تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

وزيراعظم صاحب سنڌ ۾ ڀليڪار پر ……

وزيراعظم صاحب اڄ اوهان سنڌ اچي رهيا آهيو. سنڌ جي دل ۽ گادي جي هنڌ ڪراچي پهچڻ تي اسان کليل ٻانهن سان اوهان جي ان وقت آجيان ڪري رهيا آهيون جڏهن سڄي سنڌ هڪڙي ٽراما مان گذري رهي آهي،اها ٽراما رڳو برسات ۽ ٻوڏ جي تباهي سبب ناهي،پر اها ٽراما وفاق جي انهي رويئي سبب پيدا ٿيل آهي جنهن سان سنڌ کي محسوس ڪرايو پيو وڃي ته ڄڻ وفاقي حڪومت ان جي تڪليفن ۾ ڀائيوار نه ٿيندي، وڏي جي حيثيت ۾ ان جي زخمن تي مرهم نه رکندي. سنڌ جي ڦٽن تي لوڻ ان وقت ٻرڪجن ٿا ته جڏهن ذميوار منصب تي ويٺل ڪو وزير اهو ٿو چئي ته جيڪڏهن 10 ارب ڊالر هجن به ها تڏهن به سنڌ کي نه ڏيون ها، اهو به ان وقت جڏهن سڄي سنڌ برساتي ٻوڏ ۾ هڪڙي درياءَ جو ڏيک ڏئي رهي آهي ۽ جڏهن سنڌ جا لکين ماڻهو پنهنجا گهر ،روزگار، وسيلا وڃائي رستن تي کليل آسمان هيٺ واهر جي آسري ويٺل آهن.جڏهن انهن وٽ کائڻ لاءِ هڪ ويلي جيتري گنجائش به نه آهي جڏهن چوڌاري بيٺل پاڻي سبب بيماريون مٿن ٻوڏ کانپوءِ ٻي مصيبت بڻجي ڪڙڪيون آهن، ان حالت ۾ اهڙا بيان سنڌ جي ماڻهن تي قيامت بڻجي ڪڙڪن ٿا. اها ٽراما رڳو اتي ختم نه ٿي ٿئي پر جڏهن برساتن ، گجر نالن ۽ گٽر جي صفائي جي آڙ ۾ سنڌ جي اختيارن ، ان جي گادي جي هنڌ ۽ دل کي انتظامي طور سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون ڪوششون ٿين اهي به وفاقي حڪومت ۽ ان جي ذميوارن طرفان ته سڄي سنڌ جي هنيانءُ ۾ ڄڻ رانڀوٽا هڻندا هجن. اهي رويا رڳو هاڻي نه پر گهڻي وقت کان نظر اچي رهيا آهن ،ڪورونا جي ڏينهن ۾ به اوهان ملڪ جا وزيراعظم هوندي ٻين صوبن جا بار بار دورا ڪيا پر سنڌ ڏي شايد ئي منهن ڪيو هجي. جڏهن سنڌ ان وقت مصيبت کي منهن ڏئي رهي هئي تڏهن به وفاقي حڪومت ان جي ٻانهن ٻيلي ٿيڻ بدران صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ٽي وڏيون اسپتالون پنهنجي انتظام هيٺ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.وزيراعظم صاحب هن برساتن ۾ سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي پر نالي جي قومي ميديا ۽ وفاقي حڪومت جي اک رڳو ڪراچي تي کتل آهي ڄڻ ٻين شهرن ۾ متاثر ٿيل ماڻهو انسان ئي نه هجن نه ئي انهن کي تڪليف ٿيندي آهي ،نه انهن جا ڪي انساني ۽ بنيادي حق آهن جيڪي پوروڪرڻ وفاقي حڪومت ۽ رياست جو ڪم آهي پر نه انهن شهرن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن جي تڪليفن تي ڪڏهن وفاقي حڪومت ڳالهايوآهي نه ئي ڪنهن وزير بيان ڏنو .هاڻي به جڏهن اوهان سنڌ اچو پيا تڏهن به وفاقي وزير اهي بيان ۽ ڳالهيون پيا ڪن ته وزيراعظم ڪراچي لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪندو ،اسان جون اکيون ٿڌيون بيشڪ ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي ۽ هن برساتن ۾ ٻڏو آهي ان لاءِ پيڪيج اچڻ گهرجي پر ڇا واهي پانڌي کان وٺي جهڏي تائين جيڪي لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن انهن جي واهر ڪرڻ وفاقي حڪومت جو ڪم ناهي ،ڪراچي جو درد ته ڪجهه ڏينهن جو آهي رڳو پاڻي نيڪال ٿيڻو هو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ وري اتي زندگي روان دوان ٿي ويندي يا وئي آهي پر ٻهراڙين ۾ آيل تباهي ته سالن تائين ماڻهن کي سنئون ٿيڻ نه ڏيندي.ڪراچي ۾ ته ماڻهو پاڻي نڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پڪن گهرن ۾ ويهي رهيا پر ٻين ڳوٺن ۾ ماڻهن جا ڪچا گهر ڊهڻ کانپوءِ ته انهن وٽ مٿو ڍڪڻ لاءِ ڇت به ناهي نه ئي سندن روزگار جا وسيلا بچيا آهن ڇو ته ٻنين ۾ پاڻي بيهڻ سبب اهي زمينون ته مهينن تائين پوکي لائق نه رهيون آهن ڇا انهن ماڻهن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪرڻ يا انهن وٽ وڃڻ وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي ذميواري ناهي؟
وزيراعظم صاحب اسان اوهان کي سنڌ اچڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀيلڪار ڪيون ٿا پر ان سان گڏوگڏ هڪڙو عرض ته ڀلي پيپلز پارٽي جي حڪومت اوهان کي نه وڻندي هجي ڀلي اوهان کي ڪي مالي بدانتظامي بابت شڪايتون هجن يا خبر هجي پر انهي جي سزا سنڌ جي ماڻهن کي ڇو ملڻ گهرجي،سنڌ رڳو پيپلز پارٽي ناهي پر ها هن ملڪ جي آئين ۽ قانون تحت ٿيل چونڊن ۾ جيئن اوهان کي عوام ملڪ جو وزيراعظم چونڊيو آهي ايئن ئي اهو ئي آئين سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي حڪومت جو اختيار ڏئي ٿو عوام جو فيصلو غلط يا صحيح پر ان جو احترام ته ڪرڻو پوندو تنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ لاءِ انهي آئين جي ئي پاسداري ڪندي جيڪڏهن اوهان کي انهي سنڌ حڪومت سان گڏ ويهڻو پوي ٿو ته ان ۾ ڪهڙو حرج آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي مٿي ڄاڻايل روين تي نظر ثاني نه ڪئي ته اهو سنڌ جي ماڻهن لاءِ برساتي تباهي کانپوءِ ٻيو ٽراما هوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *