تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

هن سال سنڌ ۾ ٻوڏ اچڻ جو امڪان

سنڌ ۾ ٻوڏ اچڻ ٻن ڳالهين تي منحصر آهي، هڪڙي اها ته ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ڊيم ڀرجن. ٻي اها ته درياهه ۾ وهڪرا ڪيئن آهن يا انهن جو رجحان وڌڻ تي آهي. يا گهٽ ٿيڻ تي. انهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي يا ناهي.
درياهن۾ وهڪرا: هن سال ڪجهه صورتحال اها آهي ته درياهن ۾ وهڪرا گهٽ هئا، ۽ ٻوڏ ته ٺهيو ڊيمن جو ڀرجڻ به ڏکيو نظر آيو. پر هينئر وهڪرا سڌري رهيا آهن. مثال طور سنڌو درياهه ۾ 13 اگسٽ تي تربيلا وٽ وهڪرو هيو ٻه لک 42 هزار ڪيوسڪ، انهي کي ڪابل درياهه مدد ڪري ٿو. جنهن ۾ 13 آگسٽ تي وهڪرو هيو 46 هزار ڪيوسڪ، ٻئي پاسي جهلم درياهه تي منگلا ڊيم وٽ وهڪرو هو 24 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه تي مرالا وٽ وهڪرو هو77 هزار ڪيوسڪ، جيتوڻيڪ اهي سٺا وهڪرا ناهن پر تنهن هوندي به وهڪرا سڌري رهيا آهن.
ڊيم جو ڀرجڻ
1 . تربيلا ڊيم تربيلا ڊيم جي فُل ڀرجڻ جي ليول آهي 1150 فوٽ ۽ انجي ڊيڊ اسٽوريج ليول آهي 1300 فوٽ. معنيٰ ان ۾ 250 فوٽ پاڻي ڀري سگهجي ٿو. پر ڊيم جي پاڻي ڀرڻ جي صلاحيت انهيءِ ڏينهن کان گهٽجڻ شروع ٿئي ٿي، جنهن ڏينهن کان رن ۾ پاڻي ڀرڻ شروع ڪجي ٿو. ڇو جو تري ۾ مٽي ويهي ٿي. تربيلا ڊيم جي صلاحيت 9.3 ملين ايڪڙ فوٽ هئي پر هوريان تري ۾ مٽي ويهڻ ڪري ان جي صلاحيت 37.5 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي، جيڪا ٿئي ٿي 3.48 ملين ايڪڙ فوٽ، معنيٰ هينئر صلاحيت رهجي وئي آهي 5.82 ملين ايڪڙ فوٽ. پهريون ان جي ڊيڊ اسٽوريج ليول هئي 1300 فوٽ پر ڊيم جو ترو لٽجڻ ڪري اها ٿي وئي آهي 1392 فوٽ. معنيٰ درياهه ۾ 92 فوٽ مٽي تري ۾ ويهجي وئي آهي. جيڪڏهن اپريل جي مهيني ۾ ڊيم کان ڏهه ڪلو ميٽر مٿي ويهجي ته درياهه جو دڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو مٿي 60-50 فوٽ ملين تائين مٿي وڃي ٿو. معنيٰ ايتري مٽي آهي جو ان جو ڪڍڻ ۽ 400 مٿي ٻنهي ٻاسن جي جبلن کان پري اڇلائڻ تمام ڏکيو ۽ خرچ وارو ڪم آهي.جيسيتائين ڀرجڻ جو تعلق آهي ان جي ليول 13 آگسٽ تي 1514.6 فوٽ ٿي وئي آهي. جنهن مان اهو لڳي ٿو ته ڊيم ڀرجي ويندو، اها ليول 1550 فوٽ هوندي.
2 . منگلا ڊيم منگلاڊيم جي فُل ڀرجڻ جي ليول 1202 فوٽ هئي پر سال 2013ع ۾ ان جي ليول 40 فوٽ مٿي ڪئي وئي، جنهن ڪري ان جي هاڻي فُل ڀرڻ جي ليول جي 1242 فوٽ آهي. ان جي ڊيڊ اسٽوريج ليول 1040 فوٽ آهي. معنيٰ ان ۾ هاڻي 202 فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. تربيلا ڊيم جي ڀيٽ ۾ جهلم درياهه ۾ گهٽ لٽ اچي ٿي، جنهن ڪري تربيلا جي ڀيٽ ۾ 7 سال اڳي ٺهڻ کانپوءِ به ان جي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هينئر رڳو 15 سيڪڙو گهٽي آهي. اها پهرين 5.3 ملين ايڪڙ فوٽ هئي پر هينئر اها 15 سيڪڙو گهٽجڻ ڪري 0.8 ملين ايڪڙ فوٽ گهٽي آهي. معنيٰ اها هاڻي 4.5 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي وئي آهي. پر 40 فوٽ ليول وڌائڻ ڪري اها هاڻي 3 ملين ايڪڙ فوٽ وڌي آهي. معنيٰ اها هاڻي 7.5 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي وئي آهي. جنهن مطلب اهو ٿيو ته منگلا ڊيم هينئر پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ڊيم ٿي ويو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ تربيلاڊيم پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ڊيم هو. تربيلاڊيم وانگر منگلاڊيم جي به ڊيڊ اسٽوريج ليول وڌي وئي آهي. هاڻي اها 1040 فوٽ مان وڌي 1050 فوٽ ٿي وئي آهي. معنيٰ جهلم درياهه جي تري ۾ 10فوٽ مٽي ويهجي وئي آهي. منگلاڊيم جي ليول 13 آگسٽ تي 1234.6 فوٽ ٿي وئي آهي. معنيٰ ڀرجڻ لاءِ رڳو 7.4 فوٽ پاڻي کپي. منهنجي خيال ۾ منگلاڊيم به فُل ڀرجي ويندو، معنيٰ اهو به پنهنجي فُل ليول 1942 فوٽ تي پهچي ويندو.
درياهن ۾ گهٽ وهڪرا هجڻ ڪري مون کي ٻوڏ اچڻ جو امڪان گهٽ لڳي ٿو. پر سنڌ جي بند مينيوئل مطابق جيڪڏهن بنگال نار ۾ هوا جو دٻاءُ گهٽ ٿئي ٿو ته پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي، جو گهٽ دٻاءُ ڪري جبلن تي تيز ۽ تکا مينهن پوندا، جيڪي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جو سبب ٿي سگهن ٿا.
بند مينيوئل: مٿي جڏهن بند مينيوئل جي ڳالهه نڪتي آهي ته انهي بابت ٻڌائڻ به ضروري آهي. سال 1898ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت هئي، ته هڪ انگريز انجنيئر مسٽر ڊاسن کي آمريڪا جي درياهه مس سس پي تي موڪليو ويو ته اهو اتي وڃي ڏسي ته آمريڪي ڪيئن ٻوڏن کي منهن ڏين ٿا. هو ٻه سال اتي رهيو ۽ اتي مس سس پي رور ڪميشن کان ايترو متاثر ٿيو ته سنڌ ۾ به انڊس رور ڪميشن ٺهرائي. تنهن کانپوءِ آمريڪي تجربي جي بنياد تي سنڌ ۾ بند مينيوئل تيار ڪرايائين. جيڪو وقت بوقت نئون ڪيو ويو آهي. ۽ هينئر هر ڪنهن انجنيئر وٽ سنڌ ۾ دستياب آهي. تازو سنڌ ۾ ايف پي بند کي ڇهه کنڊ لڳا آهن. انهي ڪتاب ۾ کنڊ لڳڻ جا سبب ڏنل آهن، جيڪڏهن انهن تي عمل ڪيو وڃي ته کنڊ نه لڳڻ کپن. جڏهن سنڌ ۾ هر ڪنهن انجنيئر وٽ اهو ڪتاب آهي ۽ انهن تي عمل ڪيو وڃي ته سنڌ ۾ کنڊ نه لڳڻ کپن. مان سنڌ وارن جي ڄاڻ لاءِ انهن ڳالهين جو ذڪر ڪندس جن جي ڪري بندن کي نقصان ٿي سگهي ٿو.
روڻ Leak: پهريون سبب آهي روڻ- ان ۾پاڻي بند مان سيمو ڪري بند جي مٽي کڻي زمين واري پاسي نڪري ايندو آهي، جيڪڏهن وقت سر ان جي ڄاڻ ملي وئي ته ان کي ڪنٽرول ڪرڻ سولو آهي، پر جيڪڏهن 3 کان 4 ڪلاڪ اها وهندي رهي ته پوءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو آهي.۽ کنڊ پئجي ويندو آهي. سال 2010 ع واري ٻوڏ ۾ چئن هنڌن تي کنڊ پيا. صرف ٽوڙي کي ڇڏي ٽنهي هنڌن تي انهن جو ڪارڻ روڻ هو. ٽوڙي تي کنڊ اوورٽاپنگ ڪري پيو. ٽوڙي جي کنڊ ڪري اتر سنڌ جو سڄو پاسو ٻڏو ۽ خيرپور ناٿن شاهه جو سهڻو شهر ٻڏو.
اوور ٽاپنگ over Topping ٻيو سبب آهي اوورٽاپنگ يعني درياهه جي پاڻي جو بند مٿان ورڻ. چون ٿا ٽوڙي وٽ بند تان مٽي کنئي وئي، انهيءَ لاءِ گهر ٺاهيا وڃن، انهيءَ مٽي کڻڻ جي نتيجي ۾ بند جي ليول گهٽ ٿي وئي ۽ درياهه ۾ ٻوڏ اچي وئي جنهن جي اميد ڪانه هئي. مٽي ڇو کنئي وئي ۽ ڇا انهيءَ وقت آبپاشي جو عملو ستل هو؟ جيڪڏهن بروقت ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته صورتحال اها نه ٿئي ها.
بلو آئوٽBlow out ٽيون سبب آهي بلو آئوٽ. اهو اتي ٿئي ٿو جتي زمين هيٺيان زمين وارياسي ٿئي ٿي. سنڌ ۾ اهي هنڌ سڃاتل آهن. اها سعيدآباد شهر جي ويجهو آهي. مان به اها سر زمين ڏٺي آهي. اتي هوريان هوريان هيٺين زمين مان پاڻي نڪرڻ شروع ڪري ٿو. ۽ پوءِ ٺڪاءُ ڏئي بند ٽٽي پوي ٿو ۽ کنڊ بڻجي وڃي ٿو.
هوا جي ڪري بند جو پائڻ wave wash چوٿون سبب آهي ويو واش، يعني هوا جي ڪري ڇولين جو پيدا ٿيڻ ۽ انهي ڇولي ڪري هوريان هوريان بند جو پائڻ. درياهه ۾ جڏهن چاڙهه ٿئي ٿو ته تيز هوا به هلي ٿي، جنهنڪي ڇوليون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي بند کي کائن ٿيون ۽ بند ڪمزور ٿي وڃي ٿو. انهن پائڻ ڪري ڪن هنڌن تي بند ايترو پائجي وڃي ٿو ته اتان کنڊ پئجي وڃي ٿو.
درياهه جي کاڌ Erosion پنجون سبب آهي درياهه جي کاڌ. درياهه ٻنهي بندن جي وچ ۾ ڇڙيو وهي ٿو ۽ ٻنهي پاسي ڦري گهري ٿو. جڏهن درياهه بند جي ويجهو اچي وڃي ٿو ته بند کي کائڻ شروع ڪري ٿو. هوريان هوريان درياهه بند کي ايترو کائي ٿو ته بند ۾ ڀڪون پوڻ شروع ٿين ٿيون ۽ کنڊ پئجي وڃي ٿو. اها کاڌ گهٽ وهڪري وقت ٿئي ٿي جڏهن درياهه جو ڪُل وهڪرو بند سان گڏ وهي ٿو. جڏهن درياهه ۾ وهڪرو وڌي ٿو ته درياهه جي سڄي پيٽ ۾ ڦلهجي وڃي ٿو. جنهن ڪري بند تي انهيءِ هنڌ دٻاءُ گهٽجي وڃي ٿو. سو اها کاڌ تڏهن ٿئي ٿي جڏهن درياهه ۾ وهڪرو گهٽ هجي ٿو ۽ پاڻي درياهه سان لڳو لڳ وهي ٿو.
بندن مان سيمو ڇهون سبب آهي بند مان سيمو. جڏهن بند تي گهڻو وقت پاڻي بيهي ٿو ته بند سمڻ لڳي ٿو، جنهن ڪري زمين واري پاسي بند ۾ ڀڪون پوڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ۽کنڊ پئجي وڃي ٿو. جيڪڏهن بند کي صحيح نموني ۾ پڪو COMPACT ڪيو وڃي ته انهي سبب کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
7- بند جو ويهڻ: ستون سبب آهي بند جو ويهڻ. انهيءَ صورت ۾ بند ۾ اڀا ڏار پئجي وڃن ٿا، جن مان پاڻي وَهڻ لڳي ٿو ۽ کنڊ پئجي وڃي ٿو.
بند سلوئس جو فيل ٿيڻ
بندن ۾ لوپ بندن ۾ پاڻي وهڻ ڪري بند سلوئس ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪا هڪ طرح جي ڪمزور پوائنٽ ٿئي ٿي. انهيءَ جي ڪنهن به پاسي پاڻي نڪري سگهي ٿو ۽ کنڊ پئجي سگهي ٿو. انهن جو ٻوڏ وقت تمام گهڻو خيال ڪرڻ کپي.
مکيه سبب: ٻوڏ واري وقت ۾ پاڻي ڏينهن رات وهي ٿو. آبپاشي کاتي وارن جو ڪم آهي ته هو به ڏينهن رات ڊيوٽي ڏين. ڪن هنڌن تي امن امان جو مسئلو ٿئي ٿو جنهن ڪري عملو رات جو ڊيوٽي نٿو ڏئي سگهي. انهن هنڌن تي جڏهن بندن کي اوچتو پاڻي لڳي ٿو ته رات جي وقت جڏهن بند تي عملو نٿو هجي ته روڻ پئجي سگهي ٿي، جيڪڏهن اها بروقت ڏٺي وڃي ته ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو پر جڏهن ڏسڻ رات جو ڪو ماڻهو ئي نه هوندو ته صبح تائين اها کنڊ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.
ٻي ڳالهه اها ته آبپاشي کاتي جا پراڻا داروغا ۽ بيلدار ريٽائرڊ ٿي ويا آهن. انهن جي جاءِ تي جيڪي نوان ماڻهو رکيا ويا آهن انهن کي بندن جي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڄاڻ ئي ڪونهي. اهي صحيح ڊيوٽي به نٿا ڏين.
منهنجي خيال ۾ ايف پي بند ۾ ڇهه کنڊ به مٿين ٻن سببن جي ڪري پيا. الله کان دعا ٿي ڪجي ته هن سال ٻوڏ نه اچي نه ته مٿين ٻن سببن ڪري کنڊ پوڻ جا تمام گهڻا امڪان آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *