تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ پاڻي منصوبا

چون ٿا وفاقي حڪومت پنهنجي ٻن سالن جي 204 صفحن واري ڪارڪردگي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي. جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ پاڻي بابت هيٺيون ڳالهيون ڪيون ويون آهن.
1.سال1951 ۾ في ڪس ماڻهو لاءِ پاڻي 5260 ڪيوبڪ ميٽر هو پر هينئر في ڪس ماڻهو لاءِ پاڻي گهٽجي 1000 ڪيوبڪ ميٽر ٿي ويو آهي. ۽ 2025 ۾ في ڪس ماڻهو لاءِ پاڻي گهٽجي 860 ڪيوبڪ ميٽر ٿي ويندو .
2.ملڪ ۾ 1975ع کان وٺي وڏو ڊيم تعمير نه ٿي سگهيو آهي، تربيلا منگلا ڊيمن ۾ چشما بيراج تي پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت 15.89 ملين ايڪڙ فوٽ هئي. جيڪا هاڻي گهٽجي 13.89 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت 30 ڏينهن جي آهي،۽ ٻين ملڪن ۾ اها تمام گهڻي آهي.
1976.3ع کان 2018ع تائين 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ ضرورت بجاءِ 29 ملين ايڪڙ فوٽ سمنڊ ۾ ضايع ٿيو. انهيءَ حساب سان هر سال سمنڊ ۾ پاڻي 20 ملين ايڪڙ فوٽ وڌيڪ ويو في ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي قيمت 10 ڪروڙ آمريڪي ڊالر آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هر سال 10 ارب آمريڪي ڊالرن جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ضائع ٿيو.
4.سنڌ بيراج جي تعمير ڪري 2 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪبو ۽ انهي جي تعمير ڪري سمنڊ جو اڳتي وڌي اچڻ رڪبو،
اچو ته سڀني ٻڌايل مضمونن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪريون:
في ڪس ماڻهو لاءِ پاڻي جو گهٽجڻ.
انهي جو اهو مطلب آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي سلامتي گهٽجي پئي، يعني هوريان هوريان پاڪستان جي في ڪس ماڻهو لاءِ پاڻي گهٽجي پيو پاڻي جي سلامتي جو هڪ حل ڪونهي، انهيءَ لاءِ سڀني حڪومتن ۽ پاڻي واپرائڻ وارن کي مسلسل ڪوشش ڪرڻي پوندي، جيڪا گهڻ پاسائين واري هوندي ان لاءِ ڍانچن جا خال ڀرڻا پوندا، جن لاءِ تمام گهڻا پئسا کپن، انهيءَ لاءِ وفاقي بجيٽ کي وڌائڻو پوندو، جنهن ۾ ڍانچن جو وڌائڻ، ادارن کي مضبوط ڪرڻ، سهولتون مهيا ڪرڻ، ٻوڏن کي منهن ڏيڻ ۽ ماحولياتي بندوبست لاءِ انهن ۾ خاص پاڻي هلايو وڃي ٿو ۽ استعمال ٿئي ٿو، انهيءَ ۾ نقصان ۽ فائدو ٻئي اچي وڃن ٿا، انهن جي حاصلات مان ڄاڻ پوي ٿي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي سلامتي ڪونهي. پاڪستان کي قدرت طرفان ڪافي پاڻي مليل آهي، آدمشماري جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو ڇهون وڏو ملڪ آهي، پر پاڪستان ۾ في ڪس ماڻهو لاءِ پاڻي گهٽ آهي، پاڻي جي کوٽ هڪ چئلينج آهي پر اها ملڪ جي مالياتي صورتحال جي عڪاسي نٿو ڪري، دنيا ۾ 32 اهڙا ملڪ آهن جن ۾ في ڪس پاڻي جي دستيابي پاڪستان کان گهٽ آهي، پر انهن ملڪن جي سراسري جي، ڊي، پي پاڪستان کان ڏهوڻي آهي، پاڪستان پنهنجي پاڻي جو صحيح استعمال نٿو ڪري گهڻو پاڻي زراعت ۾ استعمال ٿئي ٿو، جنهن مان رڳو 20 سيڪڙو جي ڊي پي حاصل ٿئي ٿي، انهيءَ مان به اڌ آبپاشي ذريعي حاصل ٿئي ٿي، چار مکيه فصلن يعني ڪمند، ڪڻڪ، چانور ۽ وونڻن ۾ 80 سيڪڙو زرعي پاڻي استعمال ٿئي ٿو ۽ 5 سيڪڙي کان گهٽ جي ، ڊي ، پي حاصل ٿئي ٿي، پاڻي مان حاصل ٿيندڙ فائدا معلوم ڪرڻ ڏکيا آهن پر رڳو پن بجلي مان ڪجهه فائدا ٿين ٿا، پاڻي نڪاسي جي ناقص ذريعن ٻوڏن ۽ سوڪهڙي ڪري، ٿيل نقصانن جو ڪاٿو GDP جو 4 سيڪڙو ٿئي ٿو، جن شين جي ضرورت آهي اهي آهن، آبپاشي ۽ نڪاسي واري نظام کي جديد ڪرڻ، ٻوڏن واري نظام کي مضبوط ڪرڻ اڳڪٿي واري نظام کي درست ڪرڻ، ماحولياتي اثرن تي نظر رکڻ ۽ انهن کي درست ڪرڻ وڏا ڊيم ٺاهڻ ڪري به پاڻي جي سلامتي وڌي سگهي ٿي، مٿين ڳالهين جي ڪري پاڻي جي سلامتي حاصل ٿي سگهي ٿي.
وڏن ڊيم جو ٺاهڻ:
پاڪستان ۾ انڊس ٽريٽي ڪري تربيلا ۽ منگلا ڊيم ٺهيا، تربيلا ڊيم جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 1975 ۾ 9.3 ملين ايڪڙ فوٽ هئي ۽ منگلا ڊيم جي 1969ع ۾ 5.3 ملين ايڪٽر فوٽ هئي، اهي ٻئي ڊيم لٽجڻ شروع ٿيا آهن، تربيلا ڊيم سال 2017ع جي سروي مطابق 37.5 سيڪڙو لٽجي ويو آهي يعني ان جي گنجائش هاڻي 5.81 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي وئي آهي، منگلا ڊيم ۾ گهٽ لٽ آئي آهي ۽ اهو 40 فوٽ مٿي ڪيو ويو آهي، منگلا ڊيم رڳو 15 سيڪڙو لٽيو آهي، ان جي گنجائش هاڻي ليول وڌائڻ کانپوءِ 3 ملين ايڪڙ فوٽ وڌي وئي آهي، معنيٰ منگلا ڊيم جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 7.5 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي وئي آهي ۽ هينئر اهو پاڪستان جو سڀني کان وڏو ڊيم آهي.
جڏهن تربيلا ڊيم جي صلاحيت گهٽجي 5.81 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي وئي آهي، سنڌ کي پاڻي رڳو تربيلا ڊيم مان ملي ٿو، منگلا ڊيم واري پاسي کان سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي، پر ان جي صلاحيت 5.81 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي وئي آهي پوءِ سنڌ وارن کي پاڻي ڪيئن ملندو ؟ معنيٰ سنڌ وارن لاءِ ٻيو نئون ڊيم ٺاهڻو پوندو، هينئر جيڪي ٻه آپشن آهن اهي آهن ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم، پنجاب وارا چاهن ٿا ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهيو وڃي جڏهن ته سنڌ وارا ۽ خيبرپختونخوا وارا ان جا مخالف آهن، سنڌ جا اعتراض آهن ته اهو پنجاب ۾ ٺهندو جنهن جي ريگوليشن ۾ پنجاب وارا هٿ چراند ڪري سگهن ٿا، ٻيو اعتراض آهي ته ان جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت رڳو 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته ان مٿان ٻه واهه هر هڪ 4 ملين ايڪڙ فوٽ جو ٺاهيو ويندو، هڪڙو پنجاب لاءِ ۽ ٻيو خيبرپختونخوا صوبي لاءِ، سنڌ کي حصو ملندو رڳو 2.36 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا کي حصو وڌيڪ ملندو، پنجاب کي ملندو 59.96 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ خيبرپختونخوا کي حصو ملندو 9.78 ملين ايڪڙ فوٽ، انهن جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي ملندو 51.12 ملين ايڪڙ فوٽ خيبرپختونخوا وڌيڪ حصي ملڻ تي به راضي ناهي، انهن جو اعتراض آهي ته ڪالا باغڊيم ٺاهڻ ڪري انهن جي پي، ڊي اسڪارپ واريون اسڪيمون خراب ٿينديون ۽ نوشهرا شهر ٻڏندو.
ڪالا باغ ڊيم جي ڀيٽ ۾ ڀاشا ڊيم هڪ ٻيو آپشن آهي، اهو تربيلا کان مٿي ٺهندو تنهنڪري نوشهرا شهر ٻڏڻ جو خطرو ۽ اسڪارپ جون اسڪيمون خراب نه ٿينديون، اهو اهڙي هنڌ ٺاهيو وڃي ٿو جتي انهيءَ مٿان واهه نه نڪري سگهندا، ڇو ته مٿي جبل آهن ۽ آبادي لاءِ زمين ئي ڪونهي، سنڌ جو ٻيو اعتراض آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ ڪري ڪابل درياهه جو پاڻي به ڪنٽرول ٿيندو ۽ سون ۽ هيرو نين جو پاڻي به ڪنٽرول ٿيندو، جڏهن ڀاشا ڊيم تربيلا مٿان ٺاهيو ويندو ته سون ۽ هيرو نين جو پاڻي به ايندو ۽ ڪابل درياهه جي پاڻي تي به ڪنٽرول نه ٿي سگهندو، عمران خان تازو انهيءَ جو ڪم شروع ڪرايو آهي ۽ منهنجي خيال ۾ هي ڪالاباغ ڊيم کان بهتر آپشن آهي جنهن جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ آهي جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم جي رڳو 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، ان مان بجلي 4500 ميگاواٽ پيدا ٿي سگهندي، جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم مان رڳو 3600 ميگاواٽ پيدا ٿي سگهندي.
ڪوٽڙي کان هيٺ 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ:
جڏهن پاڻي ٺاهه ٿي رهيو هو ته سنڌ ڊيلٽا جي گهرجن لاءِ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهريو پر اها ڳالهه نه مڃي وئي ۽ چيو ويو ته اهو پاڻي انهيءَ کان وڌي به سگهجي ٿو ۽ گهٽجي به سگهي ٿو، تنهن لاءِ انهيءَ بابت اڀياس ڪرايا وڃن، ٺاهه 1991ع ۾ ٿيو اڀياس 13 سالن کانپوءِ سال 2004ع ۽ 2005ع ۾ ڪرايا ويا، انهن جي مٿان پينل آف ايڪسپرٽس رکيا ويا جن چيو ته هر پنجن سالن م 25 لک ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ کپي ۽ هر ڏينهن ڪوٽڙي کان هيٺ 5000هزار ڪيوسڪ ڇڏيو وڃي، جڏهن 5000 ڪيوسڪ کي ملين ايڪڙ فوٽ ۾ مٽايون ته ٿئي ٿو 3.6 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ 5 سالن ۾ هڪ سال ۾ وڃڻ کپي 5 ملين ايڪڙ فوٽ ٻئي گڏجي ٿين ٿا 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ. يعني هر سال 10 بدران 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ سمنڊ ۾ وڃڻ کپي، ڪڏهن ايترو گهٽ پاڻي ٿئي ٿو ته 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ به نٿو ٿئي ۽ ڪڏهن ٻوڏ جي وقت تمام گهڻو پاڻي ٿئي ٿو، جيڪو ڊيم ۾ اسٽور ڪرڻ کان گهڻو ٿئي ٿو ۽ زوري سمنڊ ۾ ڇڏڻو پوي ٿو، 1976ع کان سال 2017ع تائين سراسري 28.55 ملين ايڪڙ فوٽ سمنڊ ۾ ويو، جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهيءَ مان اٽڪل 6 ملين ايڪڙ فوٽ جو ڊيم ڀري سگهون ٿا، پر ڊيم ٺهيل ڪٿي آهي جو ڀري سگهون، تنهن ڪري اهو پاڻي هيٺ سمنڊ ۾ ويندو پر انهيءَ جو ڪهڙو نقصان آهي اهو ڊيلٽا جون ماحولياتي گهرجون پوري ڪري ٿو، اهو چوڻ ته انهيءَ ڪري 50 ارب ڊالرن جو نقصان ٿئي ٿو غلط آهي، ها ڊيم ٺاهي اهو ڀريو ته ٺيڪ آهي.
سنڌ بيراج جي تعمير:
چون ٿا انهيءَ کي ٺاهڻ ڪري ٻه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو ۽ سمنڊ جو اڳتي اچڻ روڪبو، ٻه ملين ايڪڙ فوٽ ذخيرو ڪرڻ جو مطلب ته انهيءَ لاءِ بند مٿي ڪيا ويندا، انهن بندن کي مٿي ڪرڻ ڪري انهن بندن مان سيمو وڌندو ۽ ڀر وارين زمينن ۾ سيمي ڪري اهي زمينون خراب ٿينديون. جنهن لاءِ ٻيا بندوبست ڪرڻا پوندا ته جيئن سيمي جي ڪري زمينون خراب نه ٿين، ٻيو مسئلو آهي ڪوٽڙي بيراج کان سمنڊ درياهه ڪچي ۾ آبادي، هڪ اندازي مطابق انهي ڪچي ۾ خريف جي مند ۾ تمام گهڻي آبادي ٿئي ٿي ۽ سياري ۾ به ڪمند ۽ ٻيا ڪيش ڪراپ پوکيا وڃن ٿا جڏهن انهيءَ ڪچي ۾ ٻه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو ته ڪچي جي آبادي ته نه ٿي سگهندي ۽ ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيندو، جنهن تي مقامي ماڻهو ڪڏهن به راضي نه ٿيندا، ٽيون مسئلو آهي بيراج کان هيٺ لٽ ۽ پاڻي جو وڃڻ، جڏهن ته ملين ايڪڙ فوٽ ذخيرو ڪيو ويندو ته ايترو پاڻي ته سمنڊ ۾ هيٺ نه ويندو پوءِ ڊيلٽا ڪيئن جيئرو رهي سگهندو، انهيءَ کان علاوه ٻيا پيئڻ جي پاڻي جا مسئلا اٿندا جن کي منهن ڏيڻ منهنجي خيال ۾ ڏکيو آهي.
مٿين سببن ڪري مان سمجهان ٿو ته سنڌ بيراج جي منصوبو ڪامياب نه ٿيندو هونئن به فشرفوڪ فورم جي نمائندي محمد علي شاهه ان جي مخالفت ڪئي آهي ته ڊيلٽا جي لحاظ کان هي غلط منصوبو آهي.
مٿين ڳالهين جو کڙتيل اهو نڪري ٿو ته پاڪستان جو پاڻي في ڪس آبادي وڌڻ ڪري گهٽجي ٿو، جنهن لاءِ اسان کي مختلف آپشنز تي سوچڻو پوندو. انهيءَ ۾ هڪڙو آپشن ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو آهي، جنهن جي ڪم جو افتتاح وزيراعظم صاحب ڪري ڇڏيو آهي، سمنڊ ۾ وڌيل پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي واويلا غلط آهي، اهو وڌيڪ پاڻي ڊيلٽا جون ماحولياتي گهرجون پوريون ڪندو، ان جا فائدا انهي جي نقصان کان وڌيڪ آهن، منهنجي خيال ۾ سنڌ بيراج ٺاهڻ وارو منصوبو صحيح ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *