تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

واڪا ڪرڻ مون وس

پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ميرپورخاص ڊويزن جي دوري تي اچي رھيو آھي، جيتوڻيڪ ان دوري جو شيڊيول ڪالھه جو ھو ، پر ميرپورخاص جي سينيئر سياسي شخصيت ۽ پ پ جي اڳواڻ مير حاجي حيات ٽالپر جي وفات سبب پروگرام کي اڳتي ڪيوويو آھي.
\ ٻوڏ متاثر جيڪي ھزارن جي تعداد ۾ واھن ، سم نالن ۽ روڊن جي ڪنارن تي بي يار و مددگار ويٺل آھن، انھن جون نگاھون بلاول ڀٽو زرداري جي دوري تي لڳل آھن. ان کان اڳ وڏو وزير به دورو ڪري ويو آھي، جنھن ڪو ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف جو اعلان نه ڪيو، سندس اچڻ تي ڪامورن ڪوڙيون ڪيمپون لڳائي کيس غلط ڪم ڏيکاريو ۽ ماڻھو آسري ۾ رھجي ويا .
آئون بلاول ڀٽو زرداري کي پنھنجي علائقي جي ماڻھن پاران اھا گذارش ڪندس ته مھرباني ڪري رڳو پنھنجي وڏيرن ۽ مشيرن جي ٻڌايل ۽ ڏيکاريل ڳالھين بدران ٻوڏ متاثرن جي حقيقي حالتن جي ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪري ۽ علائقي جي صحافين ۽ سرگرم ماڻھن ۽ پارٽي سان غير وابسته ماڻھن سان ملاقاتون ڪري .ٻي صورت ۾ ٻوڏ متاثر وري به بي يار و مددگار ۽ آسرن ۾ رھجي ويندا.
ھتي سڀ کان اھم ڳالھه ياد رکڻ جي اھا آھي ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ ٻوڏ متاثرين جي گھڻائي شيڊيولڊ ڪاسٽ ڀيل، ڪولھي ۽ ميگھواڙن جي آھي جيڪي ھاري آھن، جن جا اجھا اڳ ئي اڀرا ھئا، انھن جي ملڪيت مال ۽ اھي پوکيل فصل ھئا جيڪي ٻڏي چڪا آھن ۽ اھي ئي سندن اميد جو محور ھوندا آھن . ھن وقت انھن جو الھه تلھه برباد ٿي چڪو آھي . انھن کان علاوه جيڪي ٻيا ماڻھو ٻڏا آھن اھي به بيحد ۽ غريب ۽ مال ۽ زراعت سان لاڳاپيل ۽ مزدورمارو ماڻھو آھن ، جن جو ڪو به والي وارث ڪونھي. انھن کي پ پ جا وڏيرا ۽ ڪامورا اھي ٽينٽ مڇردانيون به بنا ڪنھن وڏي ماڻھو جي چٺي جي نٿا ڏين ، جيڪي انھن لاءِ اعلانيا ويا آھن. ماڻھن جو مال مڇرن جي گھڻائي سبب بيمار ٿي مري وڃڻ جو امڪان آھي .
ان معاملي ۾ اقليتي نمائيندا به نظر نٿا اچن ، جن کي انھن جي واھر ڪرڻ گھرجي . ويچارا بيواھا ٻوڏ متاثر پنھنجون رليون ٽنگي انھن جي ڇانءُ ۾ ويٺا آھن . ان کان سواءِ سڀ کان اھم مسئلو انھن جي ڳوٺن وارن علائقن مان پاڻي جي نيڪال جو آھي . سياسي نمائندن ۽ انھن جي واٺن کي خدا جو خوف به ڪونھي ، اھي ھن بيحد ڏکي ويل انھن متاثرن جي امداد ۾ به کانچا ھڻي پنھنجا پيٽ ڀري رھيا آھن . ٻئي طرف وري پنھنجي ٻنين مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪٽ ھڻي مسڪينن جا گھر ٻوڙي رھيا آھن .
آخر انھن تي ڪو اخلاقي ضابطو ڇو نٿو نافذ ڪيو وڃي . يا ته سنڌ حڪومت کي کپي ته ٻوڏ متاثرن سان گڏ پنھنجي ڀوتارن جا پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪو الڳ سان پيڪيج ڏنو وڃي ته جيئن ھنن مسڪين دربدر ھٿين خالي ماڻھن جو حق انھن تائين پھچي سگھي . خدارا ھنن مسڪين مظلوم ماڻھن جي حالت تي رحم ڪيو وڃي. جيستائين انھن جي ڳوٺن ۽ ٻنين مان پاڻي نيڪال نه ڪيو ويندو ۽ انھن جي مسئلن جو ڪو مستقل حل نٿو نڪري سگھي . آخر ڪيستائين اھي پيٽ بکيا رستن تي پيا ھوندا . جتي مڇرن جو شديد آزار آھي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت ناھي ، بيٺل گندي پاڻي سبب بيماريون ڦھلجي رھيون آھن، جنھن ڪري انھن جي جانين کي خطرو آھي.
علائقي جي سڄاڻ ماڻھن جو چوڻ آھي ته پاڻي جي نيڪال جي قدرتي لنگھن جو مستقل حل ڪڍڻ کان اڳ عارضي طور ئي ٻڏل علائقن مان پاڻي ڪڍيو وڃي ته جيئن زمينون سڪي سگھن ۽ ٻوڏ متاثر پنھنجي علائقن ۾ وڃي روزگار کي شروع ڪن .
انھن ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو ھڪ وڏي مدي وارو پروجيڪٽ شروع ڪيو وڃي، جنھن ذريعي مرحليوار انھن کي مدد فراھم ڪئي وڃي. ٻوڏ متاثرين جي بحالي واري ڪم جي سخت نگراني ڪئي وڃي. انھن جي مري ويل مال ۽ ڊھي ويل گھرن جو معاوضو ڏنو وڃي. آبادگارن کي تباھه ٿيل فصلن جو معاوضو ڏنو وڃي ته جيئن ھاري توڙي ننڍا آبادگار نئين سر پنھنجي پيرن تي بيھي سگھن .
جڏھن کان ٻوڏ آئي آھي ڊگھڙي تعلقي جي ڪيترين يونين ڪائونسلن جا ڳوٺاڻا سڄيون راتيون جاڳي بندن تي پھرا ڏيندا رھن ٿا ، ڪٿي بندن کي پنھنجي مدد پاڻ تحت مضبوط ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رھن ٿا ، پراڻ ، ايل بي اوڊي توڙي مين اسپائنل ڊرين جي ڇوڙ وٽ پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري اڃان تائين ڪيترن ھنڌن تي گھارا پوندا رھن ٿا .
ماڻھو سخت مصيبت ۾ مبتلا آھن ۽ انھن کي ڪا واھر جي اميد نظر نٿي اچي . اھو سمورو جنجال ايل بي او ڊي جي غلط ڊيزائن وارن نون سم نالن ۽ انھن جي ڇوڙ واري ھنڌ جي ڪيپيسٽي نه وڌائڻ جي ڪري ٿي آھي . ان جو ڪير ذميدار آھي .
آخر ماڻھن ڪھڙو ڏوھه ڪيو آھي جو اھي ڪامورن جي غلطين جي سزا ڀوڳيندا رھن . اگر انھن کي ڪجھه ڏنو نٿو وڃي ته خدارا ڏکوئڻ کان پرھيز ڪيو وڃي . ويچارا ماڻھو پنھنجي سورن جي سامانن سان پنھنجي زندگي گھاريندا رھندا آھن، پر انھن جي سورن ۾ بيڏوھه بيگناھه اضافو نه ڪيو وڃي . ڪامورن ۽ ڀوتارن کي لغام ڏنو وڃي ته اھي آئينده عوام جي لاءِ سورن جو سبب نه بڻجن . ڪوئي دل تي ھٿ رکي ڏسي ته بيگھري ڪيڏو وڏو عذاب آھي . پنھنجا اجھا ، مال متاع فصل ، اناج سڀ ڪجھه وڃائڻ بعد ھي انسان آھن ،
جيڪي ڏينھن رات عذابن ۾ گھاري رھيا آھن . شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي جانشين جي حيثيت ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو اھو فرض آھي ته ھو پنھنجي حڪومت ، ان جي ڪامورن توڙي سياسي نمائندن کي سخت ھدايتون جاري ڪري ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ رليف جي ڪم کي شفاف بنايو وڃي ۽ ان لاءِ ھر ممڪن اپاءُ ورتا وڃن . ھي ٻوڏ متاثر ويچارا ڪراچي جي شھرين جيترا سگھارا ناھن ۽ نه ئي وري انھن جي دانھن قومي ميڊيا تي پھچي اوھان جو سک ڦٽائي سگھي ٿي ، پر ھنن جون اکيون ھن وقت صرف سنڌ حڪومت ۾ واھر جي آسري ۾ آھن،
پر ھميشه وانگي انھن کي ڪا گھڻي اميد ڪانھي ته انھن کي بنا ڪنھن سفارش ۽ پرچي جي مدد ملي سگھندي .
پر واڪا ڪرڻ مون وس ، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *