تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

وائرس خلاف پير فقير يا وظيفي جو آسرو

ڇا رڳو پي پي پي جي سنڌ حڪومت کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ عمران خان جي وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ٿي ڪري يا اپوزيشون جون پارٽيون عمران خان مٿان پريشر ٺاهي کانئس اهڙو فيصلو ڪرائڻ چاهيون ٿيون، جنهن جا خان حڪومت مٿان ٻه ناڪاري اثر پوندا هڪ اهو ته اڳ ۾ لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪري پوءِ ساڳئي لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪرڻ تي عمران خان تي “يوٽرن خان” واري چٿر ٿيندي ۽ گڏوگڏ ملڪ جي معيشت جيڪو ٽڪو پيسو ساهه کڻڻ شروع ڪيو هيو ان جو ڪم وري لهي ويندو، جنهن جو دٻاءُ به عمران خان مٿان ايندو پر عمران خان پاڻ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته کيس پاڻ کي يوٽرن وٺندڙ سڏائڻ ۾ ڪا برائي يا ڦڪائي نٿي محسوس ٿئي ۽ جيستائين مامرو معيشت جو آهي ته ملڪ لاءِ سڀني کان وڌيڪ ناڻو ڪمائيندڙ سنڌ صوبو ته صوبائي سرڪار اڳ ئي بند ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ گڏوگڏ عالمي مارڪيٽ به اڌ کان وڌيڪ بند ٿيل آهي، تنهنڪري وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ڪري يا نه پر سڄي دنيا جي معيشت تي جيڪي ناڪاري اثر پيا آهن يا اڃا اڳتي پوندا انهن اثرن کان پاڪستان ڪيئن آجو رهي سگهندو؟ ۽ هاڻ جڏهن پي ٽي آءِ جي پنجاب حڪومت به اڄ کان 14 ڏينهن لاءِ پنجاب ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ بلوچستان حڪومت اڳ ۾ لاڪ ڊائون ڪيوآهي ته باقي عمران خان ملڪ جي ڪهڙي بچي ويل علائقي ۾ لاڪ ڊائون جي مخالفت پيو ڪري؟ ظاهر آهي ته وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار اهو فيصلو عمران خان جي مرضي کانسواءِ ته نه ڪيو هوندو ته پوءِ وزيراعظم صاحب ڪالهه تائين لاڪ ڊائون جي مخالفت ڇو پئي ڪئي.ڇا هو بحراني صورتحال ۾ ڪنفيوز ٿي ويو آهي يا کيس ڪنهن “پير فقير” آسرو ڏنو هيو ته ڪجهه به ڪرڻ جي ضرورت ناهي “وظيفو” جاري آهي، ڪورونا وائرس جلد پاڻ ئي غائب ٿي ويندو !!؟
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جيڪڏهن گذريل سال جي هاڻوڪن مهينن ۾ سڄي دنيا ۾ رڳو نمونيا جي ڪري ئي فوت ٿيندڙن جا انگ اکر ظاهر ڪري ته اڄ ڪورونا وائرس جي ڪري خوف ۽ حراس ۾ ورتل دنيا ڪجهه نه ڪجهه سُک جو ساهه ضرور کڻندي، ڇاڪاڻ ته عام وائرل (زڪام،ڪنگهه)به جيڪڏهن حد کان وڌي وڃي ته ان سان نمونيا ٿي پوندي آهي جنهنڪري ڦڦڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ماڻهو فوت ٿي ويندو آهي.ساڳئي ريت ڪورونا وائرس ۾ موت به ڦڦڙن جي ڪم ڇڏي وڃڻ سبب ٿئي ٿو .هن مهل تائين سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيل ماڻهن جي شرح ڪُل مريضن مان چار سيڪڙو آهي، جنهن ۾چين، اٽلي ۽ ايران جا فوتي به شامل آهن، ڇا گذريل سال عام رواجي وائرل فلو جي ڪري نمونيا جو شڪار ٿيل فوتگين جي شرح 4 سيڪڙو کان گهٽ هئي!؟، ساڳي ريت پاڪستان ۾ هي ڪالم لکجڻ تائين 810 مريض ظاهر ٿيا آهن ۽ 6 مريض ان مرض سبب فوت ٿيا آهن، سو جيڪڏهن پنهنجي ملڪ جي آبادي 22 ڪروڙ آهي ته سراسري طور هڪ ڪروڙ آبادي مان 40 ماڻهن کي سردست ڪورونا وائرس جي تشخيص ٿي آهي، جنهن مان پڻ 95 سيڪڙو سخت بيمار ناهن ،يعني هن مهل ملڪ جي 22 ڪروڙ ماڻهن مان 40 کان 50 ماڻهن جي زندگي/طبيعت ان بيماري جي ڪري خطري هيٺ آهي ۽ سردست 22 ڪروڙ مان 6 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، اهي انگ اکر ڏيڻ جو مقصد اهو ناهي ته ان وائرس کي سنجيدگي سان نه ورتو وڃي، خدا پيو خير ڪري پر جيڪڏهن اسان جو صحت کاتو به گذريل سال کان پاڪستان ۾ نمونيا سبب مرندڙن جا انگ اکر عوام آڏو آڻي ته ماڻهن کي ٻنهي جي وچ ۾ ڀيٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي هتي آئون وضاحت ڪيان ته ڪورونا وائرس هڪ عالمي وبا آهي پر جيڪڏهن انگ اکر سامهون هجن ته پريشاني ۽ خوف ۾ گهٽتائي ٿيندي يا واڌارو ،ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هر سال دنيا يا اسانجي ملڪ ۾ نمونيا جي بيماري سبب مرندڙ مريضن جو انگ هن وقت تائين ڪورونا ۾ فوت ٿيندڙ مريضن کان وڌيڪ آهي ته به احتياط ضرور ڪجي پر دل کي ٽڪو پئسو تسلي ٿيندي ته اهو هر سال ٿئي ٿو پر هن ڀيري ان جو نالو مٽيل ۽ شدت سوائي آهي.
هي ڪالم لکڻ تائين سڄي ملڪ ۾فوج کي طلب ڪيو ويو آهي،منهنجي Gut feeling (اندازو)آهي ته هي سڄو معاملو صفا ختم نه تڏهن به اپريل جي پهرين هفتي ۾ ڪافي ٿڌو ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته ان وائرسي بحران مان جنهن کي به جيڪو فائدو يا ٻئي کي نقصان ڏيڻو هوندو،اهو ڪم ٿي چڪو هوندو۽ڄاڻ سڄي دنيا کي ٻڌايو ويندو ته ان موتمار وائرس جو علاج مليريا بيماري جي دوا سان ڪري سگهجي ٿو!!

Bookmark the permalink.

One Response to وائرس خلاف پير فقير يا وظيفي جو آسرو

  1. Mushtaq Memon says:

    Agreed

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *