تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ورلڊ آرڊر وري اچي پيو

ڪورونا مرض دنيا ۾ اڃا موجود آهي، پر ان جي شدت گهٽجي وئي آهي، پر هڪ گالھ جيڪا سامهون نروار ٿي بيٺي آ اها آهي دنيا جي وايومنڊل کي تبديل ڪرڻ جي. جيڪڏهن ٿورو غور فڪر ڪري تجزيو ڪنداسين ته اها خبر ڀلي ڀت پوندي ته ڪورونا ڪيترو نقصان ڪري ويو آهي. هڪ ڳالھه ته واضح ٿي پئي آهي ته هن ڪورونا وائرس دنيا تي پنهنجا سياسي، سماجي ۽ معاشي گهرا اثر ڇڏيا آهن، جيڪي هاڻي نظر پڻ اچي رهيا آهن.
هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرائي ٻي عالمي جنگ جو خاتمو آڻي دنيا ۾ آمريڪا بهادر سپر پاور ملڪ بڻجي سامهو آيو هو ته ٻئي پاسي وري روس ڪميونزم خيالن جي بالادستي ڪري رهيو هو. دنيا Bi pollar سڏجڻ لڳي. روس ۽ آمريڪا آمهون سامهون ٿي ڏاڍو سو گابو ٿي وڙهڻ لڳا. اها آزادي جي صدي هئي، هر آزاد ٿيندڙ ملڪ هنن ٻنهي ملڪن آمريڪا يا روس مان هڪ ملڪ جي جهولي ۾ ويهڻ لڳو پياري پاڪستان آمريڪا کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي پاڙيسري ملڪ روس سان الحاق ڪيو. اهو اھڙو دور هو جو تنظيمون ٺاهي هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ شروع ڪيا ويا هئا. آمريڪا روس جي خلاف دفاعي ٺاهه SEATO سيٽو ،CENTO سينٽو ۽ NATO نيٽو ٺاهيا، روس وري آمريڪا جي خلاف ورسا ٺاهيو. پاڪستان جيئن ته آمريڪا جي پاسي هو تنهن ڪري انهي جي دفاعي معاهدي سيٽو ۽ سينٽو جو ميمبر ٿيو. پاڻ کي ته ڪو خاص فائدو ڪونه ٿيو، پر سپر پاور آمريڪا ميدان ماري ويو. 1945ع کان 1990ع تائين Cold war رهي، جيڪا ڪڏهن نرم ته وري ڪڏهن گرم رهي. حالتون خراب ٿينديون رهيون انهي ڳٺ جوڙ ۾ مارجي روس ويو، جنهن پنهنجا ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي پوئين پير ٿي پوئتي هٽي جان بچائي. هاڻي ته اڪيلو وڃي آمريڪا جو ورلڊ آڊر رهيو آهي ۽ هو اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي پيو آهي. افغانستان کان وٺي عراق، لبنان، شام اگتي ايران تائين هن ڪنهن به اسلامي ملڪ کي سک جو ساھ کئڻ نه ڏنو. ايشيا جي ملڪن ۾ پنهنجو اثر رسوخ رکڻ لاءِ شروعاتي ڏينهن کان ڪوششون پئي ورتيون. ڪڏهن پاڪستان کي پٿرن جي دور ۾ ڌڪڻ جون ڌمڪيون ته وري ڪڏهن ڀارت جي پٺ ڀرائي ڪري چين جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي، ڇو ته آمريڪا سمجهي پيو ته دنيا ۾ جي ڪو ساڻس مهاڏو اٽڪائڻ وارو ملڪ آهي ته اهو چين ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪا آفيم کائيندڙ سست ۽ ڪاهل قوم مائوزي تنگ جي اڳواڻي ۾ ثقافتي انقلاب کان پوءِ خاموشي سان مسلسل ترقي ڪئي.
گذريل سال جيئن چين مان ڪورونا ظاهر ٿيو تنهن وقت آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن تي الزام هنيا، وري وائرس جڏهن آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس ۾ چين کان به وڌيڪ ماڻهو ماريا ته هنن الزام وري چين تي هنيا. انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته چين هن وقت دنيا ۾ هڪ وڏي معيشت ٿي اڀري آيو آھي هن پنهنجا اتحادي ۽ خير خواھ پڻ ٺاهي ڇڏيا آھن، جيڪي ڪنهن به غير يقيني صورتحال ۾ چين سان گڏ گڏ هوندا جنهن ۾ صف اول ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي.
هاڻي آمريڪا بهادر جي طاقت ختم ٿيندي نظر پئي اچي ۽ وري نئون ورلڊ آرڊر تيار ٿي رهيو آهي، نئين ورلڊ آڊر ۽ Cold War لاءِ، جنهن ۾ سر فهرست آمريڪا،برطانيا، ڀارت، سعودي عرب، اسرائيل ۽ عربن جون ڪجھه رياستون شامل آهن، ته ٻئي پاسي وري چين، روس، پاڪستان، ايران، ترڪي ۽ وچ ايشيا جا ڪجھه ملڪ شامل ٿي سگهن ٿا. اهيو ته وقت ئي ثابت ڪندو ته اها ٿڌي جنگ ڪير کٽندو پر اهو طئي آهي ته جي مسلمان ملڪن هاڻي به اک نه پٽي ته بي وقت ۽ بي مقصد موت ماريا ويندا، جنهن جي شروعات شايد ٿي چڪي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *