تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

وزيران ڇڇر جو لاش انصاف جو منتظر

سنڌ ۾گهڻي وقت کان عورت جي حوالي سان صورتحال ڏاڍي ڏکوئيندڙ آھي،ڄڻ سنڌ عورتن جو مقتل گاهه بڻيل هجي،اهڙا ڪيترائي واقعي روز ميڊيا تي رپورٽ ٿين ٿا، ڪٿي عيوضي ۾ ڏنل عورت قتل ٿئي ٿي ته ڪٿي ڪارنهن جي الزام ۾ عورت کان جيئڻ جو حق کسيو وڃي ٿو .تازو هڪ اهڙو ئي جيءُ جهوريندڙ واقعو ٿيو آهي. سن ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر جي رهواسڻ عورت جو جسم تي تيز ڌار واري اوزار سان جهير ڏئي وزني پٿر سان چٿيل لاش 28 جون تي رات جو 2 وڳي ڳوٺ کان هڪ ڪلو ميٽر پري انڊس هاءِ وي روڊ تان مليو. لاش موٽروي پوليس ڏسي ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي اطلاع ڪيو جنهن کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ، سن اسپتال پهتي جتي ايمرجنسي سميت ڪابه سهولت نه هئڻ ڪري لاش کڻائي سيوهڻ اسپتال پهتي، جتي عورت جي سڃاڻپ وزيران ڇڇر زال علي بخش ڇڇر طور ڪئي وئي. اهڙو اطلاع عورت جي وارثن کي ڏنو ويو ته عورت جا وارث اسپتال پهچي ويا ۽ لاش وصول ڪيو، وزيران سان ٿيل ظلم عورت جا مٽ مائٽ ڏسي نه سگھيا وزيران جو لاش گھر پهتو ته سندس ماءُ بيهوشي ۽ سندس پيءُ گل محمد به بيحال ٿي ويو، ڳوٺاڻن عورت کي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ۽ انهن سن پريس ڪلب جي صحافي کي اطلاع ڪيو جنهن کان پوءِ صحافي ڳوٺ وڏا ڇڇر پهتاسين ته معلوم ٿيو ته وزيران ڇڇر جي بدي جي مائٽي لاءِ ڳوٺ جي چڱي مڙس فيصلو ڪيو ته ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو ان باوجود وزيران جو ڏير وزيران ۽ سندس وارثن کي مارڻ جو ڌمڪيون ڏيندو رهيو فيصلي ٿيڻ کان پوءِ وزيران ڇڇر لاءِ ساهرن جو گهر عذاب بڻجي ويوهو. فيصلي جي 10ڏينهن کان پوءِ وزيران جو بيرحماڻي طريقي سان تشدد ٿيل لاش مليو. وزيران جو ڏوهه اهو هو ته پنهنجي ڀاءُ کي پرائڻ لاءِ پاڻ بدي ۾ اهڙن ماڻهن وٽ پرڻائي وئي جيڪي عورت کي رانديڪو سمجهن ٿا.
وزيران سڀ درد سيني ۾ سانڍي ڀاءُ لاءِ قرباني ڏني کيس اميد هئي ته سندس ڀاءُ جي شادي ٿيندي پر ظالمن کيس موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. بي حسي جي حد ته اها هئي جو عورت جو مڙس پنهنجي زال جو لاش اسپتال مان ته وصول ڪرڻ نه آيو پر ان جا عزيز به وزيران کي ڏسڻ لاءِ سندس گھر نه پهتا.وزيران جي مڙس علي بخش ڇڇر جو چوڻ هو ته مان ۽ منهنجي گھرواري ستا پيا هئاسون ۽ وزيران ڪنهن مهل گهران نڪتي مونکي ڪا به ڄاڻ ناهي، مان اٿيس ته گھرواري نه هئي، پڇا ڳاڇا ڪئي پر هٿ نه آئي جنهن کان پوءِ خبر پئي ته وزيران روڊ تي خودڪشي ڪئي آهي جيڪا ڳالهه نه پوليس کي سمجهه ۾ آئي نه ئي حادثي کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي.
جڏهن ته وزيران جي پيءُ گل محمد ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي پنهنجي ناٺي علي بخش ڇڇر ، ان جي ڀاءُ ڪريم بخش ڇڇر ۽ ان جي ڀيڻوئي غلام قادر مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرايو جنهن کان پوءِ پوليس پنهنجي طريقي سان واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني. ڳوٺ جي وڏيرن کي اها ڳالهه پسند نه آئي اهي وزيران جي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ وارثن کي ڳوٺ مان لڏائڻ ۽ ٻيون ڌمڪيون ڏيڻ لڳا پر غريب پيرسن وزيران جو پيءُ پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيو ميڊيا ۾ معاملو اچڻ کانپوءِ ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ جاچ لاءِ اي ايس پي علينا راڄپر ۽ فاروق لاکير تي ٻڌل ٽيم جوڙي ڇڏي ۽ هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.اي ايس پي علينا راڄپر ڳوٺ وڏا ڇڇر پهتي ته ان وزيران جون عزيز عورتون پيرن تي ڪري انصاف لاءِ پاڏائڻ لڳيون جن کان اي ايس پي علينا راڄپر واقعي بابت تفصيل ورتا جنهن کان پوءِ ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي پهچي هن ٻه ڪلاڪ ان واقعي جي تفصيلي رپورٽ ورتي.جڏهن ته جاچ ٽيم ۾ شامل ٻئي ميمبر فاروق لاکير ڳوٺ جي وڏيرن پاران مليل شاهي دعوت ۾ شرڪت ڪئي ۽ رات جو 2 وڳي وزيران جي وارثن کي پڇا لاءِ گھرايو ۽ انهن سان اڍنگي رويي سان سوال ڪري کين ڪوڙو قرار ڏئي واپس موٽائي ڇڏيو. 11 ڏينهن گذرڻ جي باوجود به وزيران وارو معاملو اڃان ڳجھارت بڻيل آهي يا وري پوليس ان معاملي جي اصل حقيقتن تان پردو کڻڻ نه ٿي چاهي. عورت جو مڙس علي بخش ۽ٻيو جوابدار ڪريم بخش پوليس حراست ۾ آهن هڪ طرف وزيران جا غريب وارث انصاف جي اوسئيڙي ۾ ويٺل آهن ته ٻئي طرف وري ڳوٺ جا وڏيرا قتل کي زوري خودڪشي قرار ڏيڻ جي لاءِ ميدان ۾لٿل آهن. وزيران جي حتمي ميڊيڪل رپورٽ به اچي وئي جنهن ۾ واضع طور تي وزيران ڇڇر کي بيدردي سان قتل ڪرڻ سميت کيس 8 هفتن جي حمل سان هجڻ جو به انڪشاف ٿيو. ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کان پوءِ هي ظاهر ٿيو ته هي ٻٽو قتل آهي ظالمن ظلم ڪيو آهي ان جي باوجود به سندس وارث انصاف لاءِ دربدر آهن.
تڪ جا چونڊيل نمائندا به هنن وٽ لڙي نه آيا آهن .وڏي افسوس جي اها به ڳالهه آهي ته تڪ وڏي وزير سيد مراد شاھ جو هجڻ باوجود هن به انهي واقعي جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو جڏهن ته وزيران ڇڇر سان تعزيت ڪرڻ لاءِ سنڌ جو شعور روز ڳوٺ وڏا ڇڇر اچي پيو ۽ وزيران سان انصاف ۽ ان جي وارثن سان هر ممڪن مدد ڪرڻ جي دعوى به ڪئي وڃي پئي پر اهو وقت ئي ثابت ڪندو ته وزيران جي واقعي جو انصاف ٿئي ٿو يا نه. سوال هتي اهو به پيدا ٿئي ٿوته سنڌ جي عورتن سان آخر ڪيستائين اهي ظلم ٿيندا رهندا. وزيران ڇڇر جهڙن سنڌ جي مظلوم نياڻين سان ڪير انصاف ڪندو ، ڪيسيتائين سنڌ ۾ عورتن جو قتل عام جاري هوندو ۽ ڪيسيتائين هوا ڄايون دربدر هونديون .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *