تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

وزيراعظم جي لاشعور ۾ ويٺل اسامه شهيد!

ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبليءَ جي فلور تي اسامه بن لادن کي شهيد چوڻ واري ڳالهه تان وزير اعظم عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر جتي دنيا ۾ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اتي هر صحيح غلط ڳالهه ۾ موصوف جو دفاع ڪندڙ حلقا ان معاملي کي “سلپ آف ٽنگ” ٻين لفظن ۾ “ڳالهائڻ دؤران ڀلجي پوڻ” سان تعبير ڪرڻ لاءِ ڀرپور زور پيا ڏين. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وزير فواد چوڌري جتي ان سڄي معاملي ۾ “زبان جو ترڪڻ” چئي وزير اعظم جو دفاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اتي سياسي معاملن بابت صلاحڪار شهباز گِل جو بيان، پاڻ پنهنجي اندر کل جوڳو آهي. گِل صاحب جي گفتگوءَ جو تت هي آهي ته وزير اعظم ٻه ڀيرا مرڻ، هڪ ڀيري شهيد جو لفظ استعمال ڪيو، ان ڪري “مرڻ” جي ٻن لفظن مان “شهيد” جي هڪ لفظ کي ڪٽ ڪيو، جواب ۾ “مرڻ” جو لفظ بچي ٿو! هن سڄي سلسلي ۾ منهنجي هن آرٽيڪل لکڻ تائين، وزير اعظم يا پرڏيهي معاملن جي آفيس پاران ڪٿي به ڪا ترديد نظر نه آئي. البت انٽرنيٽ تي سرچ ڪندي، دنيا جي مڙني وڏين اخبارن ۾ سخت قسم جي تنقيدي راءِ موجود آهي!
“سلپ آف ٽنگ” يا ڳالهائڻ مهل ڀلجي پوڻ ڇا آهي؟ نفسيات ۾ ان عمل کي “فرائيڊين سلپ” يا “پيراپرڪسس” جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. “فرائيڊين سلپ” تي اهو نالو جڳ مشهور نفسيات جي ماهر سگمنڊ فرائيڊ جي حوالي سان رکيو ويو. جنهن 1901ع ۾ پنهنجي ڪتاب The Psychopathology of Everyday Life ۾ بظاهر معمولي پر وڏي انگ ۾ انساني گفتگو ۾ ٿيندڙ غلطين جو مطالعو ۽ تجزيو ڪري ان کي انساني نفسيات جو نقص قرار ڏنو هو. ان سان گڏ فرائيڊ هن نتيجي تي پهتو ته ڳالهائڻ ۾ ڀلجي پوڻ دراصل انسان جي لاشعور جو ظاهر ٿيڻ آهي. ماڻهو لاشعوري طور اهي ئي ڳالهيون چاهي ٿو، جيڪي غلطي سان ڪنهن به عمل خاص ڪري ڳالهائڻ جي صورت ۾ انهن جو اڪثر اظهار ڪندو رهي ٿو.
هڪ ڀيري جڏهن فرائيڊ جي دوست غلطي سان هن کي “مسٽر فراڊ” جي نالي سان سڏي، ڪجهه لمحن ۾ ئي تصحيح ڪري “فرائيڊ” چيو ته سگمنڊ فرائيڊ، بجاءِ جو ان دوست سان ناراض ٿئي، شائستگيءَ سان چوڻ لڳو: “تون لاشعوري طور مونکي فراڊ سمجهندو آهين!” ان ڪري تنهنجي زبان مان به منهنجي نالي بجاءِ “فراڊ” جو لفظ نڪتو! ان سلسلي ۾ هڪ عورت جي ڳالهه پڻ بيان ڪئي ويندي آهي ته هوءَ پنهنجي سهيليءَ کي جڏهن اهو ٻڌائي رهي ته هوءَ ڪيتري قدر پنهنجي دوست سان پيار ڪري ٿي ته بجاءِ جو هوءَ ان جو نالو وٺي، غلطي سان پراڻي دوست جو نالو اچاري ويٺي. جنهن ڳالهه مان نفسيات جي ماهرن اندازو لڳايو ته ڇوڪريءَ جي دل مان پراڻي دوست لاءِ محبت ختم نه ٿي سگهي هئي! هن جو پراڻو سنگتي، محبت جي صورت سندس لاشعور ۾ موجود هو! اهو به سچ آهي ته انسانن جي شعور ۾ ڀلي محبتون پراڻيون ٿينديون هجن. لاشعور ۾ پيار ڪڏهن به پراڻو ناهي ٿيندو. خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ چيو ويندو آهي ته “ڪا به ڇوڪري، زندگيِءَ ۾ ڪڏهن به پنهنجو پهريون پيار وساري ناهي سگهندي!” هو مختلف صورتن جن ۾ “فرائيڊين سلپ” پڻ هڪ آهي، ان جو اظهار ڪندي رهندي آهي.
اسان مان هر ماڻهو ڳالهائڻ وقت لاتعداد غلطيون ڪري ٿو. غلطي، پاڻ شعور جي غائب هجڻ جي نشاني آهي. انساني دماغ ۾ جڏهن شعور چند گهڙين لاءِ صحيح پر گم ٿئي ته ان جو جڳهه لاشعور والاريندو آهي، پوءِ گفتگو ۾ “فرائيڊين سلپ” هڪ عام ڳالهه ٿي وڃي ٿي.
“فرائيڊين سلپ” جي پچار ۾ ان همراهه جو ذڪر لکڻ به ضروري آهي، جيڪو هر لفظ کي اچارڻ وقت ان تي تمام گهڻو زور، مطلب هر جملي کي ٺاهي جوڙي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. نتيجي ۾ هن کان تمام گهڻيون غلطيون ٿينديون هيون. اهو تجربو اسان توهان سڀني سان ضرور ٿيو هوندو ته پاڻ جڏهن پنهنجي صاحبن يا وڏي ماڻهوءَ سان ڳالهائيندا آهيون ته اڪثر غلطيون ٿي وينديون آهن. اهي پڻ ساڳيا سبب آهن، مطلب جڏهن انسان گفتگوءَ ۾ حد کان وڌيڪ احتياط ڪري ٿو ته گهڻي دٻاءَ جي ڪري شعور ٿڪجي هڪ پل لاءِ ساهي کڻي ٿو. اهو پل ئي غلطيءَ جو باعث بڻجي ٿو. پوءِ جيڪو لاشعور ۾ دٻيل هوندو اهو ئي ظاهر ٿيندو. سچ ته ان ۾ حيرت جي ڪا به ڳالهه ناهي.
“فرائيڊن سلپ” سڄي دنيا جي معاشرن جو مشهور ڪلچر رهيو آهي. هر معاشري ۾ گفتگوءَ دؤران غلطيون ٿين ٿيون، پر گفتگوءَ جون اهي غلطيون ان وقت ٽي وي چينلن ۽ اخبارن جي شهه سرخين ۾ اچي وڃن ٿيون، جڏهن اعلى رياستي يا حڪومتي عملدار ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ پاڪستان جو هينڊسم وزير اعظم عمران خان صاحب سڀني اڳواڻن کي ملهه ماريو بيٺو آهي. اسامه بن لادن کي شهيد قرار ڏيڻ جي ڳالهه هجي يا ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداريءَ کي “صاحبه” چوڻ. ٻيا معاملا ته پنهنجي جاءِ تي هضم به ٿيو وڃن، پر ايترو وقت گذرڻ کانپوءِ مونکي “صاحبه” جو اهو لفظ ناهي وسريو. منهجي ويجهو اهڙو مڪروهه عمل ۽ رويو، جنهن ۾ عورتن کان ڌڪار کانسواءِ ڪجهه به ناهي! هڪ پدري معاشري ۾ جتي عورتن کي “ملڪيت” کان هيٺ درجي ۾ رکيو وڃي ٿو. اتي ملڪ جي وزير اعظم آڪسفورڊ مان تعليم پرائيندڙ جي ذهن ۾ لاشعوري طور عورتن کان ڪيتري نفرت موجود آهي. سڀ ڪجهه حيرتناڪ آهي! منهنجي ويجهو اهو عمل به نهايت ڪراهت وارو آهي، جڏهن هڪ مرد ٻئي مرد کي “عورت” هجڻ جو طعنو ڏيندو آهي. پڪ سان ان مرد کان وڌيڪ احسان فراموش ڪير به نه ٿو ٿي سگهي. جيڪو پنهنجي ماءُ کي به وساري ويٺو. هن کي ان جي ٿڃ به ياد نه آئي! ايئن ناهي ته رڳو مرد پر هن پدري معاشري ۾ عورتون پڻ مردن کي “عورت” هجڻ جو مهڻو ڏينديون آهن، ڄڻ عورت ڪا گار هجي. “چوڙيون پائڻ” کان “گهر ۾ ويهڻ” جا طعنا. پوءِ اهڙين حالتن ۾ جڏهن بيحسي پنهنجي عروج تي هجي ته عمران خان صاحب تي ڀلا ڪهڙيون ميارون!؟ هن ماضيءَ ۾ خودڪشيءَ جي ڳالهه به ڪئي هئي. “جيڪڏهن مونکي قرض وٺڻو پيو ته خودڪشي ڪندس” ياد آيو، خانصاحب جو بيان. سو “فرائيڊين سلپ” کي هڪ پاسي تي رکي، هاڻي مذاق ۾ ئي خودڪشيءَ جي ڌمڪي ڏيندڙ بابت نفسياتي ماهرن کان ان جو ڇيد ڪرايون ٿا. ان کان اڳ ڪجهه سائڪالاجسٽ لکي چڪا آهن ته جيڪڏهن ڪو شخص ڀوڳن ۾ ئي خودڪشيءَ جو ذڪر ڪري ته ان تي نظر رکي وڃي. ان جي باقي عادتن کي نوٽ ڪيو وڃي ته ڪٿي هو سچ ۾ پاڻ کي نقصان نه پهچائي! ڇاڪاڻ ته اهو ڀوڳ به هن جي لاشعور کي رفليڪٽ ڪري ٿو، اهو پڻ ته جيڪڏهن اهو شخص پاڻ نه به ماري ته توهان کي نقصان ضرور ڏيندو!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *