تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

هر هنڌ ڦاٿل وفاقي سرڪار

هونئن ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڪراچي ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس کي هاڻي ٻن ڏينهن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر اهڙي پريس ڪانفرنس جا پڙاڏا هينئر تائين اقتداري ايوانن ۾ حوالي طور بحث جو حصو آهن. سينيٽر مولا بخش چانڊيو جڏهن اسلام آباد واري پريس ڪانفرنس ۾ بار بار چئي رهيو هو ته اسان جي مٿان ڪارڪنن جو دٻاءُ آهي ته بلاول ڀٽو سخت پريس ڪانفرنس ڇو نه ٿو ڪري تڏهن شايد مولا بخش چانڊيو کي اها خبر نه هئي ته اهڙي بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پ پ جا جيالا جيئي ڀٽو جي نعرن سان گڏ بلي بلي به ڪري رهيا هئا ته مولا بخش چانڊيو جي هلندڙ پريس ڪانفرنس دوران حڪومت جا ترجمان پنهنجو سخت رد عمل به ڏئي رهيا هيا.
اهو رد عمل اهڙو هو جو ٽي وي جي اسڪرين مولا بخش چانڊيو جي پريس ڪانفرنس بجاءِ شبلي فراز ڏيکارڻ تي مجبور ٿي چڪي هئي. بلاول ڀٽو جي سخت رد عمل جي پٺيان آخر ڪهڙا ڪارڻ هئا جنهن جي بنياد تي پ پ جا ڪارڪن نه پر پ پ جو چيئرمين صوبي جي وڏي وزير کي گڏ کڻي اهڙي پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هيو جنهن کي بلاول ڀٽو جي جذباتي پريس ڪانفرنس ۾ ڳڻيو ويندو. هونئن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي به جذباتي سڏيو ويندو هو اڪثر کانئس سوال به ٿيندو هو ته توهان جذباتي آهيو، جنهن جي موٽ ۾ ڀٽو صاحب وراڻيندو هيو ته مان جذباتي نه پر غيرت مند آهيان. پيپلزپارٽي جي ڪهڙي به اڳواڻ کان جذباتي بابت سوال پڇي ڏسو ته سندن جواب جي بجاءِ اهو سوال هجي ٿو ته اهو ڪهڙو پ پ جو اڳواڻ آهي جيڪو جذباتي ناهي پر هي معاملو انتهائي مختلف نوعيت جو آهي اهو ان ڪري جو پيپلزپارٽي گذريل پندرهن سالن کان جيڪا سياست ڪري رهي آهي اهڙي سياست پارٽي جي ڪارڪنن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن پيپلزپارٽي گذريل پندرهن سالن ۾سوين موضوع بحث هيٺ آندا آهن، مخالف ڌر جي چيمپئن سمجهي ويندڙ پارٽي فرينڊلي اپوزيشن جو پنهنجي لاءِ نعرو متعارف ڪرايو. اينٽي اسٽيبلشمينٽ کان پرو اسٽيبلشمينٽ تائين جو سفر ڪيو. عمران خان گڏجي صادق سنجراڻي کي سينيٽ جو چيئرمين چونڊرائيندي پنهنجي پراڻي ساٿي ميان رضا رباني جي چونڊ کان انڪار ڪيو پارٽي جي مٿان اقدار جي سياست بجاءِ اقتدار جي سياست جا الزام لڳندا رهيا. پنجاب اندر وڏي جدوجهد کانپوءِ ڪارڪنن منظور وٽو کان پارٽي قمر الزمان ڪائرا حوالي ايئن ڪرائي جيئن ڪراچي جو صدر ڊاڪٽر عاصم بجاءِ سعيد غني کي ڪرايو ويو.
ان سڄي عمل دوران پيپلزپارٽي ڀٽي صاحب جي بيانيي کان پري جو تاثر ڏيندي رهي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن کان اعتزاز احسن ۽ فرحت الله بابر جي بيانن بابت پڇيو ويندو هو ته جواب ايندو هو ته اهي پارٽي جا سينيئر اڳواڻ آهن پر اها سندن ذاتي راءِ آهي. اهڙي بيانيي دوران جڏهن بلاول ڀٽو پارليامينٽ اندر يا ٻاهر اهڙي قسم جي جذباتي تقرير يا پريس ڪانفرنس ڪري ٿو تڏهن پارٽي جي ڪارڪنن کي خوشي ته ضرور ٿئي ٿي پر اهو سوال بحث جي حوالي سان موجود هجي ٿو ته پيپلزپارٽي موجوده سياسي صورتحال اندر پنهنجا سياسي ڪارڊ کيڏندي ڇا پنهنجي نظرياتي بيهڪ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي يا نه. اهو ڏينهن به ياد ڪيو جڏهن مولانا فضل الرحمان جي اي پي سي ٿي رهي هئي تڏهن پيپلزپارٽي مٿان اهي الزام هئا ته متحرڪ تحريڪ هلائڻ تي پ پ سسٽم جي ويڙهجڻ جو خدشو ظاهر ڪري رهي آهي. هينئر پيپلزپارٽي وارن جو چوڻ آهي ته مولانا صاحب پ پ پ کي اهڙي تحريڪ دوران اعتماد ۾ نه ورتو هيو. بحرحال هينئر سوال اهو آهي ته بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ پيپلزپارٽي جو مزاج ڪيئن بيهندو. ان کان اڳ اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته عمران خان جي تحريڪ انصاف ٻه پارٽي نظام کي ٽوڙيندي هڪ ٽين مضبوط پارٽي جي دعويدار ٿي اڀري آهي جنهن جو بنيادي منشور ڪرپشن جو خاتمو رهيو آهي. پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ کي ختم ڪري ٽئين پارٽي طور اڀرڻ جو مقصد اهو به آهي ته مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ٻئي وڏيون پارٽيون ڪرپشن ۾ ملوث آهن پر بلاول ڀٽو عمران خان کي پهرين ڏينهن کان سليڪٽيڊ قرار ڏئي سندس ٽئين پارٽي جي طاقت ۾ اچڻ واري تاثر کي رد ڪيو، سندس بيانيي موجب عمران خان ايئن ئي سليڪٽيڊ آهي جيئن ان کان اڳ پرويز مشرف سان ق ليگ وغيره هونديون هيون. هينئر واري بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس ان تاثر کي به رد ڪري ڇڏيو آهي ته ڪو تحريڪ انصاف جي حڪومت صاف شفاف آهي. بلاول ڀٽو مطابق تاريخ جي ڪرپٽ ترين حڪومت عمران خان جي آهي هاڻي بلاول ڀٽو اهڙي بيانيي کي اڳتي کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه اهو هڪ الڳ بحث آهي پر عمران سرڪار هينئر ڪيترن ئي معاملن ۾ مڪمل طور تي ڦاسي پئي آهي. بي آر ٽي منصوبو ڪي اليڪٽرڪ اشو، کنڊ ڪميشن اشو، ٽين بلين ٽري ۾ ڪرپشن جون خبرون، ڪي پي جي اطلاعات واري صلاحڪار اجمل وزير کي هٽائڻ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ کي هٽائڻ، مالم جبا، اٽي جو بحران، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کان ويندي ڪيئي اشو عمران سرڪار کي گهيري چڪا آهن. ايتري قدر جو ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ پٺيان ڪهڙا سبب آهن کان وڌيڪ بلاول ڀٽو چئي رهيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ عمران خان پنهنجي دوست ابراج گروپ حوالي ڪئي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ اهو چيو پيو وڃي ته هر طرف عمران سرڪار شديد تنقيد جي ور چڙهيل آهي. عمران سرڪار اهڙي معاملي کان نڪرڻ لاءِ اپوزيشن کي وڌيڪ سوڙهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي 18هين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۾ ترميم به چاهي ٿي جنهن حوالي سان ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر نڪري به چڪي آهي. ايم ڪيو ايم جي بيريسٽر سيف سينيٽ ۾ آئين ۾ ترميم جا معاملا آڻي راز فاش به ڪري چڪو آهي جڏهن ته حڪومت پنهنجي هر محاذ ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي جي آءِ ٽي واري فلم لڳي ٿو هلندي ئي فلاپ ٿي وئي آهي علي زيدي جو جي آءِ ٽي جي رپورٽ وڊيو ظاهر ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بينظير ڀٽو صاحبا جي وصيعت جي اصلي ۽ نقلي هجڻ جو سوال اٿاريو آهي هاڻي جي آءِ ٽي اصلي ۽ نقلي واري بحث کانپوءِ علي زيدي وڃي وصيعت جي اصلي ۽ نقلي تي پهتو آهي جنهن جو مقصد آهي ته جي آءِ ٽي جو دڙڪو به نه هليو. ها مريم نواز وٽ اڃان ڪيتريون وڊيوز موجود آهن. اهو سوال تحريڪ انصاف وارن کي اڃان پريشان ڪري ويٺو آهي. قاضي فائز عيسيٰ معاملي تي اڳوڻو وفاقي وزير فروغ نسيم يا حڪومت خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ واري اشو تي اسد عمر جي صورت ۾ ڳالهين وارا به پاڻ هجن ٿا ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي ڪيمپن ۾ احتجاج ڪرڻ وارا به پاڻ هجن ٿا. نواز شريف واري معاملي ۾ به حڪومت کان ڪاميابي بابت سوال ٿي رهيا آهن. سمورن فرنٽس تي ناڪامي کانپوءِ جڏهن پرڏيهي سطح تي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي تڏهن سلامتي ڪائونسل اندر ملندڙ ووٽن کي سامهون رکي ان ڪاميابي واري بيانيي کي لطيفو قرار ڏنو ٿو وڃي. اهڙي سڄي صورتحال ۾ اهو بحث وڌيڪ ٿي رهيو آهي ته عمران خان پنهنجي ڪابينا کي 6 مهينن جو وقت ڏنو آهي يا مخالف ڌر وارن سليڪٽرن کي ڇهن مهينن جو وقت ڏنو آهي ته ڏسي وٺو پنهنجي سليڪشن. بلاول ڀٽو چيو پئي ته جيڪڏهن هو سنڌ جو دورو نه ڪري ها ته چونڊن ۾ انهن کي کٽرايو وڃي ها جيڪي 18هين ترميم تي سودو ڪن ها. بلاول ڀٽو هنيئر هڪ هفتو لاهور ۾ به رهي آيو آهي جڏهن ته شهباز شريف جي بيمار هئڻ جي ڪري بلاول ڀٽو ميدان ۾ وڌيڪ متحرڪ نظر اچي رهيو آهي. ان جو هڪ وڌيڪ سبب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي بار بار نيب راولپنڊي هيڊ ڪوارٽر گهرائڻ کان ويندي آصف علي زرداري جي وڊيو لنڪ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جهڙا اشو به سندس ذهن ۾ آهن. ان ڏينهن جڏهن اسان قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري کي ايف بي آر اچڻ واري معاملي کي رپورٽ ڪري رهيا هئاسين تڏهن حڪومتي ترجمان چئي رهيا هئا ته بلاول ڀٽو عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي.
ان سڄي صورتحال ۾ هن وقت تائين راند سليڪٽرن ۽ مخالف ڌر جي وچ تي نظر اچي رهي آهي ته عمران سرڪار جي ڪارڪردگي کي ڏسي وٺو، مراد سعيد بلاول ڀٽو کي مناظري جو چيلينج ڀل ڪري پر اصل مناظرو بيانيي جي صورت ۾ جاري آهي جتي چيو پيو وڃي ته اي پي سي يا تحريڪ جي ڪهڙي ضرورت آهي ايندڙ 6 مهينا رڳو انتظار ڪريو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *