تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

وري هڪ بي مقصد اي پي سي جي تياري!

سياست جي شير شاهه سورين جي وري هڪ عدد اي پي سي جي تياري ٿي رهي آهي. الائي ڪيتريون ڪري هڪ هيءَ به ڪري ڇڏيندا، وري چيلهه ڊگهي سمهي پوندا. عوام به ان ڳالهه کي هاڻي روز جو معمول ڄاڻي سيريس وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي. حڪومت ته هاڻ اي پي سي کي هڪ خبر طور به نٿي وٺي. حقيقت ۾ اي پي سي اها جيڪا حڪومت جو اڌ ساهه ڪڍي ڇڏي، نه ته به ننڊ ته حرام ڪري ڇڏي، پر 24 ڪلاڪن مان حڪومت جي هڪ ڪلاڪ کي به پرواهه ناهي. موجوده حڪومت جي خوش قسمتي آ ته هن کي سيريس حزب اختلاف نه ملي آهي. ان طرف کان حڪومت جو خير آهي.
اي پي سي اها هوندي هئي جيڪا ستر جي ڏهاڪي ۾ نوابزادو نصرالله ڪندو هو، تحريڪ به تڏهن واري ياد ايندي آهي. هن دور جي حزب اختلاف ته پنهنجي ننڊ آرام کي به تحريڪ قرار ڏنو آهي. ملڪ ۾ تحريڪ هجي ۽ حڪومت سامت ۾ هجي؟ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي! اي پي سي جي تاريخ طئه ٿيڻ اهم ڳالهه هوندي هئي، هاڻي ته ڪيئي اي پي سيون ٿي وڃن ٿيون، حڪومت جي ڪن تي جونءِ به نٿي چري!
عجيب قسم جي حزب اختلاف آهي، حڪومت جي طبيعت تي ڪجهه اثر ئي نٿي ڇڏي. عوام جو ڌيان سيڙائي سيڙائي هاڻ ته اهو به نصيب نٿن. اي پي سي جون ڪوششون اخبار جون خبرون به نٿيون بڻجن، رڳو ان ڏينهن جي خبر جنهن ڏينهن اي پي سي!
بيان، پريس ڪانفرنس جي روز جي روٽين بڻجي وئي آهي. جيڪا ڳالهه پريس رليز جي پني تي لکي موڪلي سگهجي ٿي اها ڪرڻ لاءِ چار چار اڳواڻ گڏجي پريس ڪانفرنس ڪن ٿا، ڪلاڪ سوا ميڊيا جو سيڙائين ٿا. هي سياست جي ليول اچي بيٺي آهي! وزيراعظم جي استعيفا جو مطالبو به روز ٿو ورجايو وڃي، ان سان مطالبو ئي بيڪار بڻجي وڃي ٿو.
ماضي ۾ اهڙو مطالبو هڪ بريڪنگ نيوز بڻبو هو، چيو ويندو هو فلاڻي ليڊر وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو! نيوز چينل انهيءَ مهل تجزيه ڪارن کي آن لائن وٺندا ها، پڇندا ها ته هاڻ ڇا ٿيندو؟ ڇاڪاڻ جو اهڙي مطالبي کانپوءِ ڪجهه ٿيڻ لازمي هوندو هو. رات جي پرائيم ٽائيم ٽاڪ شوز جو اهو ئي موضوع هوندو هو. حزب اختلاف جي اهڙي مطالبي جي هڪ معنيٰ هوندي هئي، ان کانپوءِ طوفاني تحريڪ هلندي هئي. پر اسان جي اڄوڪي مخالف ڌر چوويهه ڪلاڪ تحريڪ ۾ آهي، هر ڪلاڪ ۾ استعيفا جو مطالبو آهي. مذاق بڻائي مخالف ڌر تحريڪ جي اهميت ئي وڃائي ڇڏي آهي. هن حال ۾ اي پي سي “پيپسي” جهڙي ٿي لڳي!
جنهن حزب اختلاف کي بلاول ۽ مولانا ليڊ ڪندا هجن، اها اهو ئي ڪري سگهي ٿي جيڪو ٿئي پيو. بلاول جي سياست جي ابتدا آهي ۽ مولانا جي سياست جي انتها آهي. هو نئينءَ مان سکي ٿو، هي کيس سيکاري ٿو. بلاول اگر مولانا کان سکندو ته اهو ئي سکندو ته ڪن شرطن تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻو آهي، مطلب حاصل نه ٿئي ته ڪيئن رسڻو آهي، حاصل ٿئي ته ڪيئن ٺهي وڃڻو آهي. جن کي ساڻ کڻڻو آهي ڪيئن هلائڻو آهي. اهڙو ڪجهه هن کي ورثي ۾ به مليو آهي باقي کيس مولانا کان سکڻو آهي. ٻه سال کن اڳ ۾ مولانا اها گهر ڪئي هئي ته بلاول کي منهنجي حوالي ڪريو، آئون کيس سياست سيکاريندس، لڳي ٿو بيمار ٿيڻ بعد زرداريءَ بلاول کي پارت ڪري ڇڏي آهي ته توکي هاڻي مولانا سان ويجهو رهڻو آهي. سو مولانا ويجهو ٿي اول کيس APC ڪوٺائڻ ٿو سيکاري!
هي هفتو بلاول کي لاهور ۾ رهي اي پي سي جو هوم ورڪ ڪرڻو آهي، ٻين لفظن ۾ نون ليگ کي ان لاءِ قائل ڪرڻو آهي. ايئن چئجي ته ليگ کي غيرت جون سيون هڻڻيون آهن، جنهن کي نواز شريف کي مليل رليف کانپوءِ حڪومت تي ڪاوڙ ئي نٿي چڙهي. هوءَ ان ۾ خوش آهي ته نواز شريف ملڪ کان، جيل کان ٻاهر رهي ۽ شهباز شريف کي نيب جي حاضرين کان آزادي مليل رهي. پوءِ کڻي عمران خان ڪيئن به حڪومت هلائي!
ان ليگ کي بلاول اهو باور ڪرائيندو ته اي پي سي ڪري مخالف ڌر پنهنجي ساک بحال ڪري. رسمي سهي پر مخالفت جاري رکڻ گهرجي، عزت حاصل ڪرڻ گهرجي. نواز ليگ ايتري لاءِ به تيار ناهي. مريم نواز ته خاموشي جي چادر تاڻي ڇڏي آهي، شهباز کي چرپر جي صلاح ڏني ويندي. اهڙي ڪوشش جون ۾ به بلاول لاهور ۾ اچي ڪئي هئي پر کيس ڪنهن به ليگي اڳواڻ ملاقات نه ڪئي هئي. هن ڀيري ٻڌو آ ته بيڪ ڊور رابطا ان حد تائين ڪامياب ٿيا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ عدد اي پي سي ڪري ڇڏجي، ته ڇهه اٺ مهينا خاموشي جا ڪڍي سگهبا.
حزب اختلاف حقيقي معنيٰ ۾ حڪومت خلاف ڪا به تحريڪ نه هلائي ڪري حقيقت ۾ حڪومت جي خير گهرو ثابت ٿي آهي. عوام وٽ هن جو جيڪو امتحان آهي ان ۾ واءِ واس ۾ به پاس نه ٿي آهي. زباني ڪلامي به اهڙو ڪجهه نه ڪري سگهي آهي جو عوام کي اعتبار اچي ته هيءَ صحيح معنيٰ ۾ حزب اختلاف آهي. مخالف ڌر حقيقت ۾ ڌر ثابت نه ٿي آهي. عوام کي حڪومت خلاف غصو ته نه ڏياري سگهي آهي پر جيڪو غصو عوام کي پنهنجي طور تي آهي ان کي به چينلائيز ۽ يوٽيلائز نه ڪري سگهي آهي. رڳو رسمون پئي ادا ڪري ۽ رسمي سياست ۽ مخالفت سان حڪومتون هيڏي هوڏي نه ڪري سگهبيون آهن. وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪرڻ ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته اسين توکي نٿا هٽائي سگهون، تون پاڻ هليو وڃ. روز انهيءَ مطالبي کي ورجائڻ جي معنيٰ آهي ته “خدا جي واسطي هليو وڃ” هٿ ٻڌي عرض ڪرڻ کان علاوه انهيءَ مطالبي جي ٻي ڪا معنيٰ ئي ناهي. اي پي سي به اهو ئي ايلاز گڏجي ڪرڻ جو فورم آهي. باقي اها اي پي سي به ڪنهن تحريڪ کي جنم ڪونه ڏيندي!!
هن دور ۾ جيتري بي معنيٰ شئي APC آهي اهڙي بيڪار شئي سياست جي تاريخ ۾ نه ملندي. خبر نٿي پوي ته جڏهن گڏ ويهي ڪجهه “خطرناڪ” طئه ناهن ڪري سگهندا ته ويهندا ڇو آهن؟ جڏهن هنن کان ڪجهه ٿيندو ناهي ته اها اي پي سي ڪندا ڇو آهن؟ اهو هڪ سياسي ڪچهري کانسواءِ ڪجهه ناهي. ميڊيا کي الائي ڇو ان ۾ طوفان نظر ايندو آهي! ميڊيا کي به ٻاڙائي آهي، ڪنهن زماني کان ملڪ ۾ ڪا طوفاني تحريڪ ناهي هلي ته ميڊيا رسمي خبرن ۾ سنسني ٿي ڳولي! پنهنجي ٻاڙ پوري ٿي ڪري.
اندازو ڪريو ته جيڪا اي پي سي بلاول ۽ مولانا ڪندا ته اها اهڙي ئي ٿيندي. ننڍي جو ته تجربو ٿو ٿئي پر وڏي کي هٿ ڇا ٿو اچي ان سان؟ جڏهن هن جو لانگ مارچ ئي ناڪام ويو ته هن جون اي پي سيون ڇا ڪنديون؟ ان کان ته هو ماٺڙي ڪري گهر ويهي رهي، يا دين جي ڪم کي ڪجهه ٽائيم ڏئي ڇو ته هن جي جماعت اڌ ديني به آهي. سياست ۾ مزو ناهي ته سياست جا ڦڪا ڳنا چوسڻ کان ڀلو آهي ته هٿ ۾ تسبيح کڻي خدا جو ذڪر ڪجي. مخالف ڌر اول پنهنجي اصل فارم ۾ اچي پوءِ سياست ڪري. هي وقت هن جو ڪيسن کي منهن ڏيڻ جو آهي، انهن کي منهن ڏئي ڇو جو اهو به سندس ساک جو سوال آهي.!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *