداد ۾ گهر ڊهي پيا آهن،وفاقي حڪومت جو انهن ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ڀلي کڻي وفاقي حڪومت کي سنڌ حڪومت خلاف ڪي شڪايتون يا سياسي اختلاف هجن پر اها سنڌ جي عوام جي چونڊيل حڪومت آهي ان سان گڏ ويهي پنهنجون بدگمانيون ۽ سياسي اختلاف پاسي تي رکي ماڻهن جي بحالي يا مدد لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي.وفاقي حڪومت ۽ خاص ڪري وزيراعظم کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هو رڳو ڪراچي جو وزيراعظم ناهي ،ٻين شهرن ۾ جيڪا تباهي ٿي آهي انهي جو ازالو ڪرڻ به حڪومت جو ڪم آهي ۽ وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيل مطالبن تي سنجيدگي سان غور ڪري انهن کي عمل جوڳو بڻائڻ لاءِ قدم کڻي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *