تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

هاڻي ته گهٻرائڻ اسان جو حق آهي!

اڌ گابرو لاڪ ڊائون، بيماري، بيروزگاري، ادارن جي نجڪاري، مهانگائي، ميڊيا تي پابندي، سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ، ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي تي راتاهي جهڙن فيصلن هونئن ته هرڪنهن کي نيازي حڪومت کان بيزار ڪيو هو پر پب جي راند تي پابندي سان هاڻ ٻار به عمران خان تي ڏمريا ٿا وتن. تبديلي ته آئي پر عام جي ڳچي ۾ پوڻ لاءِ. نئون پاڪستان ته ٺهيو پر وڏن سرمائيدارن،  عسڪري ، سول ڪامورن ۽ انهن جي ڇانو ۾ پلجندڙ  لبرل سياستدانن ۽ مذهبي انتهاپسندن لاءِ. باقي خلق لاءِ ٺلهو آسرو ته “گهبرانا نهين هي”. پر موٽ تي دربدر ۽ خوار ٿيندڙ خلق هاڻ واجب طور چئي ٿي ته “نهين جي، هُڻ تي سانون گهبرائڻ دي،  ساڊا حق بڻدا سي”. عوام اڃان پنهنجي بي اعتباري ته ونڊي ٿو پر پنهنجي ڪاوڙ کي اڃان سياسي رنگ نه ٿو ڏئي. امڙ ٻڌائيندي آهي ته ايوب جي دور ۾ هڪ رپيو کنڊ وڌي ته ماڻهو روڊن تي نڪري آيا  پر هاڻ عمراني حڪومت هڪ ڌڪ سان 25 رپيا پيٽرول مهانگو  ڪري به مسند تي ويٺل آهي.  رات پيٽ ۾ نئون  اشو پيدا ڪبو  ۽ عام کي ان  بتي پويان لڳائي ڇڏبو.   اڳ ڪنهن کي کڻي لڳو  به پئي ته  “جنهن جي چيچ، وڏن هٿ ۾ تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو.” پر  حقيقت اها آهي ته ڪنهن ٻئي جي ٽيڪ تي بيٺل ڪنڌ،  ڪنواٺيون ته هونئن  ئي ناهن کڻي سگهندا  ۽ جڏهن اهي توازن وڃائيندا آهن ته پنهنجي سهارن ۽  بيساکين سميت پٽ تي اچي پوندا آهن. اهو ئي ڀوءَ آهي جيڪو هاڻ “مائنس ون واري خبر” جي صورت ڌاري اقتداري حلقن منجهه گهمي پيو. جاويد هاشمي جي ڳالهه وانگي ته “اسٽيبلشمينٽ جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ ايترو خوار ڪونه ٿي هئي جيترو ، عمران حڪومت کي بچائڻ ۾  ٿي رهي آهي”. سو حڪمرانن جي رڌڻي ۾ رولو ته آهي. ڪجهه سياسي اڳڪٿيون ڪندڙن جو خيال آهي ته هاڻوڪي حڪومت ۽ عمران سيريز جي خالقن ۽ وقت جي مظهر ڪليم ايم اي ۽ ابن سفي کي شايد هڪ پراڻي چوڻي  هاڻ پلئه پئي آهي ته چريي کي نه ڪجهه چئجي ۽ نه ان کان چورائجي. پر ڪجهه ٻين اڪابرن جو چوڻ آهي ته هاڻ چريو به وزيراعظم جو چوغو آسانيءَ سان لاهيندو ڪونه پوءِ ڀلي اهو  ڦيريون ڏئي پاڻ ڇو نه ڦاڙهي وجهي.  اسانجي ڳوٺ جو هڪ مزاحيه دوست آهي. استاد مجن. هڪ ڏينهن همراهه ڪنهن ڪمزور کي ساڻ ڪيون بازار ۾ لنگهيو ٿي ته اسان ساڻس گڏجي وياسين. جيڪو سوال پڇون ته جواب ۾ اونڌي ۽ غلط ڳالهه ڪري. اسان وري اعتبار نه ڪيون ته پنهنجي ڪمزور جوڙ ڏانهن بس هڪ نهار ڪري، هو وري اڌ ٻوٽيل اکين ته هٿ رکي چوي  ته“ الله جو قسمان، ڀائو سهي ٿو چئي”. اها ڪار جڏهن ٻه ٽي دفعا ٿي ته اسان چڙي پياسين ته هي ڪهڙو ڊرامو ڪيو اٿئي. موٽ ۾ استاد مجن چيو ته “ادا هي پاسي وارو هيروئني منهنجو سوٽ آهي.  مهيني تي ٽي سو رپيا ڏيندو آهيانس ۽ ڪوڙا قسم هن کان کڻائيندو آهيان” سو خان صاحب جهڙي حوالي ۽ موالي مڙس به اسٽيبلشمينٽ جي ڍڪ ۾ پئي سالن کان  کوڙا قسم کنيا آهن.اهو پنهنجي قيمت پوري وٺندو نه ته سڀ جي ڪجهه کُل ڪري سڀ  جي کَل  ڏچي ۾ وجهندو. اهو واپاري جهانگير ترين هو  جيڪو  ٻه رپين جو  نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ به وات تي هٿ رکي سگهيو ٿي. ايئن به ناهي ته اسٽيبلشمينٽ کي عمران جي صورت ۾ ڪا ڪڙي گوري کائڻي ٿي پئي، اها به پنهنجي انوکي لاڏلي کي کيڏڻ لاءِ وزارت عظميٰ جو چنڊ ڏئي جيڪو ڪرڻ گهري ٿي سو آرام سان ڪري ٿي.  ٻاهريون ۽ اندروني پاليسيون ته هونئن سندن هٿ رهيون آهن پر هاڻ ته حاضر سروس وارا به عوامي ادارن مٿان سڌي ريت ويٺا آهن. اهي ۽ سندن سويلين پٽي ڀائي( نوڪر شاهي)  اسٽيل مل ۽ پي آءِ اي جهڙن عوامي ادارن  کي ماڪڙ وانگر کائي، پوءِ ادارن کي خوار خراب ڪري هڪ هٿ سان کپائيندا آهن ۽ ٻئي هٿ سان وري هم طبقي ماڻهن ذريعي سستو خريد ڪندا آهن. ريلوي جي تباهي ۽ نجڪاري مان انهن کي سڌو فائدو پئي يا نه پر اين ايل سي جي وڌڻ ويجهڻ سان ته کين سڌو فائدو ضرور ٿئي ٿو. سو اسٽيبلشمينٽ  به پنهنجي آقائن کي ڏسندي طاقت تي پنهنجي پڪڙ کي ڏينهون ڏينهن وڌائي ٿي. ٿورو غور ڪري ڏسجي ته اهو سڀ ڪجهه هڪ عالمي رجحان ڏانهن پڻ اشارو ڪري ٿو. عالمي طاقتون به وبا جي آڙ  ۽ معاشي لاٿ جي دور  ۾ ويتر سخت فيصلا وٺي پنهنجي طاقت کي وڌائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.  چين 2018ع ۾ صدر مٿان ٻن مدن جي پابندي وارو اصول ختم ڪري ، زي جن پنگ لاءِ رستا کولي ڇڏيا، تازو روس به صدر پيوٽن کي 2036ع تائين پنهنجو اڳواڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آمريڪا پنهنجي جمهوريت منجهان ڪيئن رستو ٿو ڪڍي اهو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سامهون ايندو پر پاڪستان به اهڙو ئي ڪجهه فيصلوڪري ورتو آهي. جيئن ته هت سياسي قيادتن جي هٿ ۾ طاقت جي علامت، ۽ اصل طاقت انهن ادارن وٽ هوندي آهي، تنهن ڪري انهن به ايڪسٽينشن وٺي پاڻ کي پڪو ڪيو آهي. ايئن عالمي توڙي ڏيهي سطح تي جيڪڏهن نظر وجهون ٿا ته  جبر ۽ معاشي استحصال جون پاليسيون ساڳيون آهن ۽ ويتر انهن ۾ شدت پئي اچي، نتيجي طور سرحدن تي يا هيٺان کان پيدا ٿيندڙ ڪنهن امڪاني اٿل پٿل کي منهن ڏيڻ جي  تياري پڻ زور پئي وٺي. پنهنجي ملڪ جي سماجي دائري کي ئي جيڪڏهن ڏسون جتي پڻ   عوام جو سخت معاشي استحصال، قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري پاليسيءَ  جيئن جو تيئن جاري نظر ايندي.  سو  وزارت اعظميٰ جي سيٽ تي کڻي ڪير به هجي پر عام جا سور ان تبديليءَ سان هيڏانهن هوڏانهن ڪونه ٿا ٿين. اڃان ٿورو گهرو جائزو ٿا وٺون.
آمريڪا لاءِ چوندا آهن ته اتي توهان پارٽي بدلائي سگهو ٿا پر ملڪ جون پاليسيون نه. چين لاءِ اهو ته توهان ملڪ جي پاليسي بدلائي سگهو ٿا پر پارٽي نه. ان تناظر ۾ پاڪستان لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته اوهان ملڪ جو وزيراعظم بدلائي سگهو ٿا پر خزاني وارو وزير نه. ڇاڪاڻ ته اهو اسانکي قرض جي شرطن ۾ عالمي بينڪ کان  ملندو آهي. تنهن ڪري حيرت نه کائجي ته جيڪڏهن اسانکي پي پي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت سميت  سڌي آمريتن ۾ ساڳيو ماڻهو ساڳئي عهدي تي ملي ٿو . سو  وزيراعظم جيڪو به هجي پر بجيٽ،ٿوري گهڻي فرق سان اها ئي پيش ٿيندي، سڄي ڪئي ڪمائي چوڪيدار جي ورتل قرضن ۽ ذخيرو ٿيندڙ گندرف جي ورچڙهندي. عام جي صحت ۽ تعليم تي ويتر منڌيئڙو پائبو. سبسڊي به ضرور ڏبي پر هارين، ننڍن آبادگارن، مزدورن ۽ ننڍي صنعت کي نه پر زرعي ۽ صنعتي شعبن جي مافيائن کي. مدد ڪبي پر آمريڪا جي، پاڻ وٽ وبا هوندي به ماسڪ ۽ سينيٽائيزرن سان ڀريل جهاز اوڏانهن موڪلبو باقي پنهنجي ماڻهن لاءِ صابڻ ۽ سينيٽائيزرن مٿان پيل سيلز ٽيڪس به ڪونه هٽائبو . ان باوجود ماڻهن کي چئبو ضرور ته اهي پنهنجو ۽ ايس او پيز جو خيال رکن ۽  جيڪڏهن وبا پوءِ به وڌي ته وري به ڏوهه بک ۽ بيماريءَ جي چڪي پيهجندڙ عام ماڻهن کي “جاهل” چئي ڏبو.
پهلي تو هوش ڇين ليي، ظلم و ستم سي
ديوانگي ڪا ڦر همين الزام ديا هي
دوست نثار چانڊيو سنگت ۾ ويٺي ڪافي سال اڳ سنڌ ۾ آيل هڪ زلزلي جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن زلزلو آيو ته ڪنهن جاءِ ويٺل سڀ همراهه ڇت هيٺان نڪري،  ٻاهر ڀڳا ته آخر ۾ چانهه ڪاڙهيندڙ به ديڳڙي کڻي ٻاهر نڪتو. سڀ ڪنهن چيس ته اڙي هن مهل ته ماڻهو پنهنجي  سر جي ڪري يا  چانهه واري ديگڙي بچائيندو وتي؟. تنهن تي همراهه بيزاريءَ وچان چيو ته “ ادا وري به مونکي ئي ڪاڙهڻي پئي ها”. سو زلزلو به اسانکي انهن سورن کان آزاد نه ٿو ڪري جيڪي اسانجي جيءَ کي لڳل آهن هي ته پوءِ به ڪورونا آهي.

Bookmark the permalink.

One Response to هاڻي ته گهٻرائڻ اسان جو حق آهي!

  1. حڪيم جروار says:

    زبردست واھ جو تازي صورتحال کان آگاھ ڪيو اٿو مسنگ پرسن تي سنڌ حڪومت پ پ به جوابدار آهن هنن ڌاڙيلن کي آخر ڪير روڪيندو وري به ڪنهن ….جو انتظار ڪجي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *