تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

نيب جا سوال, مريم نواز جا جواب

مريم نواز جي نيب لاهور واري آفيس طلبي کان اڳ، “ڪٿي آهي حڪومت ۽ ڪٿي آهي مخالف ڌر” جهڙي صورتحال لڳي پئي هئي، لکڻ پڙهڻ ۽ سوال ڪرڻ ڄڻ ته ورجاءَ جي دائري ۾ اچي رهيو هيو ڪڏهن ٿيندي اي پي سي وارو سوال طنزيه انداز ۾ ٿي رهيو هيو. شيخ رشيد چئي ڇڏيو هو ته نواز شريف ڊيل ذريعي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي جنهن ڪري مريم نواز هاڻي خاموش آهي. پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت آهي عمران خان کي گهر موڪلي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ سان فائدو گهٽ ٿيندو اين ايف سي ايوارڊ جي صورت ۾ سنڌ گهڻو ڪجهه وڃائي ويهندي جنهن ڪري مولانا فضل الرحمان کان علاوه نيون چونڊن وارو آپشن ٻن وڏين پارٽين لاءِ فائديمند نظر نه پئي آيو خاص طور تي اهڙي وقت جڏهن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ مائينس ون جون ڳالهيون ڪري ۽ باقي ملڪ معيشت جي صورتحال کي سامهون رکندي اهو به خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو ته جيڪڏهن مخالف ڌر گهڻو وقت ڪنهن هڪ پيج تي نظر نه آئي ته عوام جو رد عمل حڪومت بدران مخالف ڌر طرف ٿي ويندو. هڪ ڏينهن اڳ ئي شاهد خاقان عباسي کي مسلم ليگ ن وارا سمجهو ته پرچائي اچي پارلياماني اجلاس ۾وٺي آيا هئا. شاهد خاقان عباسي مريم نواز جي خاموشي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وراڻيو ته مريم نواز پارليامينٽ جو حصو ناهي ان ڪري خاموش آهي. اهڙي مرحلي دوران جڏهن شيخ رشيد اهڙو تاثر ڏئي ته نواز شريف ملڪ کان ٻاهر آهي يا مريم نواز خاموش آهي ته اهو سڀ ڊيل جو نتيجو آهي ته نيب کي به نوٽيس جي صورت ۾ چرپر ڪرڻي پئجي وئي جڏهن ته معاملي کي توازن ۾ آڻڻ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي به طلب ڪيو ويو پر نيب جي اهڙي نوٽيس ملڪ جي سياسي منظر کي اهڙو متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو رد عمل دير تائين نظر ايندو. وفاقي وزير شبلي فراز جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ته نيب مريم نوازکي سوالن جي جواب لاءِ گهرايو هو ته يارنهن سئو ڪئنال زمين توهان ڪٿان آندي جڏهن ته توهان پاڻ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ چونديون رهيون آهيو ته لنڊن ته پري پر ملڪ اندر به منهنجي ڪابه ملڪيت ناهي. مريم نواز آئي هئي ته اهڙن سوالن جا جواب ڏئي ها هاڻي خبر ناهي ته نيب جيڪڏهن مريم نواز کي آفيس اندر گهرائي سوال ڪري ها ته ڪهڙا سوال ڪري ها ڇو ته بقول مريم نواز جي ته پهريان به خالي اهو پڇندا رهيا ته ڪهڙا ڪتاب پڙهي رهيا آهيو، ليکڪ ڪهڙو پسند آهي. خير نيب جا مريم نواز کان ملڪيت بابت ٿيندڙ سوال ته رهجي ويا پر مريم نواز پنهنجي ڊگهي خاموشي کانپوءِ جيڪي جواب ڏنا آهن، اهڙن جوابن کي حڪومت خلاف چارج شيٽ جيان تصور ڪري سگهجي ٿو. مريم نواز چيو ته مان خاموش هيس ته رڳو انهي ڪري جو ميان صاحب جي علاج ۾ رڪاوٽ پيدا نه ٿئي جيڪڏهن ڳالهايان ها ته ميان صاحب کي نقصان ٿئي ها اسان کي زنده ليڊر کپن، مرده نه، سندس چوڻ هو ته هن پاڻ ڊاڪٽرن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون جنهن ۾ ميان صاحب جي صحت جي حوالي سان چيو پئي ويو ته خبر ناهي ٻيهر ڏسي سگهون يا نه، مريم نواز جو اهو چوڻ هيو ته انساني همدردي جي بنياد تي نه پر عمران خان پاڻ تي رحم ڪري ميان نواز شريف کي وڃڻ ڏنو ته جيڪڏهن ميان صاحب کي ڪجهه ٿيو ته سندس صورتحال ڇا بيهندي.؟
مريم نواز پنهنجي نيب طلبي کي به واضح لفطن ۾ چيو ته کيس جسماني طور نقصان پهچائڻ جي ڪوشش هئي هن پنهنجي خير خيريت سان هئڻ جو هڪ سبب بليٽ پروف گاڏي جي هجڻ کي قرار ڏنو پنهنجي موبائيل ذريعي گاڏي اندر جي صورتحال پاڻ رڪارڊ ڪندي رهي نيب آفيس اچڻ کان اڳ پنهنجي والده جي قبر تي بلڪل ايئن وئي جيئن ملڪ کان ٻاهر وڃڻ وقت يا لنڊن کان واپسي وقت ميان نواز شريف جون والده جي پيرين پوڻ واريون تصويرون به منظر تي آيون هيون. انهي کان اڳ بلاول ڀٽو به اهو بيان ڏنو هيو ته موجوده حڪومت آصف زرداري کي مارائڻ گهري ٿي، شبلي فراز پنهنجي بيان ۾ چيو هيو ته تحريڪ انصاف جي سياست جو اهڙو طرز عمل رهيو ئي ناهي.
مريم نواز پنهنجي گاڏي مٿان پٿراءَ واري صورتحال کي طئه ٿيل ڊرامو قرار ڏئي رهي هئي مريم نواز جو چوڻ هيو ته جيڪڏهن پٿر اسان پاڻ کڻي آيا هئاسين ته ڇا پاڻ ڪارڪنن کي پوليس جون ورديون پارائي پنهنجي گاڏي تي پٿراءُ ڪرائي رهيا هئاسين، اهو سڄو ڊرامو آهي، پنجاب پوليس به ايئن ناهي ڪندي، مريم نواز جڏهن اهڙو ذڪر ڪري رهي هئي تڏهن قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ بيگم نصرت ڀٽو مٿان پوليس لاٺي چارج جا منظر ياد پئي آيا. مريم نواز نيب جي حوالي سان چيو ته سوال پڇڻ جو حق انهن کي آهي جن جو ڪردار هجي، نيب جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي ريمارڪس کان وٺي هيومن رائيٽس جي رپورٽ پڙهي ڏسو ته اهي نيب جي باري ۾ ڇا ٿا چون. مريم نواز اهو سوال به اٿاريو ته آخر گرفتاري اهڙي وقت ڇو ٿي هجي جڏهن ملڪ اندر سياسي هلچل هوندي آهي. سندس خيال ۾ پهريون ڀيرو جڏهن گرفتار ڪيو ويو ته تڏهن ملڪ اندر چونڊون هيون، مسلم ليگ ن جي مرڪزي قيادت کي چونڊن کان ٻاهر رکي منظم ڌانڌلي ڪئي وئي ٻيو ڀيرو تڏهن گرفتار ڪيو ويو جڏهن ملڪ مان زبردست جلسا ڪري رهي هيس، هينئر ويٺي ويٺي هنن کي خيال ڇو آيو ڇو جو مسلم ليگ ن جي مقبوليت ۾ بيپناهه اضافو ٿي رهيو آهي. مريم نواز ڊيل واري تاثر کي رد ڪندي چيو ته بيانيو اڄ به نواز شريف جو ئي آهي ته “ووٽ کي عزت ڏيو” انهي بيانيي ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي هڪ پارٽي جي اندر ڪيترين ئي پارٽين جي راءِ کي رد ڪندي سندس چوڻ هيو ته راءِ سڀني جي الڳ الڳ ٿي سگهي ٿي پر اڳواڻ سڀني جو هڪڙو نواز شريف آهي. مريم نواز جي واپسي وارو سوال صرف اهم ناهي ته هو جنهن طريقي سان ڪارڪنن جي هجوم ۾ نيب آفيس آڏو آئي اهو منظر ڪيترو پارٽي ڪارڪنن لاءِ متحرڪ ڪندڙ مرحلو هوندو پر سوال اهو به انتهائي اهم هيو ته ڇا مريم نواز جڏهن ڳالهائيندي ته سندس بيانيو جي ٽي روڊ وارو “ووٽ کي عزت ڏو” وارو هوندو يا ان ۾ تبديلي ايندي. ڇا مريم نواز پنهنجي والد ۽ پنهنجي خاموشي کي سياسي يوٽرن سڏيندي يا پنهنجي خاموشي کي پنهنجي بيانيي سان ڳنڍي اڳتي وڌائيندي مريم نواز پنهنجي بيانيي کي ساڳئي جڳهه تان اڳتي وڌايو آهي. سوال اهو به آهي ته جنهن نواز شريف ۽ مريم نواز جو لنڊن کان واپس لاهور پهچي سڌو جيل وڃڻ دوران استقبال نه ٿيو ان مريم نواز جو نيب لاهور آفيس ٻاهران ايترو استقبال ڪيئن ٿيو. سوال اهو به آهي ته ساڳئي نيب ڪورونا وائرس واري صورتحال ۾ شهباز شريف کي گهرائڻ جو فيصلو ڪرڻ کانپوءِ نه اچڻ تي سندس گهر جو گهيراءُ ڪيو ان ساڳئي نيب مريم نواز کي ٻئي دفعي اچڻ جو نوٽيس ڇو جاري ڪيو جيڪا نيب شهباز شريف کي ڳوليندي رهي ساڳي نيب آفيس آڏو مريم نواز نيب وارن کي ڇو للڪاريندي رهي ته همت اٿو ته آفيس اندر گهرايو سوال ڪيو.
مريم نواز عمران خان جي ٻيڙيون ساڙي اڳتي وڌڻ واري بيانيي کي به مڪمل رد ڪندي چيو ته عمران جي بيانيي جو مقصد آهي ته ايترو ظلم ڪري چڪو آهيان جو هاڻي واپسي جو رستو ناهي.
مريم نواز چواڻي عمران خان جي حڪومت ملڪ جي اندروني سطح تي ئي رڳو نه پر عالمي سطح تي به ناڪام ٿي آهي، سعودي عرب سان تازا تعلقات ڏسو او آءِ سي جي حوالي سان موقف ڏسو، ڪشمير جي صورتحال ڏسو، هڪڙو وقت هيو ته ساڳيو انڊيا جو وزيراعظم مودي لاهور ۾ نواز جي گهر ايندو هيو هينئر ساڳيو مودي عمران خان جو فون به اٽينڊ نٿو ڪري. اصلي ۽ مصنوعي وزيراعظم جو اهو فرق آهي صرف نقشي ۾ ڪشمير کي شامل ڪرڻ يا روڊ جو نالو تبديل ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ايئن هجي ها ته اسان به ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ بجاءِ ٻن منٽن جي خاموشي وارو احتجاج ڪريون ها ملڪ جي اندروني حالت اهڙي آهي جو ماڻهن کي اٽو نٿو ملي.
مطلب ته جيڪا مريم نواز نيب جي ڪٽهڙي ۾ سوالن جا جواب ڏيڻ آئي هئي ان مريم نواز نه رڳو نيب کي پر موجوده حڪومت کي به سوالن جي صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. سندس خيال ۾ عمران خان جنهن به پراجيڪٽ جو افتتاح ڪري ٿو اهو نواز شريف جو شروع ڪيل هجي ٿو سندس خيال ۾ پنجاب اندر مسلم ليگ ن جي مقبوليت ۾ بيپناهه اضافو ٿي چڪو آهي عمران خان ڪنهن نظريي سان نه پر نواز شريف فوبيا ۾ ورتل آهي، مريم نواز اها ڳالهه به اهم ڪئي ته اي پي سي واري معاملي تي ميان نواز شريف واضح هدايتون ڏنيون آهن، مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ گڏ هونداسين. گذريل ڏينهن ته شهباز شريف بلاول ڀٽو کي اڳواڻي جي آفر ڪري رهيو هيو جيتوڻيڪ نيب مريم نواز کي گهرائي پنهنجي ڪنهن به ڊيل واري تاثر کي رد ڪرڻ گهريو پئي پر اهڙي عمل نه رڳو مسلم ليگ ن جي بيجان جسم ۾ جان وجهي ڇڏي آهي پر مهينن کان منجهيل صورتحال ۾ ورتل ڪارڪنن کي هڪ ڀيرو وري ساڳئي جي ٽي روڊ تي آڻي بيهاري ڇڏيو آهي جتي نواز شريف ۽ مريم نواز اڳواڻي ڪندي راولپنڊي کان لاهور وڃي پهتا هئا. هينئر مريم نواز جو چوڻ آهي ته نواز شريف پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن مريم نواز اهڙو جملو چئي رهي هئي تڏهن پريس ڪانفرنس دوران مرڪزي ڪرسي تي هو پاڻ ويٺي هئي ته هڪ طرف شاهد خاقان عباسي ته ٻئي طرف راڻا ثناءُالله ويٺا هئا ۽ ڪارڪن تيري آواز ميري آواز مريم نواز جا نعرا هڻي رهيا هيا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *